fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

رئيس وڏي جي قيدي سرڪار ۽ سنڌ جا نصيب…!

وفاق ۾ 5 سال ۽ سنڌ ۾ 15 سال جاهه و جلال سان حڪمراني ڪندڙ ”رئيس وڏي“ جي سنڌ سرڪار پنهنجي مالي سهولتڪارن ۽ خاص ڪامورن سوڌو قيدي بڻجي چڪي آهي، جنهن جو وزيراعليٰ ۽ ڪابينا جا امتياز شيخ ۽ مڪيش چاولا جهڙا وزير به هاڻي ملڪ کان ٻاهر نه ٿا وڃي سگهن ۽ نه وري پارٽي جي قيادت بلاول ڀٽو سميت پاڪستان کان ٻاهر وڃي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته مٽياري ڄائي ۽ پ پ سرڪار جي عتاب جو شڪار رهندڙ پوليس آفيسر بشير ميمڻ جي سربراهي ۾ ڪم ڪندڙ ايف آءِ اي جيڪي جي آءِ ٽي ۾ جعلي اڪائونٽس جا رڪارڊ ٽوڙ ثبوت پيش ڪيا، انهن هڻي هنڌ ڪيو. هي اهو بشير ميمڻ آهي، جنهن تي پ پ جو ”رئيس وڏو“ صرف ان ڪري ڏمريو ته هو اسماعيل ڏاهري جي فرمائش تي خان محمد ڏاهري کي گرفتار ڪرڻ نه ويو. وقت ڦيرو ئي نه کاڌو جو چند سالن کانپوءِ ان ئي خان محمد ڏاهري کي پ پ لاڏ ڪوڏ سان پنهنجي صفن ۾ آندو ۽ اسماعيل ڏاهري تي ڪيس داخل ڪري کيس اهڙو ئي جوابدار بڻايو ويو، جهڙو پهرين محمد ڏاهري هو. بشير ميمڻ جي اها غلطي سندس سنڌ بدري شامل ٿي، حيدرآباد جي ڊي آءِ جي جي عهدي تان کيس هٽائي وفاق اماڻيو ويو، جتي هو ڪافي عرصي تائين آزاد ڄمون ڪشمير جو آءِ جي رهڻ بعد آخر ڪار ايف آءِ اي جي اهڙي ڪرسي تي اچي ويٺو، جيڪا اڳتي هلي پ پ قيادت خلاف مني لانڊرنگ،ڪرپشن جي جاچ ڪرڻ لڳي. پ پ جيڪا پاڪستان اندر جمهوري قوتن، آمريتن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ، لبرل، روشنخيال ماڻهن جو سهارو سمجهي ويندڙ پارٽي هئي، جنهن جي کاتي ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي شهيد بينظير ڀٽو تائين قربانين جي لسٽ هئي، تنهن جي کاتي ۾ هاڻي موجوده قيادت دوران ڪرپشن، ڪوڙن، اڪائونٽس ذريعي اربين اچڻ جي اهڙي ته لسٽ ظاهر ٿي آهي، جو دماغ گهوماٽجي ٿو وڃي. بلاول هائوس، جيڪو بلاول جي ڄمڻ تي مبين جماڻي بينظير ڀٽو کي تحفي طور ڏنو هو، اهو 120 گز جو بنگلو ڏسندي ڏسندي ايڪڙن ۾ پکڙجندو ويو، واڳونءَ وانگر سواءِ اڳوڻي جج فخر الدين جي ابراهيم جنهن کي پ پ وارا ”فخرو ڀائي“ سڏيندا هئا، ان جي بنگلي جي باقي سڀ بنگلا بلاول هائوس جي پيٽ ۾ هليا ويا، بلاول هائوس ايڪڙن تي ٻڌل بادشاهي محل بڻجي ويو. جي آءِ ٽي ڄاڻايو آهي ته اهي بنگلا جيڪي اڌ موڙي رقم تي بلاول هائوس ڳڙڪايا، اها رقم به انهن جعلي اڪائونٽس ذريعي ادا ڪئي وئي، جنهن رقم مان بلاول هائوس جو ڪچن، ڀاڙا خرچ، سفري سهولتون، گاڏيون ۽ ٻيا خرچ ادا ڪيا ويا. مون ڪالهه سنڌ جا روڊ، رستا عمارتون ٺاهيندڙ انهن ٺيڪيدارن جي لسٽ پئي ڏٺي، جن رقمون انهن جعلي اڪائونٽس ۾ جمع ڪرايون جيڪي ڪوڙن نالن سان هئا، انهن ۾ ٻيا وڏا ٺيڪيدار ۽ ڪمپنيون ته ٺهيو عمرڪوٽ جو قاسم سراج سومرو به 5 ڪروڙ 60 لک رپيا جمع ڪرائي آيو، رئيس وڏي ۽ سندس ساٿين جا سمورا ڪاروهنوار سڀ انهن اڪائونٽس مان هليا، جيڪي عيسيٰ، موسيٰ، ڪرڙيا ڪانڊيري جي نالن سان هئا، جن ويچارن کي پتو به نه هو ته سندس نالن سان ڪي بئنڪ اڪائونٽس به آهن، جن ۾ اربين رپيا جمع ٿين پيا ۽ خرچ به ٿين پيا. هاڻي هيڏي وڏي جي آءِ ٽي رپورٽ اچي چڪي آهي، عدالت، نيب، ايف آءِ اي ۽ عمران خان جي وفاقي سرڪار جو هڪ جهڙو موڊ لڳي ٿو، رعايت جا في الحال ڪي پري پري تائين آثار نظر نه ٿا اچن، اهڙي صورتحال ۾ پ پ جي قيادت صرف داٻن ۽ ڌمڪين کان ڪم وٺي رهي آهي. اڳتي ڇا ڪندي؟ اها واضح نظر نه پيو اچي، ڇا پ پ رستن تي نڪرندي، سنڌ حڪومت جي قرباني ڏيندي، يا ڊيل ڪندي؟ اهو اڃا سوال پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. پر هن وقت اها پ پ جيڪا ميثاق جمهوريت جا سڀ واعدا وساريندي نواز ليگ ۽ ان جي قيادت کي ڏکئي وقت ۾ اڪيلو ڇڏي ڏنو، سينيٽ چونڊن ۾ سنجراڻي فارمولا کان وٺي وزيراعظم جي چونڊ، صدر جي چونڊ، اسپيڪر جي چونڊ ۽ ٻين اهڙن موڙن تي اهڙا “زو معنيٰ” فيصلا ڪيا، جن کي زرداري جا ويجها “سياسي کيلاڙي جي چال” ۽ سياسي سمجهه رکندڙ غلط سياسي فيصلا قرار ڏئي رهيا هئا. زرداري جي انهن فيصلن جا نتيجا هاڻي سندس سامهون به اچ رهيا آهن، زرداري کي انهن فيصلن سان پنجاب جو طاقتور سياستدان نواز شريف، ڀاءُ سميت ڪال ڪوٺڙين تائين پهتو آهي. هاڻي صورتحال اها آهي ته جو نواز شريف جي سزا واري ڏينهن ئي جي آءِ ٽي جي رپورٽ زرداري ۽ سندس ساٿين لاءِ هٿ ڪڙيون ڇڻڪائڻ شروع ڪيون. اهڙي ريت ان ڏينهن ڳڙهي خدا بخش ۾ جتي 11 سال اڳ شهيد بينظير جي تدفين وقت آصف علي زرداري “پاڪستان کپي کپي” جا نعرا هڻي رهيو هو، اتي 11 سال بعد بلاول ڀٽو منظور پيشن جي ان تحريڪ جي حمايت جو اعلان ڪري رهيو هو، جنهن کي رياستي ادارا ڪنهن غير ملڪي ايجنڊا جي تحريڪ ٿا سمجهن. ان شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي تقريبن دوران جتي پ پ پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري رهي هئي اتي سڌ سماءُ جو وفاقي وزير فواد چوڌري پريس ڪانفرنس ڪري آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو، وڏي وزير مراد علي شاهه سوڌو 172 ماڻهن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪري رهيو هو، انهن 172 ماڻهن ۾ نه صرف پ پ جي قيادت ۽ اهم وزير شامل آهن پر منظور قادر جهڙا اهڙا ڪئي ڪامورا به شامل آهن، جيڪي سنڌ اندر ڪاري اڇي جا مالڪ بڻيل هئا. گڏو گڏ ملڪ رياض، انور مجيد، علي حسن زرداري جهڙا اهڙا ماڻهو به شامل آهن، جيڪي حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ سرڪار هلائيندڙ هئا، وزارتي ڪرسين تي قائم علي شاهه هجي يا مراد علي شاهه، نثار کهڙو هجي يا منظور وساڻ، ميڪش چاولا هجي يا سڪندر مينڌرو، پر اهي صرف سمرين، آرڊرن ۽ نوٽيفڪيشن تي صحيحون ڪرڻ تائين محدود هئا، اهي ڪي ٻيا هئا جن جو سنڌ سرڪار ۾ حڪم هلندو هو. منهنجي گذريل رات پ پ جي هڪ سينئر اڳواڻ سان ڪچهري ٿي. پهريون ڀيرو پ پ قيادت خلاف هن قسم جي ڪارروائي تي هو ناراض نه لڳو مسڪرائيندي چيائين “پ پ هڪڙي پارٽي آهي ان جي ادارن، چونڊيل نمائندن، حلف کڻندڙ وزيرن، کان ڪم وٺڻ بدران پردي پٺيان رهندڙ ماڻهن کي اختيار ڏئي اڳتي آڻبو ته اهڙا نتيجا نڪرندا”،
هاڻي صورتحال اتي وڃي پهتي آهي جو سنڌ هڪ اهڙي قيدي سرڪار بڻجي چڪي آهي، جيڪا پنهنجي ملڪ کان ٻاهر ٿيندڙ ڪنهن به سرگرمي ۾ نه ٿي وڃي سگهي، مراد علي شاهه سي پيڪ ڪاميٽي جو ميمبر آهي، هر ٽين مهيني بيجنگ يا شهنگائي ۾ گڏجاڻيون ٿينديون آهن. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا مراد علي شاهه هاڻي ڪنهن به اهڙي اجلاس يا ڪانفرنس ۾ شريڪ نه ٿي سگهندو، جيڪا ملڪ کان ٻاهر هجي، اگر ائين آهي ته پوءِ مراد علي شاهه سرڪار جي پاڪستان جي اندر باقي سمورين صوبائي حڪومتن جي ڀيٽ ۾ انتهائي ڪمزور پوزيشن هوندي، اهڙي ڪمزورپوزيشن ۾ نه رڳو پ پ اندر جيڪي مٿس ناراض آهن، جيڪي کڏي لائن لڳل آهن، اهي هٿ پير هڻندا پر گڏو گڏ اسيمبلي اندر مخالف ڌر جون جماعتون به سرگرم ٿينديون، پي ٽي آءِ ته دير ئي ناهي ڪئي، جتي مرڪز ۾ مراد علي شاهه کان استعفيٰ جو مطالبو ٿيو ته اتي سنڌ اسيمبلي اندر پهرين ڏينهن ئي پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس سڏائي سنڌ حڪومت ڪيرائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، توڙي جو پي ٽي آءِ وٽ سنڌ اسيمبلي ۾ عددي طاقت ايتري ناهي جو هو سنڌ حڪومت ٺاهي سگهي، اتي کيس ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي، ايم ايم اي، ٻين پارٽين کانسواءِ پ پ جا گهٽ ۾ گهٽ 21 ميمبر ساٿ ڏين، پوءِ ئي سنڌ ۾ مراد علي شاهه جي سرڪار جو خاتمو اچي سگهي ٿو ۽ پي ٽي آءِ سنڌ ۾ اتحادي حڪومت ٺاهي سگهي ٿي، ڇو ته پي ٽي آءِ جا سنڌ اسيمبلي ۾ 30 ميمبر آهن جي ڊي اي وٽ 14 ، ايم ڪيو ايم وٽ 20 ، هڪ ايم ايم اي ۽ 3 ميمبر لبيڪ پاڪستان جا آهن، هي سمورا 68 ميمبر ٿين ٿا، پ پ وٽ اسيمبلي ۾ 99 ميمبر آهن، هنن حالتن ۾ نه ٿو لڳي ته لبيڪ پاڪستان ۽ ايم ايم اي جا ميمبر ڪو پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏيندا، ان ڪري پي ٽي آءِ کي سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ سمورين مخالف ڌر جي جماعتن جي ساٿ کانسواءِ 21 پ پ جا منحرف ميمبر به کپن، جيڪو ايڏو آسان نظر نه پيو اچي، تنهن ڪري سواءِ گورنر راڄ جي باقي ان هائوس تبديلي آسان نظر نه ٿي لڳي. گورنر راڄ لاءِ به 18 هين ترميم جون ديوارون موجود آهن، ان صورتحال ۾ رئيس وڏي جي سنڌ ۾ قائم سرڪار هڪ قيدي، غير فعال ۽ بيوس سرڪار جي دائري ۾ قيد ٿيندي نظر اچي ٿي، جيڪو بهرحال وري به نقصان سنڌ جي ماڻهن جو ئي آهي، جنهن جو ذميوار رئيس وڏو ۽ سندس پاليسيون آهن، جن نه صرف سندس حڪومت، پارٽي ۽ ساک کي نقصان پهچايو پر سنڌ جي صوبائي خود مختياري به داءُ تي لڳائي ڇڏي آهي. هن صورتحال ۾ نه وزير ڪم ڪري سگهندا نه ڪامورا شاهي سندس ڪو حڪم مڃيندي نه سنڌ جي ماڻهن جا ڪم ٿيندا، هڪ بي فيض حڪومت سنڌ جي ماڻهن کي انتظار ۽ تڪليفون ڏيڻ کانسواءِ ڪو به فائدو نه پهچائي سگهندي.

Bookmark the permalink.
avatar
2 Comment threads
1 Thread replies
0 Followers
 
Most reacted comment
Hottest comment thread
3 Comment authors
asdasdasdadasfahad Recent comment authors
  Subscribe  
newest oldest most voted
Notify of
fahad
Guest
fahad

Nice Article

adas
Guest
adas

Not a good comment

asdasdasd
Guest
asdasdasd

Delet this article