fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*
پاڪستان ٽي 20 فارميٽ ۾ 2018 جي بهترين ٽيم رهي
گرين شرٽس سڄو سال ٽي 20 رينڪنگ تي حڪمراني ڪندي رهي

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سال 2018 ۾ ٽي 20 ڪرڪيٽ تي حڪمراني ڪئي ۽ سال ۾ کيڏيل 6 سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. سڄي سال دوران پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پهريون نمبر ٽيم رهي. سال ۾ ڪل کيڏيل 19 ميچن مان 17 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. سال جي شروعات ۾ نيوزيلينڊ کي هڪ جي مقابلي ۾ ٻن تان شڪست ڏني، ويسٽ انڊيز کي ٽن ٽي 20 ميچن ۾ وائيٽ واش ڪيو. زمبابوي ۾ ٽي 20 سيريز پڻ کٽي، جڏهن ته آسٽريليا کي يو اي اي ۾ ٽي 20 سيريز ۾ وائيٽ واش ڪيو، جڏهن ته نيوزلينڊ کي پڻ وائيٽ واش ڪيو. اهڙي طرح مجموعي طور پاڪستان 19 ميچن مان ٻن ميچن ۾ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ خلاف شڪست ملي، باقي 17 ميچن ۾ ڪامياب ٿيو. پاڪستان طرفان فخر زمان ٽاپ اسڪورر 576، شاداب خان 28 وڪيٽون حاصل ڪيون.

پاڪستاني ٽيم ٽي 20 ٽرافي سان گڏ

پاڪستاني ٽيم ٽي 20 ٽرافي سان گڏ

سنچورين ٽيسٽ: پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست
ڏکڻ آفريقا 149 رنسن جو حدف چئن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪيو، هاشم آملا 63 ۽ باووما 13 رنسون ٺاهيون، اوپنر مرڪرم حسن علي جو شڪار بڻيو

سنچورين (اسپورٽس ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا پهرين ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان طرفان ڏنل 149 رنسن جي جواب ۾ ميزبان ٽيم جي هاشم آملا ۽ ڊين ايلگر ٻئين وڪيٽ تي 119 رنسن جي ڀائيواري ڪري ٽيم کي ڪاميابي ڏياري. ڏکڻ آفريقي اوپنر ايڊن مرڪرم حسن جو شڪار بڻيو، جڏهن ته ڊين ايلگر کي 5 رنسن تي پارٽم ٽائم بالر شان مسعود آئوٽ ڪيو. سنچورين ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ جي ٻي اننگز ۾ هاشم آملا 63 ۽ باووما 13 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. ان کان اڳ پاڪستان پهرين اننگز ۾ 181 ۽ ٻي ۾ 190 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڏکڻ آفريقا جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 223 رنسون ٺاهي سگهي هئي. ٽيسٽ جو پهريون ۽ ٻيون ڏينهن بالرن جي نالي رهيو، ٻنهي ڏهاڙن ۾ 15-15 وڪيٽون ڪريون.

ھاشم آملا آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ واپس پويلين ڏانھن ايندي

ھاشم آملا آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ واپس پويلين ڏانھن ايندي

قومي ٽيم لاءِ سٺي خبر، فاسٽ بالر محمد عباس فٽ ٿي ويو
محمد عباس هاڻي مڪمل فٽ آهي، جلد ڏکڻ آفريقا خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ کيڏندو

سنچورين (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستاني ٽيم جو فاسٽ بالر محمد عباس فٽ ٿي ويو، ڏکڻ آفريقا خلاف ٻين ٽيسٽ ميچ ۾ شرڪت ڪندو. قومي فاسٽ بالر زخمي ٿيڻ سبب سنچورين ٽيسٽ ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو هو. قومي ٽيم جي مئنيجمينٽ ٻڌايو ته فاسٽ بالر محمد عباس هاڻي مڪمل طور فٽ ٿي ويو آهي. محمد عباس انجري سبب سنچورين ٽيسٽ ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو هو، هاڻي مڪمل طور فٽ ٿيڻ سان ئي هو ڏکڻ آفريقا خلاف ٻين ٽيسٽ ۾ ميدان تي لهندو.

پاڪستاني ٽيم جو فاسٽ بالر محمد عباس

پاڪستاني ٽيم جو فاسٽ بالر محمد عباس

ميلبورن ٽيسٽ: ڀارتي بالر بمرا ڪينگروز جا ترا ڪڍي ڇڏيا
ٻي اننگز ۾ ڀارت 5 وڪيٽن تي 54 رنسون ٺاهي 346 رنسن جي سرسي ماڻي ورتي، ڀارتي ڪپتان ٻڙي تي آئوٽ ڀارتي بالر بمرا 6 شڪار ڪري هٿ صاف ڪيا

ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارت خلاف آسٽويلوي ٽيم ٻي اننگز ۾ 151 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ڀارت فالو آن جو فيصلو نه ڪندي 5 وڪيٽن تي 54 رنسون ٺاهي 346 رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي. ميلبورين ٽيسٽ ۾ ڀارتي بالر جسپريت بمرا ڪينگروز بيٽسمينن کي ڪيريز تي بيهڻ نه ڏنو، ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن آسٽريليا جي سڄي ٽيم 151 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ڀارت طرفان بمرا 6 شڪار ڪيا، جديجا 2، اشانت شرما ۽ محمد شامي هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي. ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي فالو آن نه ڪرائڻ جو فيصلو ڪندي ٻي اننگز شروع ڪئي. اهڙي ريت ڀارت ٻي اننگز ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 54 رنسون ٺاهيندي آسٽريليا تي 346 رنسن جي سرسي حاصل ڪئي. ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي ۽ پجارا کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي ويا، جڏهن ته وِهاري 13 ۽روهيت شرما 5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. اگروال 28 ۽ پنت 6 رنسن سان ناٽ آئوٽ آهن. ٻي اننگز آسٽريلوي بالر ڪمنز به شاندار بالنگ ڪندي 4 وڪيٽون ورتيون. جڏهن ته هيزل ووڊ هڪ وڪيٽ وٺي سگهيو. ان کان اڳ ڀارت پهرين اننگ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 443 رنسن تي ڊڪليئر ڪئي هئي.

ورات ڪوھلي

ورات ڪوھلي

ورات ڪوهلي آسٽريليا ۾ راهول ڊريوڊ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

ميلبورن (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ جي دنيا جو ڪنگ ورات ڪوهلي هڪ پٺيان ٻيو رڪارڊ جوڙي رهيو آهي. ڀارت جي رنسن جي مشين ڪپتان ڪوهلي آسٽريليا خلاف ٽئين ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن 82 رنسن جي اننگز کيڏي جنهن کانپوءِ هن راهول ڊريوڊ جو پرڏيهي پچن تي هڪ سال اندر جوڙيل 1137 رنسن جو رڪارڊ پڻ ٽوڙيو. ورات ڪوهلي هڪ سال اندر پرڏيهه ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ ڀارتي ڪرڪيٽر بڻجي ويو. ڪوهلي ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ٽيون وڏو اسڪور ڪندڙ ڀارتي ڪپتان پڻ بڻجي ويو.

سنڌڙي: جيلاني اليون شهيد سورهيه بادشاهه ٽورنامينٽ کٽي ورتو
ڪنڊياري جي جيلاني اليون ٽيم فقير اليون کي 11 رنسن تان هارائي ٽورنامينٽ کٽي

سنڌڙي(ن پ ا) سنڌڙي ڀرسان ڪنڊيار جي ٽيم جيلاني اليون فقير دلبر مهر ٽيم کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ورتي. ڳوٺ مير عبدالله ٽالپر ۾شھيد سورھيه بادشاھ جي ياد ۾ ڪرايل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ پھرين بيٽنگ ڪندي جيلاني اليون مقرر 3 اوورن ۾ ڪل 29 رنسون ٺاهي سگهي، جواب فقير اليون صرف 18 رنسون ٺاھي ٽورنامينٽ هارايو. 4 ڏينھن کان جاري ٽورنامينٽ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ سانگھڙ، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص ضلعن جي 17 ٽيمن حصو ورتو. ٽورنامينٽ جي فائنل ميچ بعد خاص مھمان فقير امان الله ۽ منير نوھڙي ڪامياب ٽيم کي ٽرافي ڏني، ان سان ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنل شھباز ٿيم کي ٽرافي ۽ روڪ رقم 10 ھزار رپين جو انعام ڏنو، جڏهن ته مين آف دي ٽورنامينٽ قرار ڏنل عاشق کي به ٽرافي ڏني وئي، ان سان گڏ رنر اپ فقير اليون جي ٽيم جي ڪپتان ڊي ايم مھر کي رنر اپ ٽرافي ۽ روڪ رقم جو انعام ڏنو.

ڪيوي بالر ٽرينٽ بولٽ خطرناڪ بالنگ جو رڪارڊ جوڙي ورتو

ڪرائسٽ چرچ (اسپورٽس ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي فاسٽ بالر ٽرينٽ بولٽ خطرناڪ اسپيل ذريعي رڪارڊ جوڙي ورتو. بولٽ بنا ڪنهن رنسن ڏيڻ جي لڳاتار 5 وڪيٽون پنهنجي نالي ڪيون، مجموعي طور ڪيريئر بيسٽ 30 رنسن عيوض 6 وڪيٽن جي شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري. بهترين ڪارڪردگي جي نتيجي ۾ 5 وڪيٽن تي 100 رنسون ٺاهيندڙ سريلنڪن ٽيم 104 تي ڍير ٿي وئي، ان اسپيل کان 45 منٽ اڳ بولٽ هڪ به وڪيٽ نه وٺي سگهيو هو.

ڪيوي بالر ٽرينٽ بولٽ

ڪيوي بالر ٽرينٽ بولٽ

اڳوڻو آسٽريلوي ڪپتان رڪي پونٽنگ آءِ سي سي هال آف فيم ۾ شامل

ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) آسٽريليا جي اڳوڻي ڀلوڙ بيٽسمين ۽ ڪپتان رڪي پونٽنگ کي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي هال آف فيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ ميلبورن ۾ جاري ٽئين ٽيسٽ ميچ جي موقعي تي ميلبورن ڪرڪيٽ ۾ کيس يادگار ٽوپي ڏني وئي. رڪي پونٽنگ آءِ سي سي هال آف فيم ۾ شامل ٿيندڙ 25 آسٽريلوي رانديگر آهي. ان موقعي تي رڪي پونٽنگ پنهنجو پاڻ کي ڪرڪيٽ جي ڀلوڙ رانديگرن ۾ شامل ڪرڻ تي اعزاز سمجهيو. هلندڙ سال ڀارت جي راهول ڊريوڊ ۽ انگلينڊ جي ڪليئر ٽيلر کي آءِ سي سي هال آف فيم ۾ شامل ڪيو ويو هو. رڪي پونٽنگ 168 ٽيسٽ ميچن، 375 ون ڊي ۽ 17 ٽي 20 ميچن ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪئي، هو پنهنجي دور جي بهترين بيٽسمينن مان هڪ هو.

گلين ميڪگرا پونٽنگ کي اعزازي ڪيپ ڏيندي

گلين ميڪگرا پونٽنگ کي اعزازي ڪيپ ڏيندي

قبي سعيد خان ۾ مينگل لائنز ٽي 10 ڪرڪيٽ ليگ کٽي ورتي

قبو سعيد خان (ن پ ا) قبي سعيد خان ۾ مينگل لائنز شاهه ڀٽائي ٽيم کي 61 رنسن تان شڪست ڏئي ٽي 10 ڪرڪيٽ ليگ کٽي ورتي. فائنل مقابلي ۾ مينگل لائين زٽيم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، پهرين کيڏندي مينگل لائنز مقرر 10 اوررن ۾ 121 رنسون ٺاهيون. جنهن ۾ پرويز بروهي 44 ۽ بابن کرل 24 رنسون ٺاهيون. شاھ ڀٽائي طرفان نادر کوسي 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو . جواب ۾ شاھ ڀٽائي جي 60 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، مينگل لائينز طرفان سلمان مينگل شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي فقط 3 اوررن ۾ 15 رنسون ڏئي 4 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ان موقعي تي خاص مهمان پ پ سٽي اطلاعات سيڪريٽري گل حسن مگسي فاتح ٽيم جي ڪپتان صدام مينگل کي ٽرافي ڏني، جڏهن ته ڪپتان صدام مينگل کي ميچ کٽڻ تي سينئر ڪريڪيٽر وقاراحمد کوسي هڪ هزار رپيا روڪ انعام پڻ ڏنو.

اوٻاوڙي ۾ روشن تارا اسڪول جي ڇهين ڪلاس ٽورنامينٽ کٽي ورتي

اوٻاوڙو (رپورٽر) اوٻاوڙي ۾ روشن تاره پبلڪ اسڪول جي ڇهين ڪلاس جي ٽيم اٺين ڪلاس جي ٽيم کي 14 رنسن تان شڪست ڏئي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ورتي. روشن تارا پبلڪ هائي اسڪول پاران ڪرايل 7 ڏينهن جي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائنل مقابلي ۾ڇهين ڪلاس جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 10 اوورن ۾ 127 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ اٺين ڪلاس جي ٽيم 8 اوورن ۾ 113 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. روشن تارا اسڪول اوٻاوڙو جي چيئرمين قاري علي محمد سولنگي ۽ پرنسپال مشرف ملڪ فائنل کٽيندڙ ڇهين ڪلاس جي ٽيم جي ڪپتان فراز علي رند ۽ ٽورنامينٽ ۾ پهچڻ واري اٺين ڪلاس جي ٽيم جي ڪپتان سڪندر ٽيچڙي کي انعام ڏنا. جڏهن ته ٽورنامينٽ ۾ 8 ٽيمن حصو ورتو. ان موقعي تي مشرف علي ملڪ ۽ چيئرمين قاري علي محمد سولنگي چيو ته اهڙا مقابلاڪرائڻ سان شاگردن ۾حوصلو وڌي ٿو، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته تعليمي ادارن ۾ ٽورنامينٽ تعلقي سطح تي ڪرائي.

روشن تارا اسڪول جا شاگرد ٽرافي سان گڏ

روشن تارا اسڪول جا شاگرد ٽرافي سان گڏ

سکر: انٽر ڪاليجز ۽ اسڪول ڪرڪيٽ چيمپئن شپ ۾ لاڙڪاڻو فاتح
فائنل ۾ گلوبل ڪاليج ٽيم ڊگري ڪاليج نصير آباد جي ٽيم کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏني, گلوبل ڪاليج جي ٽيم جي ڪپتان مظهر کي 30 رنسون ٺاهڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر جو اعزاز مليو

سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾لاڙڪاڻي جي ٽيم انٽر ڪاليج ۽ اسڪول چيمپئن شپ پنهنجي نالي ڪري ورتي. تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي انتظام هيٺ ڪرايل انٽر ڪاليج ۽ اسڪول چئمپين شپ جي فائنل ۾ گلوبل ڪاليج لاڙڪاڻو جي ٽيم نصير آباد جي ڊگري ڪاليج ٽيم کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي اعزاز ماڻيو. فائنل مقابلي ۾ پهرين بيٽنگ ڪندي ڊگري ڪاليج نصيرآباد جي ٽيم 46 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، جواب ۾ گلوبل ڪاليج لاڙڪاڻو جي ٽيم گهربل هدف 6 اوورن ۾ مڪمل ڪري چيمپئن شپ پنهنجي نالي ڪئي. لاڙڪاڻي جي ٽيم جي ڪپتان مظهر علي کي 30 رنسون ٺاهڻ تي بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. خاص مهمان تعليمي بورڊ لارڪاڻو جي سيڪريٽري احمد خان، ڊائريڪٽر اسپورٽس تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو محمد رمضان جمالي، خادم حسين گوپانگ، زاهد علي، ظهور علي ۽ ٻين فاتح ٽيم ۽ فائنل مقابلو هارائيندڙ ٽيم ۾ ٽرافي، ميڊل ۽ روڪ رقم انعام ورهايا. جڏهن ته ڪرڪيٽ چئمپين شپ ۾ 16 ڪاليجن ۽ اسڪولجن جي ٽيمن حصو ورتو.

سکر ۾ لاڙڪاڻو ۾ فاتح ٽيم جو گروپ فوٽو

سکر ۾ لاڙڪاڻو ۾ فاتح ٽيم جو گروپ فوٽو

خانپور ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ سپر اسٽار کي مات
المصطفيٰ ٽيم 72 رنسن تان سپر اسٽار ٽيم کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪيو، فاروق بهترين رانديگر جو اعزاز ماڻيو

خانپور( رپورٽر) خانپور ۾المصطفيٰ ٽيم 72 رنسن تان سپر اسٽار ٽيم کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ورتو. خانپور ڪرڪيٽ اسٽيڊيم م خانپور ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي کيڏيل فائنل مقابلي ۾ المصطفيٰ پھريان بيٽنگ ڪندي سپر اسٽار ٽيم کي 169 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. سپر اسٽار ڪرڪيٽ ٽيم مقرر اوورن 97 رنسون ٺاهي سگهي. اهڙي ريت المصطفيٰ ڪرڪيٽ ٽيم 72 رنسن تان ٽورنامينٽ پنھنجي نالي ڪيو. ميچ م سڀ کان وڌيڪ اسڪور ڪرڻ تي نويد قريشي کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو، جڏهن ته ٽورنامينٽ م بھترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ فاروق آرائين کي ايوارڊ سان نوازيو ويو. خاص مھمان علي مراد سيٺار، استاد محمد سليم ۽ ٻين ڪامياب ٽيم المصطفيٰ جي ڪپتان مصطفيٰ آرائين ۽ فائنل ھارائيندڙ سپر اسٽار ٽيم جي بھادر بلوچ کي ٽرافي ۽ انعام ڏنا.

خانپور: فاتح ٽيم جا رانديگر ٽرافي سان گڏ

خانپور: فاتح ٽيم جا رانديگر ٽرافي سان گڏ

ڪوٽڙي: نابين رانديگر

ڪوٽڙي: نابين رانديگر

ڪوٽڙي: آل پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ سپر ليگ جا مقابلا

ڪوٽڙي(رپورٽ- ڌڻي بخش باريجو) پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي سهڪار سان جاري پاڪستان ڪرڪيٽ سپر ليگ جو پهريون مرحلو ڪوٽڙي ۾ مڪمل ٿيو. ٽورنامينٽ ۾ پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جون ٽيمون پهرين مرحلي ۾ چار چار ميچز کيڏي چڪيون، جن ۾ پنجاب ٻن ميچز ۾ سوڀ ۽ ٻن ۾ شڪست کاڌي.سنڌ جي ٽيم چئن ميچز مان رڳو هڪ ئي کٽي سگهي، بلوچستان چئن مان 2 ميچون پنهنجي نانءُ ڪيون.اهڙي ريت ڪي پي چئن مان ٽن ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندڙ مختلف ٽيمن جي نابين رانديگرن مطيع الله، عبدالرزق، راشد علي ۽ اعجاز شيخ ۽ ٻين ته ڪرڪيٽ ۾ ڪاڪردگي ڏيکارڻ جو مقصد اهو آھي ته نابين اکين کان محروم ضرور آھن پر لاچار ناهن.سپر ليگ جو افتتاح اسپورٽس ڪامپليڪس ڪرڪيٽ گرائونڊ ڪمشنر حيدرآباد عباس بلوچ سميت ٻين ڪيو.واضح رهي ته ٽورنامينٽ ليگ سسٽم تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ هر ٽيم 6 ميچ کيڏي، جن مان گهڻيون ميچون کٽيندڙ 2 ٽيمون فائنل ۾ جاءِ ٺاهينديون. ٽورنامينٽ جو فائنل حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم ۾ 30 ڊسمبر تي ٿيندو.

نوشهري فيروز ڀرسان دوستاڻو ميچ : موري وارن نورپور کي هارايو

نوشهروفيروز (ن پ ا) نوشهري فيروز ڀرسان مورو ٽيم 8 وڪيٽن تان نورپور جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي. ڳوٺ راهب مورو ۾ شهيد قربان علي مورو جي ياد ۾ جونيئر رانديگرن جي ڪرايل ڪرڪيٽ ميچ ۾ شاهه عبداللطيف يوسي راهب مورو جي ٽيم ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ڪنگ اليون يوسي نورپور جي ٽيم مقرر 8 اوورن ۾ 44 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ شاهه عبداللطيف راهب مورو ٽيم گهربل هدف 5 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ميچ کٽي. امتياز سرور مورو کي 25 رنسون ٺاهڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر وارو ايوارڊ ڏنو ويو. جڏهن ته ڳوٺ سڌار سنگت ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اڳواڻن علي اڪبر مورو، استاد معشوق وڳڻ، استاد رحمت الله مورو، ۽ ٻين ڪامياب جونيئر ٽيم جي رانديگرن کي ٽرافي ڏيڻ سان گڏ ٻيا انعام ڏنا.

پاڪستان ويٽرن هاڪي ٽيم لاڙڪاڻي کي گهمائي لاٿو

سکر(بيورو پورٽ) پاڪستان ويٽرن هاڪي اليون لاڙڪاڻه هاڪي اليون کي شڪست ڏئي ڇڏي. لاڙڪاڻي ۾ کيڏيل کهڙو اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ويٽرن جي ٽيم لاڙڪاڻه اليون کي زيرو ج يڀيٽ ۾ 3 گول ڪري ڪاميابي ماڻي۔ پاڪستان ويٽرن طرفان اولمپيئن سمير احمد 2 ۽ اولمپيئن قمر ابراهيم هڪ گول ڪيو۔ پاڪستان ويٽرن ٽيم جي اڳواڻي اصلاح الدين ڪري رهيو هو ۽ لاڙڪاڻو جي ڪپتاني اولمپئن پرويز اقبال ڪئي۔ ميچ جي خاص مهمان پ پ ايم پي اي ندا کهڙو هئي، جنهن سان گڏ سيڪريٽري اسپورٽس هارون احمد، ڊپٽي ڊائريڪٽر اسپورٽس لاڙڪاڻو محمد حسين مڪاني، ڊائريڪٽراسپورٽس حيدرآباد ارشاد مخدوم، سيڪريٽري هاڪي ايسوسئيشن محمد رمضان جمالي، خادم حسين گوپانگ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا۔ ان۔موقعي تي ونر ۽ رنر اپ ٽيمن جي ڪپتانن کي ٽرافيون ڏنيون ويون۔

سکر: فاتح رانديگر ٽرافي وصول ڪندي

سکر: فاتح رانديگر ٽرافي وصول ڪندي