fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ميگهن مارڪل گوگل تي دنيا جي سڀ کان ڳولي ويندڙ شخصيت بڻجي وئي

شھزادي ميگهن مارڪل

نيويارڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) گوگل دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڳوليون ويندڙ شخصيتن، مسئلن، موضوعن ۽ فلمن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي. گوگل جتي پاڪستان ۾ ڳوليون ويندڙ 10 وڏين شخصيتن، 10 مشهور فلمن ۽ راندين جي لسٽ جاري ڪئي ت اتي گوگل ڀارت ۾ به سڀ کان وڌيڪ ڳوليون ويندڙ شخصيت سوڌو اتي جي مشهور فلمن ۽ گانن جي لسٽ به جاري ڪئي. سڄي دنيا ۾ گوگل تي سڀ کان وڌيڪ ڳوليون ويندڙ شخصيتن ۾ برطانوي شاهي خاندان جي نئي نُنهن ميگهن مارڪيل آهي، جيڪا هلندڙ سال پاڪستان ۽ ڀارت ۾ به سڀ کان وڌيڪ ڳوليون ويندڙ شخصيتن ۾ شامل رهي.

Bookmark the permalink.