fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

قصو سنڌ جي ”وڏيرياڻي ڪرسيءَ“ جو!

دودو چانڊيو

 

سماج اندر سياسي پارٽيون ظاهري طور هڪ سوچ ۽ نظرئي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جا گروهه يا گروپ هجن ٿيون پر انهن جي اندر به گروهه بندي يا گروپ بندي ئي فيصلائتي حيثيت رکندڙ هجي ٿي. پ پ اندر به ماضي ۾ کوڙ گروپ رهيا، جنهن ۾ خاص طور ”سيد گروپ“ وڌيڪ مضبوط حيثيت ۾ رهيو آهي، جيڪو وڏ وزرات سوڌو وزارتن جي ورهاست وقت ايڏو سرگرم ٿيندو رهيو آهي جو ممتاز ڀٽو، غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ آفتاب شعبان ميراڻي کانسواءِ باقي ڪو غير سيد وڏ وزارت جي ڪرسيءَ کي هٿ به لاهي ناهي سگهيو.هي اهو زمانو هو، جڏهن غير سيد هن عهدي لاءِ سوچي به نه سگهندا هئا، تڏهن پ پ جي قيادت وٽ هالا جي مخدومن جي به ڪجهه هلندي هئي ۽ کهڙن، ميراڻين، بجاراڻين جي به ڪجهه راهي رکي هئي، تڏهن ان ڊوڙ ۾ ٻيا به هئا ۽ انهن ڏينهن اندر پ پ سنڌ ۾ سيد ۽ غير سيد جي فارمولي تحت ٽنگ ڇڪڻ جا ”سولو پلي“ هلندا هئا، پر جڏهن کان پ پ جي قيادت ٽئين دور ۾ داخل ٿي آهي ته وڏ وزرات جي ڪرسي ڄڻ سيدن جي ڏاج جو کٽولو ٿي پئي آهي، ٻيا ان کٽولي تي ويهڻ جو سوچين ئي سوچين، ان کان اڳ خود سيد سڳورن هن کٽولي جي ڀاڳن جا اچي پاسا ورتا آهن جو ٻين کي جاءِ ئي نه ٿي ملي. جتي وڏ وزرات جي ڪرسي تي سڀ کان وڏو عرصو براجمان رهندڙ کجين واري ديس جو سائين اڃا اقتداري خمارن مان نڪتوئي ناهي ته سندس ئي هڪ پاڙيسري اروڙ جو سائين، ريتي بجري، سيمينٽ ۽ ڏامر واري وزارت کان تنگ ٿي سائرن واري سرڪل جو حصو ٿيڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن. هيءُ ته کجين واري سائين جي بدنصيبي هئي يا گهڻو وقت اقتدار ۾ رهڻ جي ڪري مقبول رئيس وڏي جي ته،”وڏڙن جي نشانيءَ“ مان جان ڇڏائڻ جو فارمولو هو جو ڪرسي جهانگارا باجارا پهتي، نه ته ون يونٽ جي حامي خان جي خاندان جي چشم چراغ جو چوڻ هو ته کجين وارو سائين هن ڪرسي کي ان ريت ئي الوداع ڪندو، جيئن ڄام صادق ڪيو هو، پر ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ پاليسين بدران چهرا بدلائبا آهن، سو سنڌ جي ماڻهن کي لولي پوپ ڏيڻ لاءِ وڏ وزارت جي ڪرسي کي کجين جي ديس کان منڇر تائين جو سفر ڪرايو ويو. ظاهري طور ايئن لڳو ته اهو فيصلو به اليڪشن تائين هوندو، گهڻا پهلوان سيڙپ جا سندرا ٻڌي ميدان تي لٿل هئا، ڪن وڏي رئيس تي، ڪن ننڍي رئيس تي ته ڪن وري ”راڄ ڌڃاڻي“ ووٽر کان پهرين ورڪ شروع ڪيو. شايد جهانگارا باجارا سوچي ورتو هو ته هن ڀيري حالتون رئيس ننڍي جي حق ۾ آهن، ڇو ته ملڪ تتل هو، رئيس وڏو ۽ راڄ ڌڃاڻي سنڌ اندر اليڪشن جو جلسو به نه پيا ڪري سگهن.ان  ڪري رئيس ننڍي جي ٽرڪ جهانگارا باجارا جي سائين ۽ سندس ساٿين حوالي هئي، جنهن لياري اندر وسندڙ پٿرن کان اليڪشن جو سفر ڪيو، جيڪو مالاڪنڊ تائين پهتو. ان ٽرڪ جي سفر ۽ ننڍي رئيس جي ويجهو رهڻ جو هڪڙو فائدو اهو ٿيو جو اليڪشن جي نتيجن ايندي ئي بنا سينيٽرن جي صلاح ۽ پارلياماني اجلاس سڏائڻ جي ننڍي رئيس وڏ وزارت جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ ڪرسي جهانگارا باجارا مان نڪتي ئي ڪو نه! هن اعلان تي ڪو ظاهري رد عمل ته سامهون ڪو نه آيو، پر ماڻهن جا موڊ خراب ٿيندي اسان اکين سان ڏٺا، ڪن چغل خورن ته اها به چغلي هنئي ته هن اعلان تي رئيس وڏو ته بلڪل خوش نه هو، هن ترجمانن کي دڙڪا به ڏنا ته هو ڇو صحافين کي سوال کان روڪي نهسگهيا پر گهڻي ڪاوڙ راڄ ڌڃاڻي کي لڳي، جنهن ان ڳالهه تي ناراض ٿي ڪافي ڏينهن تائين ڪابينا جي جوڙجڪ ۾ پنهنجو حصو پتي ئي نه پئي ڳنڍيو. اها ڪاوڙ رڳو اتي ئي نه رهي پر ان ڪاوڙ کي پير به لڳا، جن پنهنجو پنڌ شروع ڪيو، هڪ واٽ چنيسر ڳوٺ جي ڦاٽڪ جو رخ ڪيو ته ٻي واٽ اروڙ جي سائين حوالي ٿي. سڀڻيون ڪرسيون ڏئي اڻ سڌي ريت انهن کي چيو ويو ته هو گهڻو ڌيان خيابان شمشير مان ايندڙ هدايتن تي ڏين، ٻنهي رستن تان عملن جا اهي ئي آواز آيا، جن جا رخ خيابان شمشير طئي ڪيا هئا، ويندي چانڊڪا پرڳڻي جي ڪامورن جا مستقبل به رئيس ننڍي کي بکڻ نه ڏنا ويا ۽ چنيسر ڳوٺ معرفت اهي فيصلا به خيابان شمشير تان ٿيا، جيڪا ڳالهه جڏهن جهانگارا باجارا جي ساٿين مٿي ڪئي ته موٽ ۾ کيس ٻيو تحفو وري اروڙ جي سائين جي شڪل ۾ مليو، جنهن وٽ ڏامر، پٿر، ريتي، بجري جي وزارت ته اڳ ئي هئي، مٿان ٻه ڄار کاتا ٻيا ڏئي ذري گهٽ اڌ ڪابينا جو مالڪ بڻايو ويو آهي، جنهن بابت چغل خور چغلي هڻن ٿا ته ان ڪرسي جي حاصلات لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جيڪا خيابان شمشير جي به خواهش هئي. هوڏانهن جهانگارا باجارا جي سائين به ڪرسي بچائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون آهن، هن ڊوڙ ۾ في الحال جاوا وڏن هائوسز جي خاص خدمتگارن ۽ سالم صحافين جا شروع ٿيا آهن، جيڪي هن وقت مئي جي ماني به کائن پيا ۽ پرڻي جي ڀت تي به اڳواٽ پهچيو وڃن، ڏسڻو اهو آهي ته رئيس ننڍي جي تبديلي وارو خواب ساڀيان ٿو ٿئي يا راڄ ڌڃاڻي سنڌ جي وڏي ڪرسي منڇر ڪنڌيءَ تان کڻي سکر واري پل تي ٿي پهچائي يا وچان ئي ڪنهن ٻئي جو ڀاڳ ٿو کُلي.

Bookmark the permalink.
avatar
  Subscribe  
Notify of