
لاس اينجلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ جي ايڪشن ۽ دهشت سان ڀرپور فلم گاڊزيلا سيريز جي نئين فلم گاڊزيلا: ڪنگ آف دي مونسٽرز” جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي. فلم جي هدايتڪاري مائيڪل ڊائونٽري ڏني آهي، جڏهن ته اسٽار ڪاسٽ ۾ اداڪار بريڊلي وائٽ فورڊ، ملي بوبي برائون، وارا فرميگا، ڪيلي شينڊلر، چارلس سينڊلر شامل آهن. فلم جي ڪهاڻي ديو گاڊزيلا بلا تي ٻڌل آهي، جيڪا هڪ ييرو ٻيهر انساني دنيا ۾ تباهي مچائڻ لاءِ آئي آهي. جاپاني ۽ ليجنڊري سينيما تحت ٺهيل فلم کي ايندڙ سال مارچ ۾ سينيما گهرن ۾ پيش ڪيو ويندو.