fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري لذيذ کاڌن جو فيسٽيول لڳايو ويو

ڪراچي (ڪلچرل نيوز) ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري مزيدار ۽ لذيذ کاڌن جو فيسٽيول لڳايو ويو. ٿڌين هوائن ۾ گرما گرم کاڌن سان گڏ گلوڪاره زويا جيسوال جي گيتن فيسٽيول کي چار چنڊ هڻي ڇڏيا. سرد راتين ۾ سمنڊ ڪناري ”بيچ پارڪ“  تي لڳايل ٽن ڏينهن جي فوڊ فيسٽيول ۾ گرم چانهن، چپلي ڪباب، سيخ ڪباب، افعاني بوٽي ۽ چٽ پٽي کاڌا شهرين جي ڌيان جو مرڪز رهيا. شهرين جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ سرد هوائن فيسٽيول جو مزو ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي، ايونٽ ۾ گلوڪاره زويا جيسوال جو مڌر آواز تي ماڻهن نچندا رهيا. مزيدار ديسي کاڌن سان سجايل فوڊ فيسٽيول آچر تائين جاري رهندو.

 

Bookmark the permalink.