fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ڪاميڊي ڪنگ ڪپيل شرما جي شادي دعوت جي شاندار تقريب

شادي دعوت ۾ ڪپيل جي ساٿي اداڪارن توڙي مزاحيا اداڪارن شرڪت ڪئي

ڪپل شرما ۽ سندس ڪنوار

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ توڙي ٽي وي پروگرامن جو ڪاميڊي ڪنگ ڪپيل شرما شادي کانپوءِ دعوت رکي، جنهن ۾ ڪيترن ئي اداڪارن شرڪت ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ڪپيل شرما پنهنجي دوست گيني ڇهاترا سان 12 ڊسمبر تي جهالندر ۾ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو هو. شادي کانپوءِ ڪپيل شرما دعوت ڪئي جنهن ۾ سندس ساٿي اداڪار شريڪ ٿيا. تقريب ۾ ڀارتي سنگهه، ڪرشنا اڀيشڪ، ڪڪو شردا،  سمونا چڪرورتي شريڪ ٿيا، جڏهن ته تقريب جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.

Bookmark the permalink.