fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

سنڌڙي ڀرسان پنوعاقل ٽيم والي بال ٽورنامينٽ کٽي ورتو

هڱورني ۾ مزمل ڪلب ٽنڊي الهيار جي ٿيٻا ڪلب کي هارائي اعزاز ماڻيو

ٽئين آل سنڌ شهيد مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي ٽورنامينٽ ۾ 16 ٽيمن حصو ورتو
سنڌڙي: فاتح ٽيم جو ڪپتان ٽرافي وٺندي

سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي ڀرسان پني عاقل جي ٽيم مزمل ڪلب ٽيون آل سنڌ شهيد مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي شوٽنگ والي بال ٽورنامينٽ کٽي ورتو. هڱورني ۾ ٿيل ٽورنامينٽ ۾ مزمل ڪلب ٽنڊي الهيار جي ٽيم ٿيٻا ڪلب کي سخت مقابلي بعد 10-12 تان شڪست ڏئي اعزاز پنهنجي نالي ڪيو. ان موقعي تي خاص  مهمان راندين جي اڳوڻي وفاقي وزير پير آفتاب شاھ جيلاني جي پٽ پير حسن شاہ، ھڱورنو ٽائون جو چيرمين ميرعلي رضا ٽالپر ۽ ٻين فاتح ٽيم کي انعام ڏنا. جڏهن ته ٽورنامينٽ ۾حيدرآباد، ميرپور خاص ۽ کپري سميت مختلف شهرن جي 16 ٽيمن حصو ورتو.

 

Bookmark the permalink.