
لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪرڪيٽ آسٽريليا سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب پي سي بي ڪرڪيٽ آسٽريليا سان جنوري ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر رابطي ڪندو ۽ پاڪستان ۾ ون ڊي ميچون کيڏڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪندو. پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ 5 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز 19 کان 31 مارچ تائين گڏيل عرب اماراتن ۾ شيڊيول آهي. پي سي بي جي خواهش آهي ته پي ايس ايل جي ميچن بعد گهٽ ۾ گھٽ 2 ون ڊي ميچون ڪراچي ۾ کيڏيون وڃن. ان حوالي سان شروعاتي ڳالهه ٻولهه به ڪرڪيٽ آسٽريليا سان ڪئي وئي، پر معاملو اڳتي نه وڌي سگهيو هو. پي سي بي جنوري مهيني وچ ۾ وارن ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪرڪيٽ آسٽريليا سان ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ۾ درخواست ڪندو ته پاڪستان ۾ ميچون کيڏڻ بابت فيصلو پي ايس ايل جي ميچن کي ڏسي ڪيو وڃي. پي سي بي ڪرڪيٽ آسٽريليا سان پي ايس ايل جي ميچن لاءِ پنهنجو وفد به پاڪستان اماڻڻ جي به درخواست ڪندو.