fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

جهانسي جي راڻي: ڪنگنا راناوت جي نئين فلم جو ٽريلر جاري

”ماني ڪرنيڪا” ۾ ڪنگنا انگريزن خلاف جنگ وڙهندڙ جهانسي جي راڻي بڻجندي

ڪنگنا راناوت جي نئين فلم جھانسي جي راڻي جو پوسٽر

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪوئين ڪنگنا راناوت جي نئين فلم “ماني ڪرنيڪا” جون پهريون جهلڪيون جاري ڪيون ويون آهن. ٽن منٽن جي ٽريلر ۾ ڪنگنا کي هڪ عام ڇوڪري مانو کان جهانسي جي راڻي ۽ هڪ آزادي پسند راڻي جي ڪردار ۾ ڏيکاريو ويو آهي. ايسٽ انڊيا ڪمپني جهانسي تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي، جڏهن ته ساڳي وقت هندستاني انگريزن خلاف بغاوت جو اعلان ڪن ٿا. فلم جي مک ڪردار ۾ ڪنگنا راناوت شامل آهي، جڏهن ته ڊيني ڊينزونگپا فلم ۾ غلام غوث خان جو ڪردار ادا ڪيو آهي. فلم جا ٻيا اهم ڪردار  جشو سين گپتا، سريش اوبراءِ، اتل ڪولڪرني، زيشان ايوب ادا ڪري رهيا آهن. ايڪشن ۽ تجسس سان ڀرپور فلم کي 25 جنوري تي ريليز ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.