
ممبئي (شوبز نيوز ) صبا قمر ۽ عرفان خان جي بالي ووڊ فلم ” هندي ميڊيم“ بلاڪ باسٽر ثابت ٿي هئي، جنهن ڀارت ۾ 3 سئو ڪروڙ روپين جو بزنس ڪيو هو، هاڻ ان ڪامياب فلم جو سيڪيول ٺاهيو ويندو. ڀارتي ميڊيا موجب فلسمازن ان سلسلي ۾ عرفان خان سان لنڊن ۾ ملاقات پڻ ڪئي، جيڪو نيورو اينڊوڪرائن ڪينسر جي علاج ڪرائي رهيو آهي،فلم هدايتڪار بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان ۽ ڪاجول کي ” هندي ميڊيم “ جي سيڪوئل ۾ ڪاسٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. دنيش ويجان ۽ ڀوشن ڪمار جي پروڊڪشن ۽ ساڪت چوڌري جي هدايتڪاري هيٺ ٺاهيل فلم هندي ميڊيم جي ڪهاڻي چاندني چوڪ جي شادي شدا جوڙي جي زندگي تي ٻڌل آهي، جيڪي پنهنجي نينگري کي انگريزي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ دهلي لڏي ويندا آهن.