
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نالي واري ڳائڻي سونو نگم پاڪستاني گلوڪارن کي ڀارتي فلمن ۾ ڪم ملڻ تي ڪاوڙجي پيو آهي. ڀارتي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ سونو نگم چيو آهي ته سٺو هجي هان ته هو پاڪستاني هجي هان، گهٽ ۾ گهٽ پاڙيسري ملڪ مان هجڻ تي کيس فلمن ۾ ڪم ته ملي وڃي هان. هن چيو ته ميوزڪ ڪمپنيون جيڪو رويو ڀارتي گلوڪارن سان رکي رهيون آهن اهو رويو پاڪستاني گلوڪارن سان رکي ئي نٿيون ڪري سگهن. سونو نگم چيو ته موسيقي واريون ڪمپنيون ڀارتي گلوڪارن مٿان سخت شرط رکن ٿيون پر پاڪستاني گلوڪارن تي اهي شرط لاڳو نٿا ٿين. حيرانگي طور سونو نگم عاطف اسلم کي پنهنجو دوست قرار ڏيندي چيو ته ڪاش هو به پاڪستاني هجي هان، جڏهن ته هن ڀارت ۾ عاطف ۽ راحت فتح علي خان کي اهميت ڏيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.