fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

گڏيل قومن جي اداري فلسطين جي امداد بند ڪري ڇڏي

خوراڪ نه ملڻ ڪري هڪ لک 90 هزار هزار فلسطيني سڌي ريت متاثر ٿيندا

غزه (ا ڊ) گڏيل قومن جي خوراڪ واري اداري فلسطينين جي امداد بند ڪري ڇڏي آهي. گڏيل قومن جي انتظام هيٺ ڪم ڪندڙ خوراڪ جي اداري لڳ ڀڳ ٻه لک فلسطينين کي ملندڙ امداد بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ خوراڪ پڻ شامل آهي، اها امداد غزه پٽي توڙي والاريل اولهه بيت المقدس ۾ رهندڙ فلسطينين کي ڏني ويندي هئي. عالمي فوڊ پروگرام جي فيصلي سان هڪ لک 90 هزار فلسطيني متاثر ٿيندا. گڏيل قومن جي اداري پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جنوري 2019ع کان فلسطين کي ملندڙ امداد ۾ تبديلي ڪئي ويندي، جنهن ذريعي اولهه ڪناري تي رهندڙ 27 هزار فلسطيني متاثر ٿيندا.

Bookmark the permalink.