fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

افغانستان مان آمريڪي فوج جلد نڪري ويندي: آمريڪي ميڊيا

ٽرمپ انتظاميا افغانستان مان 7 هزار آمريڪي فوجي واپس گهرائيندي: ميڊيا جي دعويٰ

ٽرمپ انتظاميا فوج کي واپسي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جو حڪم ڏنو آهي: سي اين اين
آمريڪي فوجي

واشنگٽن (ا ڊ) آمريڪي ميڊيا سرڪاري ذريعن جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته شام مان آمريڪي فوج جي نيڪالي کانپوءِ افغانستان مان به ايندڙ ڇهه مهينن دوران فوج واپس گهرائڻ جو اعلان ڪيو ويندو. آمريڪي ميڊيا نيويارڪ ٽائمز توڙي سي اين اين جي رپورٽ موجب ٽرمپ انتظاميا فوج کي افغانستان مان واپسي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ميڊيا پاران سرڪاري ذريعن جو حوالو ڏيندي چيو ته افغانستان مان 7 هزار آمريڪي فوجي واپس گهرايا ويندا. اهي خبرون شام مان آمريڪي فوجين جي نيڪالي جي خبرن کانپوءِ اچي رهيون آهن. ياد رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ افغانستان مان فوجي واپس گهرائڻ جو واعدو ڪيو هو. آمريڪي ميڊيا موجب صدر ٽرمپ ايندڙ سال جنوري جي آخر ۾ آمريڪي فوجن کي افغانستان مان ڪڍڻ جو اعلان ڪري سگهي ٿو.

Bookmark the permalink.