
ڌاٻيجي (رپورٽ پنهون چانگ) ڌاٻيجي شهر ۾ قائم مرحوم سعيد محمد علي شاهه فٽبال گرائونڊ تباهي حالي جو شڪار آھي. فٽبال گرائونڊ کي شهر ۾ لڳندڙ مخلتف بازارن جهڙوڪ اربع بازار، آچار بازار، جمع بازار ۽ سومر بازار لڳن ٿيون. فٽبال ڪلب ھفتي ۾ چار ڏينهن ڌاٻيجي پوليس جي سهڪار سان ٺيڪي ۾ ڏنل آھي. گرائونڊ ۾ ڪچري جا ڍير لڳل آهن، جڏهن ته انتظاميا ملي ڀڳت ڪري فٽبال گرائونڊ تباهي جو شڪار آھي. فٽبال گرائونڊ ۾ لڳندڙ بازارن ۾ مختلف سياسي پارٽيون ڀتو پڻ وصول ڪن ٿيون، جنهنڪري گرائونڊ جي بحالي لاءِ ڪير به آواز اٿارڻ لاءِ تيار ناهي. ڌاٻيجي واسين مهتاب اعواڻ، ابيد راڻو ۽ محمد اختر آرائين ۽ ٻين روزاني پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته هي گرائونڊ سندن ٻارن جو مستقبل آھي، تنهنڪري هو اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪن ٿا ته مرحوم محمد علي شاهه فٽبال گرائونڊ جي مالڪي ڪئي وڃي ته جيئن گرائونڊ کي راندين جي مقصد لاءِ استعمال ڪري سگهجي.