
بيجنگ (ا ڊ) چين آمريڪا پاران لڳايل سمورن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته هن معاشي جاسوسي ناهي ڪئي، نه ئي ڪي صنعتي راز چورايا آهن. آمريڪا ۽ سندس اتحادي هٿ ٺوڪيل الزام لڳائڻ بند ڪن. ڪالهه آمريڪا، برطانيا، نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا پاران چين مٿان وڏي سطح تي صنعتي راز چورائڻ جا الزام مڙهڻ سان گڏ سائبر سڪيورٽي ذريعي جاسوسي ڪرڻ جو الزام مڙهيو هو. چيني پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي الزامن کي رد ڪندي ٻه چيني شهرين کي آزاد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته چيني حڪومت ڪنهن به طريقي سان واپاري يا صنعتي راز چورائڻ ۾ ملوث ناهي رهي، الزام هٿ ٺوڪيا آهن، جن جو حقيقيت سان ڪو به واسطو ناهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان هئوا چنينگ جو چوڻ هو ته چين آمريڪا جي ان رويي تي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي چيو آهي ته پنهنجي غلط بياني کي فوري بند ڪيو وڃي، جڏهن ته چين کي سائبر سڪيورٽي ۾ ملوث ڏيکارڻ کان پڻ پاسو ڪيو وڃي. آمريڪا ۽ چين پاران وينزويلا ۾ جي 20 اجلاس دوران ٻنهي ملڪڻ ۾ لاڳاپا بهتر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو پر ان کانپوءِ آمريڪا ۽ سندس اتحادين پاران چين مٿان الزام مڙهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا هڪ ڀيرو ٻيهر خراب ٿي ويا آهن.