fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

چورن کان لُٽيل پئسو واپس ڪرائي تعليم تي خرچ ڪنداسين: وزيراعظم

اسلام آباد (رپورٽر) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جو لٽيل پيسو چورن کان واپس ڪرائي تعيلم تي لڳائينداسين، ملڪ جي آزادي کانپوءِ ڪنهن به تعليم تي ڌيان ناهي ڏنو، پيغام ڏئي رهيا آهيون ته حڪومت جي ترجيح تعليم آهي، وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي بڻائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪ جي سڀ کان قيمتي ملڪيت کي يونيورسٽي بڻائڻ جو مقصد قوم کي ٻڌائڻو آهي ته پنهنجو قلبو درست ڪرڻو آهي، پيغام ڏئي رهيا آهيون ته قوم ۽ حڪومت جي ترجيح تعليم آهي، هن چيو ته جڏهن شوڪت خانم اسپتال ٺاهي ته ماڻهن چيو اهو ڪيئن ممڪن آهي ته غريبن جو مفت علاج ٿئي، تڏهن ايمان هو ته جيڪڏهن سينٽر آف ايڪسيلنس هوندو ته ماڻهو به سهڪار ڪندا، وزيراعظم هائوس ۾ به يونيورسٽي کي سينٽر آف ايڪسيلنس بڻائينداسين، هن چيو ته جنهن به معاشري ترقي ڪئي آهي، ان تعليم ۽ انساني ترقي تي زور ڏنو، پر جڏهن رڳو هڪ مخصوص ۽ ننڍو طبقو پيسا ٺاهيندو ته ملڪ ڪيئن ترقي ڪندو، عمران خان چيو ته ٽوني بليئر جو گهر ٽين ڊائوننگ اسٽريٽ ۾ سادي عمارت ۾ هو، پر اسان جا حڪمران عاليشان محلن ۾ رهندا رهيا، مون ۾ تبديلي برطانيه ۾ ماڻهن جي زندگي ڏسڻ بعد آئي، ڪالوني ازم جي ڪري افغانستان ۾ ترقي نه ٿي سگهي

Bookmark the permalink.