fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

”سنڌي سماج ۽ سوچ کي گولي لڳل آهي، سنڌ جي تباهي جا ذميوار وڏيرا، پير، مير ۽ سردار آهن!“ – امرجليل

(پنهنجي اخبار پينل- اشفاق آذر ۽ دودو چانڊيو) اپارٽمينٽ جي ستين فلور تي جيئن لفٽ جو در کليو ته هو ”اروڙ جو مست“ ٻانهون کولي وڏي آڌر ڀاءُ سان اسان سان ڀاڪر پائي مليو. اسان جا هٿ هٿن ۾ ڏيئي سڌو پنهنجي ان ڊرائنگ روم ۾ وٺي ويو، جيڪو نه رڳو ڪتابن سان سٿيل هو، پر کوڙ تصويرون، مجسما ۽ ايوارڊ به ان ڊرائنگ روم جي زينت بڻيل هئا. سامهون ڪرسي تي ويهندي ئي اسان کي چيائين مون وٽ هاڻي ڪير اچي ئي ڪونه ٿو، جنهن تي گارشيا مارڪيز جو اهو ناول ياد اچي ويو جنهن ۾ ڪرنل کي ڪوبه خط نه لکندو آهي. اسان ڪيمرا آن ڪري ساڻس گفتگو شروع ڪئي ته سنڌ ۾ ادبي ميلن جي رجحان سان سنڌي ادب جي ڪيتري خدمت پئي ٿئي، جنهن تي مسڪرائيندي وراڻائين..”اول ته توهان مون کي سمجهايو ته ادبي ميلو به ٿيندو آهي ڇا؟ مون ته نه ٻڌو آهي ته ڪو ادبي ميلو لڳندو آهي! مشاعرا ٿيندا آهن، اُن ۾ شاعر هڪ ٻئي کي شاعريون ٻڌائيندا آهن، مون نه ٻڌو آهي ته ڪو اهڙو ميلو ٿيو هجي، جنهن ۾ اديب هڪ ٻئي کي شارٽ اسٽوريز ٻڌائن، اتي ته ماڻهو بيهوش ٿي ويندا، هڪٻئي جون شارٽ اسٽوريز ٻڌي ۽ برداشت ڪير ڪندو؟، تازو ڪراچي اندر هڪ ادبي ميلي ۾ ويس، جنهن ۾ شاعر، اديب ۽ نقاد هئا، پر پڙهندڙ گهٽ هئا، هيءَ هڪ سٺي ”گيٽ ٽوگيدر“ هجي ٿي، باقي ان سان ادب کي ڪو فائدو نه ٿيندو. ادبي ميلن جو هڪڙو مثبت پهلو اهو آهي ته اهو هڪ ڏينهن هجي يا 3 ڏينهن، انهن ڏينهن ۾ ڪتاب ڪافي وڪرو ٿين ٿا، کاڌا به ٿين ٿا، ساڳ ماني به ملي ٿي، ماڻهن جو سٺو وقت پاس ٿئي ٿو، باقي اهي ميلا ادب ۾ ڪو ڪنٽريبيوشن نٿا ڪري سگهن، ميلن مان موٽي اچڻ کانپوءِ ڪو مانهو شاعري ڪونه ڪندو، افسانو ڪونه لکندو، محقق ڪونه ٿيندو. امر جليل اڃا ڳالهائي رهيو هو ته اسان کائنس پڇيو ته اوهان شارٽ اسٽوري رائٽر ڇا شارٽ اسٽوري اڃا لکجي پئي، يا عبدالقادر جوڻيجي چواڻي نسيم کرل سان گڏ شارٽ اسٽوري کي به گولي لڳي وئي؟“ جنهن تي امر جليل تڪڙ ۾ وراڻيو ، ” گولي نه لٽريچر کي لڳندي نه ڪنهن ٻئي کي، سنڌي سماج کي. سنڌي سوچ کي گولي لڳل آهي. اسان جون پسند ناپسند ۽ پزيشنس ايڏيون خوفناڪ قسم جون آهن جو توهان آسمان جا تارا پٽي آڻي ڏيو ته چوندا نه يار نه هي ڀيڻا چٽ آهي، هي ڪجهه ناهي، هن کي ته ڪجهه اچي ئي ڪونه ٿو، جيڪو هيو سو مري ويو! ايئن ڪڏهن ناهي ٿيو، هيڏا دُنيا جا وڏا وڏا رائيٽرس پيدا ٿيا، ٽالسٽاءِ مري ويو ته روس مري ويو ڇا؟ اڃا به هن دؤر ۾ جيڪو روسي ادب لکيو ٿو وڃي ڇا اهو ٽڪي جو لکيو وڃي ٿو؟ هيمنگوي مري ويو ته امريڪن لٽريچر ختم ٿي ويو ڇا؟ پاڻ امريڪي وري چون ٿا ته اڙي! هي پائلو ڪوئيلو آهي ڪير؟ هي ڪهڙي ملڪ ۾ ويٺو آهي؟ لکي ٿو ته سڄي امريڪا، سڄي دنيا کي لوڏي ڇڏي ٿو! هُن جي ئي ٽڪر ۾ اسان جو رسول ميمڻ آهي، گُذريل سال مون هُن جو ڪتاب پڙهيو، اهو ڪتاب جيڪڏهن انگريزي ۾ اچي ها ته مٿو ڦيرائي ڇڏي ها سڀني جو. هڪ ته پاڪستان ۾ اهڙي قسم جو ڪتاب ڇپجي ۽ سنڌي ۾ ڇپجي ۽ وري سنڌي نقاد اُن کي اهڙا ملن ته هُن کي گولي لڳي مري ويو ته معنيٰ سڀ ڪجهه مري ويو، اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪرڻ، منفي سوچ آهي، مثبت سوچ ڪونهي، هُن جو ترجمو ته ڪري ڏسو، توهان هي ڪتاب پڙهي ته ڏسو! ”ڇا اها منفي سوچ صرف ادب ۾ آهي يا پوري سماج ۾ آهي؟“ اسان جي سوال تي هن ڪرسي کي ٽيڪ لڳائيندي بي ڌڙڪ چيو ته ”پوري سماج ۾، توهان کي ڪٿي چڱي نوڪري ملندي ته چوندا…“ اڙي چمچو آهي”، فلاڻي ايم اين اي ڏياري اٿس، فلاڻي ايم پي اي ڏياري اٿس، زرداري جي ڪڍ پيو هوندو، هُن جون جوتيون پيو پالش ڪندو هو تڏهن ته اها نوڪري ملي اٿس.. معنيٰ معاف ڪجو ٻين لفظن ۾ اسان وٽ ڪوبه ٽئلينٽ ڪونهي، اسان صفا چٽ، يوزليس، ردي، هڪڙي نيگليڪٽيڊ قوم آهيون، اسان ۾ ڪو اهڙو ماڻهو پيدا ڪونه ٿو ٿئي ڇا جيڪو سي ايس ايس پنهنجي مڙسي تي پاس ڪري، جيڪڏهن سي ايس ايس پاس ڪندو ته چوندا، سفارش ڪرائي اٿس، يا پبلڪ سروس ڪميشن کي پئسا کارايا اٿس، تڏهن ته سي ايس ايس ۾ پاس ٿيو آهي، اها ناڪاري سوچ آهي، جيڪا اسان سنڌين ۾ گهٽ ۾ گهٽ 60-70 سالن کان پيدا ٿي آهي. 82-85 سالن جو آئون ٿي ويو آهيان، جڏهن کان مون هوش سنڀاليو آهي، ورهاڱي کانپوءِ اها بيماري پيدا ٿي آهي، ورهاڱي کان اڳ ٿوري گهڻي هوندي هئي، پر ايڏي نه هئي، هيءَ مصيبت وڃي ٿي وڌندي، هڪٻئي جا ترا ڪڍون، ڌارين وٽ ٺڪر نه هوندو ته، تڏهن به اُن کي ايڏو پڏائيندا ته ”واهه يار! ڪيا ڪمال ڪي چيز اُس ني لکي هي!!“ اڙي ڪيا لکي هي يار همين تو سمجهه ۾ نهين آتي؟ آپ ڪو سمجهه ۾ نهين آتي تو نهين آئي، آپ ڪي سوچ ڇوٽي هي، اُس ني ڪمال ڪي چيز لکي هي…. اسان وٽ ڪو ڪمال جي شئي لکندو ته چوندا بڪواس لکي اٿس يار، هي ڪا اچي ٿي سمجهه ۾، اڙي فلاڻا! توکي اچي ٿي يا نه، پوءِ اچي ڏيندا تاڙو … ٺا، ٺا.. وڏو ٽهڪ ڏيندا… هي آهي سنڌي لٽريچر جو نقاد ۽ اُن کي اڳتي وڌائڻ وارا… يا اُن کي روڪڻ وارا… بابا زندگي اڳتي هلندي ئي رهي ٿي، اڄ تائين دنيا ۾ ڪو شخص اهڙو پيدا ڪونه ٿيو آهي، جنهن جي مرڻ کانپوءِ دنيا بدلجي وئي هجي. دنيا ۾ وڏو ڪو سانحو ٿيو هجي يا دنيا جي ترقي رُڪجي وئي هجي؟ جڏهن کائنس اهو سوال پڇيو ويو ته ”ڇا اهڙي منفي سوچ ۾ سوشل ميڊيا جو ڪو ڪردار ڏسو ٿا؟ ته امر جليل انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي چيو “نه اهو ڏوهه هُن ويچاري سوشل ميديا تي ته نه وجهو نه، جيئن اسان چوندا آهيون ته گن اِز ناٽ امپورٽنٽ، مين بيهائينڊ دَ گن اِز امپارٽنٽ، بندوق آهي ڪنهن وٽ، طالبان وٽ آهي، داعش وٽ آهي، بندوق جو ڏوهه ناهي، جنهن وٽ آهي، ڏسڻو اهو آهي ته اهو ان جو استعمال ڪيئن ٿو ڪري، تنهن ڪري منفي خيال جيڪي هُن طرف آهن، اهي منتقل ٿين ٿا، انهن کي سوشل ميڊيا تي وڌيڪ وُسعت ملي وئي آهي. توهان کي سادو مثال ڏيان، پرنٽ ميڊيا جيستائين هُئي، اڃا آهي، ان ۾ لکڻ ڏُکيو هيو، جيڪا شئي لکي توهان ڇپرائڻ ٿا چاهيو، اها اخبار ۾ وڃي ايڊيٽر تائين پهچڻ وڏي ڳالهه هئي، پهرين اُهو اسسٽنٽ ايڊيٽر يا ڪو ٻيو ڏسندو هو، پوءِ ايڊيٽر تائين وڃي پهچندي هئي، پوءِ ايڊيٽر فيصلو ڪندو هو ته اها ڇپجڻ جهڙي شئي آهي يا نه. ساڳيو ئي ڪتاب سان معاملو آهي، هاڻي ته پبلشر به ڇرڪن ٿا ته هي ڪتاب اسان ڇپايون ته مصيبت ۾ نه پئجي وڃون. الائي هن ۾ ڇا لکيو اٿس، متان ڦاسجي نه وڃون، انٽرنيٽ تي اهڙي پابندي آهي ئي ڪونه، دِس اِز بلَڊِي ٿـِنگ ڊيوِل، دِس ڊيول اِز وٿ مِي، نه هن ۾ ايڊيٽر آهي نه هن ۾ ڪو روڪڻ وارو آهي. ڪو نه ڪو اڪائونٽ ٺاهي توهان جنهن جي وڻي تنهن جي پڳ لاهي سگهو ٿا. اُن جي بي عزتي ڪري سگهو ٿا، غلط سنڌي لکي سگهو ٿا، ڪو روڪڻ وارو ڪونهي. عاليشان ڳالهيون به ٻڌڻ ۾ ٿيون اچن پر اُنهن جو تعداد گهٽ آهي،
”اوهان تي هڪڙي تنقيد ٿيندي رهي آهي ته اوهان ڪنهن به سياسي تحريڪ جو حصو ناهيو رهيا، ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟“ جنهن تي امر جليل واراڻيو، ”اول ته اُهي ماڻهو مون کي ڏيکاريو، مون سان ڪڏهن گڏ ويٺا، ڳالهه ٻولهه ڪيائون؟ چانهه چُڪو پيتائون؟ ڪيترو ٿا مون کي سڃاڻين؟ توهان جڏهن هڪڙي رائيٽر کي‏، هڪڙي ماڻهو کي سڃاڻو ئي ڪونه ٿا، ته پوءِ توهان اُن جي باري ۾ ڪيئن ٿا ڳالهايو. ون يونٽ جي دور ۾ توهان ڄايا هئا ڇا؟، جيڪي ڳالهائڻ وارا آهن، انهن ون يونٽ اکين سان ڏٺو هو ڇا، آئون ون يونٽ سميت مختلف قسطن ۾ آهستي آهستي لکي رهيو آهيان، مون آتم ڪهاڻي ۾ لکيو آهي ته ون يونٽ جي دور ۾ ڪيئن اوچتو هڪ ڪرڪيٽر، سياسي ادب لکندڙ بڻيو، آئون اُن سياسي ادب لکڻ ۾ هليو ويس جنهن کي ماڻهن بعد ۾ نعريباز ادب سڏيو ۽ چيو ته لٽريچر ٿوروئي آهي، هن ۾ رڳو سياست ڀري پئي آهي، رڳو نعريبازي آهي، جن امر جليل کي پڙهيو ئي ناهي ۽ امر جليل سان مليا ئي ناهن، جن امر جليل پڙهيو ئي ناهي، اهي ئي اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن،“ پوءِ امر جليل پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيل ان واقعي جو ذڪر ڪيو ته ڪيئن قمر شهباز کيس پنهنجو لکيل گيت”وطن جي راهه ۾ وطن جا نوجوان شهيد ٿيو، يا بچايو سنڌ کي يا سورما شهيد ٿيو،“ ڳارائڻ لاءِ هڪ وڏي جلسي ۾ وڍي ويو جتي قاضي فيض محمد سميت اوڀر پاڪستان مان به ماڻهو آيل هئا. اتي گيت ڳائڻ کانپوءِ ڀاڄ پوڻ ۽ گرفتاري لاءِ نڪتل وارنٽس جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ”اهي ڇوڪرا جيڪي مون تي تنقيد ٿا ڪن، ڇا اهي ان وقت مونسان گڏ هئا؟ آئون اسپورٽس مين هئس، آئون رائيٽر آهيان، رائيٽر پاڻ جلوس ۾ هجي، اِن قسم جو ڪو هڪڙو مثال ته ٻڌائين. هيمنگوي ڪڏهن نڪتو، ڪرشن چندر ڪڏهن نڪتو روڊن تي، منٽو ڪڏهن جلسن ۾ آيو، احمد نديم قاسمي ڪڏهن جلوسن ۾ اچي نعرا هنيا. جنهن جو جيڪو ڪم آهي، اُن کي اهو ڪرڻ گهرجي.“
امر جليل کان سوال پڇيو ويو ته، ”اسان وٽ تنقيد نگاري ڇو اسري نه سگهي آهي، ڇا اسان وٽ نقاد به آهن يا ناهن؟“ جنهن تي امر جليل مسڪرائيندي وراڻيو ”يار هاڻ ڪنهن جي باري ۾ ماڻهو ڇا چوي، اسان وٽ تنقيد جي معنيٰ رڳو بُڇڙو ڪرڻ آهي. هر ڪنهن جي پنهنجي پنهنجي فيلڊ آهي، منهنجي فيلڊ آهي لکڻ، منهنجو ڪم تخليقي ادب لکڻ آهي، مان لکان ٿو پيو، هاڻ اُن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ وارا، جيڪڏهن آهن يا نه، جيڪڏهن آهن ته پوءِ انهن جي مرضي آهي. جيڪڏهن مان لکڻ ئي ڇڏي ڏيان ته ڇنڊڇاڻ ڪنهن جي ڪندا. تنهنڪري اول ته تخليقي ادب توهان وٽ هجي ته ڇنڊ ڇاڻ ٿئي نه. تنهن ڪري منهنجو ڪم آهي لکڻ ۽ اهو ئي زندگيءَ ۾ منهنجو ڪم آهي.“ اهو پڇڻ تي تي “توهان جا نقاد چون ٿا ته امر جليل جو ڪڏهن به ڪونظريو ناهي رهيو،“ جنهن هن هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چيائين ڪهڙو نظريو، ڇا جو نظريو، نظرياتي جو مطلب ڇا اٿن؟ مون سان اچي ويهن ڇو نٿا؟ مان چوان ٿو هڪڙو اوپن سيشن ڪن، جيڪي نظريات نظريات جون ڳالهيون ٿا ڪن، ڪهڙو نظريو؟ ڪميونزم به نظريو هو جيڪو 80 سالن ۾ ڦيهه ٿي ويو، اهو نظريو آهي؟ منهنجو زندگيءَ ۾ هڪ ئي نظريو آهي ته آئون آزاد آهيان ۽ ذهني آزادي لاءِ جيئندس ذهني آزادي لاءِ مرندس. مان جيڪي سوچان ٿو مان چاهيان ٿو ته مان پنهنجي سوچ توهان تائين پهچايان، هي منهنجي آزادي آهي، آئون اها آزادي چاهيان ٿو. مان جنهن نموني لکڻ چاهيان ٿو مون کي اُن جي آزادي گهرجي. پر هن ملڪ ۾ نٿي ملي.“ ان موقعي تي پنهنجي اخبار جي ٽيم امر جليل کان پڇيو ته ”اها ڪهڙي مجبوري هئي جو اوهان ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي چيل ڳالهه جي وضاحت ڪئي.؟“ جنهن تي امر جليل چيو ته “مون ڪڏهن به وضاحت ناهي ڪئي، اُن ۾ مون ماڻهن کي سمجهايو هو، ڇو ته مون کي لازمي سمجهائڻو آهي، اهو منهنجو فرض آهي ته توهان جيڪڏهن ڳالهه نه سمجهيا آهيون، اُها ڳالهه سمجهايان. مثال طور، ناراض ڇا تي ٿيا؟ ٽوپي تي ناراض ٿيا؟ ايتري ڳالهه تي. اُن تي مون ٻيو هڪ ننڍڙو عرض ڪيو، اُن ۾ مون شاهه لطيف جي هڪڙي بيت جو مثال ڏنو، اُتان مون کنيو. روزا ۽ نمازون ايءُ پڻ چڱو ڪم، او ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرين کي، مون چيو اهڙي نموني نچو، ڳايو، ڪُڏو ٽپا ڏيو ڏاڍو سٺو، پر اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان سرجي سنڌ کي. جيڪڏهن سال ۾ هڪ ڏينهن ٽپڻ، نچڻ ۽ ڳائڻ سان سنڌ ترقي ڪري ها ته پوءِ ته سنڌ الائي ڪٿي کان ڪٿي هجي ها.؟ توهان جي سنڌ ۾ اسڪول بند، اسپتالن جا ٻيڙا ٻڏل، حاڪم توهان جا سڀ چور آهن، اِن سنڌ ۾ توهان نچو ڳايو ٺيڪ آهي، پر اُن لاءِ به ته سوچيو، ڪنهن ڏينهن پريس ڪلب جي سامهون اچي گڏ ٿيو، چئو اسان جي تعليم جو ٻيڙو ٻُڏي ويو آهي، هڪڙا اڻ پڙهيل، الائي ڪاليج به ڏٺئون الائي نه، وزيرن الائي يونيورسٽي ڏٺي به يا نه. اُنهن کي توهان پرو وائيس چانسلر ٿا ڪريو، پرو چانسلر معني وائيس چانسلر اُن جي ماتحت ڪم ڪندو. ڪنهن اخبار ڪڏهن لکيو ته سنڌ ۾ پرو چانسلر معنيٰ علامه آءِ آءِ قاضي اُن جي ماتحت، پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه اُن جي انڊر، عبدالقادر انصاري سڀ کان وڌيڪ عرصو 16 سال سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر رهيو، اُهو به هنن ماڻهن جي ماتحت!! ڪهڙيون ڳالهيون ٿا ڪن، هتي اچن نه، پريس ڪلب سامهون جلوس ڪڍن!“ امر جليل کان پنهنجي اخبار جي ٽيم ڪچهري دوران اهو به پڇيو ته ”ڇا توهان کي ڪڏهن سياست جو شوق رهيو؟“ ته هن ٺهه ٺپ وراڻيو نه “ڪڏهن به نه”، مان ووٽ به نه ڏيندو آهيان، مون کي اها سياست ئي نه وڻندي آهي، اها سياست آهي ئي ڪونه، جيڪا ماڻهن جي ڪابه آزادي قبول نٿي ڪري، آئون اهڙي قسم جي سياست کي پسند نٿو ڪريان.“ جنهن تي پنهنجي اخبار جي ٽيم امر جليل کان پڇيو ته ”ماڻهن جي مسئلن جو حل سياست ۾ ئي آهي ته پوءِ اوهان ان کي ڪيئن ٿا الڳ ڪري سگهو؟“ جنهن تي امر جليل چيو ته ”آئون صرف تشريح ڪري سگهان ٿو، را مٽيريل (خام مال) سٺو ته پروڊڪٽ به سٺي ٿيندي، مون ڪڏهن به وزيرن ۽ سياستدانن کي گاريون نه ڏنيون آهن. اِن ڪري ته اڄ تائين ڪوبه سياستدان پنهنجي طرفان پنڌ ڪري اسيمبلين ۾ نه وڃي ويٺو آهي، مون هُن کي ووٽ ڏنو آهي، تڏهن اُتي وڃي ويٺو آهي. مان پاڻ کي ڇو نٿو گار ڏيان، پاڻ کي گهٽ وڌ ڳالهايان نه؟ ته منهنجي ووٽ جي ڪري اُتي ويٺو آهي. ۽ اُتي ويٺو آهي ته حڪومت ڪندو، پوءِ اُتي تهڙي قسم جا ماڻهو هوندا، جهڙي قسم جو مان آهيان، اُهي اوهڙو ئي اُتي ڪم ڪن ٿا. انهن مان سٺي ڪم جون اميدون ڇو رکجن. جڏهن مان پاڻ ردي آهيان، ردي ماڻهو چونڊيان ٿو، ردي ماڻهو موڪليان ٿو ته اهو واضح آهي ته توهان جون ردي حڪومتون ٺهنديون. اِن ۾ ڪا فلاسافي يا ڪيمسٽري ۽ فزڪس جو فارمولو ناهي. را مٽيريل سٺو معنيٰ عام ماڻهو سُٺا ٿين، عام ماڻهو تڏهن سٺو ٿيندو، جڏهن اُن جي تعليم هجي، تربيت هجي، سوچ هجي، ويچار هجي، توهان جيڪا نظرئي جي ڳالهه ڪريو ٿا نه ته اهو منهنجو نظريو آهي ته سنڌ جي تباهيءَ جو ڪارڻ نه پٺاڻ، نه پنجابي، نه مهاجر، پر توهان جا پير، مير ۽ سردار آهن. ورهاڱي کانپوءِ هنن جي ٻيگهي متي پئي آهي، ورهاڱي کان اڳ هنن سڀني جي ماءُ مُئل هوندي هئي. ايڏي من مستي ۾ ڪونه هوندا هئا. 80 سيڪڙو اڪثريت ۾ هجڻ باوجود ويهه سيڪڙو هِندن کان ڊڄندا هئا.
ان موقعي تي امر جليل کان اهو به معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته توهان سنڌ جي تباهي جو ڪارڻ مير، پير ۽ وڏيرا قرار ڏيو ٿا، سنڌ ۾ جيڪي قومپرست، يا سنڌ پرست تحريڪون هيون، اهي انهن ميرن، پيرن ۽ وڏيرن آڏو ڇو بند ٻڌي نه سگهيون، جنهن تي امر جليل مسڪرائيندي چيو، ”الائي بابا! ڇاڪاڻ جو منهنجو هنن سان ڪڏهن رابطو يا ڊائلاگ نه ٿيو آهي، جيڪڏهن بند ٻڌي سگهن ها ته ٻڌن ها نه، ڇو نه ٻڌئون، شايد ڳوٺن ۾ رهيا پئي ۽ اهي انهن کان ڊنا پئي! ٻين لاءِ ڇا چوان، مان رسول بخش پليجي جي ڳالهه ڪندس، ايترا ته هُن جا پوئلڳ آهن، جو هو سنڌ کي پير پرستي مان بچائي پئي سگهيو. هاڻي ماڻهو جيڪي وڻن ۾ اڳڙيون ٿا ٻڌن، ڳاڙها ساوا ڌاڳا ٿا ٻڌن، يار هي ڪا سوچ آهي، اِن کان وڌيڪ هڪڙي گهٽيا ماڻهو جي سوچ لاءِ ڪهڙو اکر چئجي، ماڻهن جي ايتري جهالت، بابا وڻ ڇا ڪندو توهان کي؟؟ توهان هُن کي ڌاڳا ٿا ٻڌو ڳاڙها ساوا نيرا، ڇا ڪندو توهان جي لاءِ؟ اسان ايتري سجاڳي سنڌ ۾ نٿا آڻي سگهون.!“
ذڪر جڏهن قومپرستي ۽ سنڌ دوست سياستدانن جو پئي هليو ته پنهنجي اخبار جي ٽيم موقعو ڏسي امر جليل کان اهو به پڇي ورتو ته، ”توهان پنهنجي دور جي سياستدانن، سائين جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجي سان ان سلسلي ۾ ڪي ڪچهريون ڪيون يا ڪا گفتگو ڪئي؟“ جنهن تي ساڳئي انداز ۾ امر جليل ڪنڌ انڪار لوڏيندي چيو، ”ڪڏهن به نه، منهنجي دنيا ئي الڳ آهي. مان مڪمل طور اڪيلو رهڻ گهران ٿو، مون کي پنهنجي اڪيلائي وڻندي آهي،“ هن سائين جي ايم سيد سان پهريون ۽ آخري ڀيرو ملاقات جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته،” پنهنجي زماني جو شاگرد ليڊر نصر الله بجاراڻي مون وٽ ايندو رهندو هو، هڪ ڀيري آيو ۽ چيائين ته توهان کي 15 منٽن لاءِ وٺي ٿو هلان، مون چيو اڙي بابا ڪاڏي وٺي هلندين. سائين بس مان واعدو ڪري آيو آهيان، بابا ڪنهن سان واعدو ڪري آيو آهين. سائين بس ڏهه 15 منٽن لاءِ مون سان هلو. جيپ ۾ ويهڻ کانپوءِ چيائين سائين جي ايم سيد ڏي ٿو وٺي هلان، اڙي بابا خيرته آهي مون کي ڇو ٿو اوڏانهن وٺي هلين. چيائين بس سائين جو حڪم آهي، پٽيل پارڪ جنهن کي هاڻي نشتر پارڪ سڏن ٿا، ان جي سامهون حيدر منزل آهي، اُتي وياسين، مون کي اندر وٺي هليو، اُتي جيڪو ماحول هو، اُهو منهنجي لاءِ ڏاڍو عجيب هو. پري پري تائين هيڏي هوڏي ماڻهن جا بوٽ لٿل هجن، مون هن کي آهستي چيو ته مسجد ۾ وٺي آيو آهين ڇا؟ چيائين نه، هلو هلو.. مون ته بوٽ نه لاٿو، پاڻ به نه لاٿائين… پر اڳتي جڏهن وياسين ته هڪڙو ڪوريڊور هو، ڪوريڊر کانپوءِ در کُليل هو، لڳو پئي ته ماڻهو اُتي ويٺا آهن، پرسڀ هيٺ ويٺا آهن، اڇو ڪو ڪپڙو يا چادر وڇايل هجي، کوڙ سارا وهاڻا ڪناري تي پيل هئا، جڏهن هُن جي ويجهو وياسين ته ڇاڪاڻ جو ماڻهو هيٺ ويٺل هئا، سو فطري طور بوٽ لاهي اندر وياسين. ته سائين جي ايم سيد اُتي سامهون ويٺو هو، مونکي ٻاهر بيهاريائون، نصر الله وڃي کيس ڪن ۾ منهنجو ٻڌايو، سائين جي ايم سيد ها ڪري هٿ سان اشارو ڪيو ته وٺي اچيس. هُن به مون کي هٿ جي اشاري سان چيو هليو اچ اندر. سائين جي ايم سيد اٿي بيٺو، مون کي اڳتي ويجهو ڪري مٿي تي چُمي ڏنائين، پوءِ هُن کي چيائين وٺي وڃيس. مون نصر الله کان پڇيو اڙي! ڇا جي ڪري چمي ڏنائين ۽ ڇو ڏنائين؟ نه ڪو اکر مون سان ڳالهايائين ڇا جي ڪري؟ جنهن تي نصر الله چيو سائين توهان جو ڪو ڪتاب ٻتاب پڙهيو آهي. اڙي تون ليڊر، اسٽوڊنٽ ليڊر توکي اها خبر ناهي ته سائين ڪهڙو ڪتاب پڙهيو، جنهن جي ڪري هُن کي وڻيو آهيان!“ ان موقعي تي پنهنجي اخبار جي ٽيم امر جليل کان پڇيو ڀلا ”پنهنجي در جي وڏي شاعر شيخ اياز سان ملاقاتون يا ڪچهريون ٿيون؟،“ جنهن تي امر جليل ٽهڪ ڏيندي چيو ته “شيخ اياز سان به زندگي ۾ هڪڙي ملاقات ٿي، جيڪا پڻ ناخوشگوار قسم جي ملاقات هئي. شايد65ع جو زمانو هو، يا 64ع جو، روح رهاڻ نڪرندو هو، اُن ۾ منهنجي ڪا هڪڙي اسٽوري ڇپي هئي اروڙ جو مست، اُن کي وري هنن بهترين اسٽوري قرار ڏيندي ايوارڊ جو اعلان ڪيو هو، حميد سنڌي سال ۾ هڪڙو ڀيرو اهو ميلو ڪندو هو. اُتي ڪا هڪڙي وڏي هوٽل هئي، ريڊيو پاڪستان جي بنهه ويجهو هئي، اُتي ڪو هال بُڪ ٿيل هو، ڪيترائي ئي اديب ويٺل هئا، آئون به وڃي ويٺس، منهنجي ۽ شيخ اياز جي وچ ۾ ٻيو ڪو اديب ويٺل هو، شيخ اياز سان گڏ رشيد ڀٽي ۽ رشيد آخوند، اهڙي قسم جا سينيئر ليکڪ ويٺل هئا، ٿورڙي دير ۾ هال اندر بيچيني محسوس ٿي، ڪي ماڻهو اچي در جي سامهون بيٺا، حميد سنڌي آيو ۽ شيخ اياز کي ڪن ۾ ڪجهه چيائين ۽ کيس هڪڙو ڪاغذ ڏيکاريائينس، شيخ اياز کي چيائين ته ڪن ۾ پر ڳالهه سمجهي پئي سگهياسين، اُن دوران خبر پئجي وئي ته هُن کي ڪمشنر طرفان شهر بدريءَ جو آرڊر مليو آهي، جنهن ۾ کيس ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ حيدرآباد ڇڏي وڃڻ جو حڪم مليل هو، مون کي ڏاڍو عجيب لڳو، ڇو جو اُن وقت جيڪو تصور اسان جي ذهن ۾ هو ته اياز بهادر، بيهي رهڻ وارو، نه هٽڻ وارو ماڻهو آهي، پر ليٽر ملڻ بعد شيخ اياز اٿي بيٺو ۽ حميد سنڌي کي چيائين ته بابا گاڏي ڪڍراءِ، ٻن ڪلاڪن ۾ شهر ڇڏڻو آ، وقت گهٽ آهي، تنهن ڪري آئون ڪوٽڙي مان ريل ۾چڙهندس، مون کي ڪوٽڙي وٺي هلو. مون کي خبر ناهي ته ڪوٽڙي ڇو پئي ويو؟ مون کي ڏاڍو عجيب لڳو، رڳو هڪڙو اکر مون کي سموري زندگي ياد رهندو، ڪڏهن به نه وساري سگهندس، جهڙي نموني هُن( شيخ اياز) مون کي رُکو جواب ڏنو. مون چيو سر وائي ڊونٽ يو ڊو لائيڪ دِس، اڃا مان جُملو پورو ڪونه ڪيو. منهنجو چوڻ هو ته ايڊووڪيٽ آهين، هڪدم تون وڃي جيڪي قانوني طريقا آهن سي استعمال ڪري اُن آرڊر خلاف اسٽي وٺي ڇڏ، ڌوڙ ۾ وجهو اِنهن آرڊرن کي، مون رڳو ايترو اکر ڪڍيو ته هڪدم مون کي ڏسي چيائين ته ”آئي نو واٽ ٽو ڊو ۽ واٽ ناٽ ٽو ڊو!“(مونکي خبر آهي ته مونکي ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نه!) اها اياز سان منهنجي پهرين ۽ آخري مُلاقات هئي!“
امر جليل سائين جي ايم سيد ۽ شيخ اياز سان مختصر ملاقاتن جو ذڪر ڇيڙيو ته پنهنجي اخبار جي ٽيم هن کان رسول بخش پليجي بابت به سوال پڇڻ جو موقعو هٿان نه وڃايو. پنهنجي اخبار پڇيو ته ”رسول بخش پليجو سنڌ جي اديبن، شاعرن سان اڪثر ملاقاتون ۽ ڪچهريون ڪندو رهندو هو، ڀلا اوهان سان هن جي ڪچهري يا ملاقات ٿي؟“ جنهن تي ساڳي ريت امر جليل چيو ته “نه نه، اسان جي ڪڏهن به ڪچهري ڪونه ٿي، پر ڪنهن حد تائين مون کي وڻندو به هو. الائي ڪٿي مون ڪتاب ۾ لکيو آهي. رسول بخش پليجو شڪر ڪري ته آئون عورت ناهيان، عورت هُجان ها ته هُن تي عاشق ٿي پوان ها پوءِ مون مان جان ڪيئن بچائي ها. امر جليل وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو ته مون کي رسول بخش پليجو وڻندو ڏاڍو هو ۽ آخر تائين وڻندو هو. 2 سال اڳ آئون حيدرآباد ڪنهن پروگرام ۾ ويس جنهن ۾ رسول بخش پليجو کي ويل چيئر تي وٺي آيا. آئون وڃي ساڻس مليس ۽ تصويرون به نڪتيون، جن ۾ آئون ان سان گڏ بيٺو هئس، ڇا ته ماڻهو هجي ٿو ڪيئن ماڻهو جي پڄاڻي ٿئي ٿي!“
”ڇا توهان به ڪڏهن ڪنهن سان عشق ڪيو، يا ڪا عورت توهان کي وڻي؟“ جنهن تي امر جليل مسڪرائيندي چيو، ”اڙي سائين ڪرڪيٽ جي عشق ڏاڍو ماريو، نه ته آئون به ڪو فرشتو نه آهيان، انسان آهيان، مون کي به ڪنهن سان محبت ٿي سگهي ٿي، اتفاق سان منهنجي ٻاراڻي ڪلاس کان وٺي يونيورسٽي تائين مون ڪو ايجوڪيشن ۾ تعليم ورتي. اسان جي اين جي وي اسڪول ۾ ڪرڪيٽ ڏاڍي هوندي هئي، ته ڪلاس جي به ٽيم هوندي هئي. ٽئين يا چوٿين ڪلاس ۾ هئس ته پنهنجي ٽيم جو ڪئپٽن ٿيس، هاڻ ڪيپٽن ٿيس ته پڳ ٻڌجي وئي نه. هاڻي سائين ڪيپٽن اسڪول جي ڇوڪري سان ڪيئن ڳالهائي ۽ ڪيئن کينچل ڪري، ويندي ميٽرڪ ۾ اسڪول جو ڪيپٽن ٿيس. هاڻي سائين ڪپتان صاحب عشق ڪري يا ڪرڪيٽ کي ڏسي؟ سچي ڳالهه آهي ته ٻه ٽي ڇوڪريون اهڙيون هيون، جن کي اڄ تائين آئون وساري نه سگهيو آهيان. منهنجون هُنن کي دعائون آهن، جتي به آهن آباد هجن، سندن شاديون ٿي ويون. ساڳيو ڪم ڪاليج جو، ساڳيو ڪم يونيورسٽي ۾ مان ڪيپٽن ٿيس. سو انهيءَ پڳ ماري وڌو زندگي ۾. پڳ ٻڌل نه هجي ها ته ڪنهن نه ڪنهن ڇوڪريءَ کي وڃي چوان ها، چاهي پوءِ دڙڪا ڏئي يا چوي ها ”هل ڙي ڪارا! پنهنجو نڪ ته ڏس، اهڙي نڪ واري سان ڪو محبت ڪندو!“ پنهنجي اخبار جي ٽيم امر جليل کي چيو، ”اوهان جون ڪي اهڙيون خواهشون آهن، جيڪي پوريون نه ٿيون هجن؟“
”ها ڪافي آهن“، امرجليل وراڻيو ”امتياز احمد منهنجو هيرو هجي، خبر پئي ته هو ايئر فورس ۾ پائلٽ آهي ته بس پوءِ مون به چيو ته پائلٽ ٿيندس، ڇا جو انجنيئر، بابا جي خواهش هئي ته انجنيئر ٿيان ان ڪري ڊي جي سائنس ڪاليج ۾ داخلا ڏيارائين پاسي ۾ ايئر فورس جي ريڪروٽنگ آفيس به هوندي هئي ڏاڍي ڪوشش ڪيم پر پائلٽ نه ٿي سگهيس. امتياز احمد سان ڪڏهن نه مليس، ڪنهن ڪتاب ۾ مون لکيو هو ته جنهن سان توهان کي بي انتها محبت هجي ان سان نه ملجي، انسان ۾ خاميون خوبيون هجن ٿيون، توقعات وڌن ٿيون پوءِ ماڻهو نااميد ٿي وڃي ٿو. دنيا گهمڻ جي خواهش هئي، خاص ڪري آرڪيالاجيڪل سائيٽس، نه ٿيو. اهو به فيصلو ڪيو هو ته شادي نه ڪندس ۽ گهر ۾ نه رهندس يا ته هاسٽل ۾ رهندس يا وري انگريزن جي دور ۾ هڪڙا ٽرالر هوندا هئا، جن جي پويان ڪمري وانگر ڪنٽينر هوندو هو، ان ۾ رهجي، جيڏانهن مرضي پوي تيڏانهن وڃجي!“

SAIMA DTR 3 TEASER.avi transcript powered by Sonix—the best video to text transcription service

SAIMA DTR 3 TEASER.avi was automatically transcribed by Sonix with the latest audio-to-text algorithms. This transcript may contain errors. Sonix is the best way to convert your video to text in 2019.

Quickly and accurately convert video to text with Sonix.

Sonix uses cutting-edge artificial intelligence to convert your avi files to text.

Thousands of documentary filmmakers and journalists use Sonix to convert avi file to srt or vtt to make their media content more accessible to the viewing public.

Sonix is the best online video transcription software in 2019—it's fast, easy, and affordable.

If you are looking for a great way to convert your avi to text, try Sonix today.

This entry was posted in Interview. Bookmark the permalink.
avatar
  Subscribe  
Notify of