ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان اسيمبلي سي پيڪ رٿا ۾ حصو نه ملڻ بابت ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي. بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران مخالف ڌر جي ميمبرز سي پيڪ ۾ حصو نه ملڻ خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو. بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال سوڌو ٻين صوبائي ميمبرز ٺهراءُ جي حمايت ڪئي، جنهن کانپوءِ اسپيڪر منظوري ڏئي ڇڏي. اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير ڄام ڪمال جو چوڻ هو ته سي پيڪ جي شروع ٿيڻ کان اڳ وڏيون ڳالهيون ڪيون ويون، پر بريفنگ ۾ رڳو 4 سيڪڙو حصو ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، جڏهن ته سي پيڪ ۾ بلوچستان جي ڪابه اسڪيم به شامل ناهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي عوام تي رحم ڪندي سي پيڪ ۾ گهربل حصو ڏئي.