
سڊني (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي ڀلوڙ بيٽسمين ۽ ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ ميچ دوران بال خراب ڪرڻ جي ڪيس ۾ هڪ سال جي پابندي کي منهن ڏيندڙ اسٽيون سمٿ ان سڄي واقعي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي. هلندڙ سال مارچ کانپوءِ پهريون ڀيرو پريس ڪانفرنس ڪندي اسٽيو سمٿ چيو ته ان وقت هو واقعو ٿيڻ کان روڪي سگهڻ جي پوزيشن ۾ هيو پر اهو نه روڪڻ سندس ڪپتاني ۽ اڳواڻي جي ناڪامي هئي. هن چيو ته فيلڊ تي هڪڙي شيءِ ٿي رهي هئي جنهن کي هو چاهي هان ته روڪي سگهي ها. هن چيو ته ان واقعي کانپوءِ اهڙا ڏينهن به آيا، جڏهن هو پنهنجي ڪمري کان نڪري نه سگهندو هو. سندس چوڻ هو ته آسٽريليا ڪرڪيٽ ٽيم ۾ پهريون ڀيرو اهو واقعو ٿيو آهي، ٻين ٽيمن ۾ اهو واقعو ٿيندو هوندو يا نه مونکي خبر ناهي پر هر ٽيم چاهيندي آهي ته بال سونگ ڪري. اسٽيون سمٿ کي ڪالهه بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ شرڪت کان روڪيو ويو، جڏهن ته هو پي ايس ايل ۾ پڻ شريڪ ٿيندو.