fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

پ پ وارن سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: حليم عادل شيخ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ پارلياماني اڳواڻ حليم عادل شيخ  ۽ ايم پي اي خرم شير زمان الزام هنيو آهي ته پ پ وارن سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي عوام کي بنيادي سهولتن ناهن، اهڙو اظهار هنن ڪالهه انصاف هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو،  پي ٽي آئي اڳواڻن چيو ته ڏهن سالن تائين خزاني جي ڪنجي مراد علي شاهه وٽ هئي جنهن رڳو اومني گروپ کي خوش ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ کيس وزير اعليٰ بڻايو ويو. سنڌ جي عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي حليم عادل شيخ  چيو ته وزير اعليٰ سنڌ جي تڪ جي اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ئي نه آهن عوام کي چوڪيدار جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. اسڪول تباهه ۽  منڇر ڍنڍ جي حالت انتهائي خراب آهي، ڪينجهر ۾ زهريلو گٽرن جو پاڻي ڇوڙ ٿي رهيو آهي. جيڪو ماضي ۾ هڪ سياحتي مقام هو اڄ تي تباهي نظر اچي رهي آهي اسڪولن ۾ سهولتون ناهن عوام تمام ڏکئي پراڻي دور واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي.

 

Bookmark the permalink.