حيدرآباد(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر انسٽيٽيوٽ آف ميٿيميٽڙڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس جي پروفيسر سليم چانڊيو کي ٻيهر رجسٽرار مقرر ڪيو ويو. مقررٿيل رجسٽرار پنهنجي 23 عزيزن کي يونيورسٽي ۾ نوڪرين سان نوازي ڇڏيو ان حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي موجودا وائيس چانسلر پاران يونيورسٽي جي هڪ 21 هين گريڊ جي پروفيسر محمد سليم چانڊيو کي پنهنجي مقرري بعد فوري طور رجسٽرار مقرر ڪيو هو، جنهن بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ هلندڙ هڪ ڪيس دوران ان وقت جسٽس صلاح الدين پنهور پاران يونيورسٽي جي انتظامي عهدن تي استادن جي مقرري بابت رپورٽ طلب ڪئي وئي هئي ته 24 آڪٽوبر 2017 تي سليم چانڊيو جي استعيفي عدالت ۾ پيش ڪئي وئي هئي ۽ ان وقت ساجد قيوم ميمڻ کي رجسٽرار طور مقرر ڪرڻ جو آرڊر عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو، جڏهن ته ڪجهه مهينا ساجد قيوم ميمڻ جي رجسٽرار رهڻ بعد جولائي 2018ع ۾ ٻيهر وائيس چانسلر پروفيسر سليم چانڊيو کي رجسٽرار طور مقرر ڪري ڇڏيو، اينٽي ڪرپشن جي هڪ رپورٽ موجب پروفيسر سليم چانڊيو پنهنجي رجسٽرار هجڻ جو فائدو وٺندي پنهنجي 23 ويجهن مائٽن کي يونيورسٽي ۾ بنا ايڊورٽائيزمينٽ جي نوڪرين سان نوازيو.