سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ واٽر ڪميشن جي چيئرمين امير هاني مسلم چيو آهي ته واٽرسپلاءِ ۽ ڊرينيج اسڪيمن جي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ڏانهن منتقلي ۽ ملازمن جي بدلي جي ٽائيم لائين ختم اهي هدايتن تي فوري عمل گهرجي ڪوبه بهانو نه هلندو، اسڪيمن تي ڊيوٽي جوائن نه ڪندڙ ملازمن کي گهر وڃڻو پوندو ۽ کين نوڪرين مان ٽرمينيٽ ڪيو ويندو، ڪابه بند پيل اسڪيم تصور نه ٿيندي غيرفعال اسڪيمن کي فعال بڻائڻو آهي. هن اهڙيون هدايتون ڊي سي آفيس سکر ۾ سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزنن جي اعليٰ انتظامي، لوڪل گورنمينٽ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن سان سمورين واٽرسپلاءِ، ڊرينيج اسڪيمن ۽ آر او پلانٽس جي وهنوار ۽ سارسنڀال جو ڪم پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ڏانهن منتقل ڪرڻ واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ اهم گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڏنيون، جنهن ۾ سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ اينڊ رورل ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جمال مصطفيٰ سيد، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ خالد حيدرشاهه ۽ ڪمشنر سکر/لاڙڪاڻو ڊويزن رفيق احمد ٻرڙو سميت سمورن ضلعن جي ڊي سيز، ايگزيڪيوٽو انجنيئرز پبلڪ هيلٿ، لوڪل گورنمينٽ آفيسرن، ميئر سکر بيريسٽر ارسلان اسلام شيخ، ميئر لاڙڪاڻو اسلم شيخ ۽ ٻيا شريڪ هئا. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ واٽر ڪميشن جي چيئرمين امير هاني مسلم چيو ته آئوٽ سورسنگ خريداري ۾ ميونسپل کي فري هينڊ نه ڏينداسين جيڪا به خريداري ٿيندي اُها ضلعي انتظاميه جي رضامنديءَ سان ڪئي ويندي ، اسڪيم جي غلط پلاننگ ۽ ڊزائننگ ڪندڙن جو حساب ڪتاب ٿيندو، ذميوار ماڻهن کان پئسا ڀرائي وٺبا، جڏهن ته ٺل ۾ ڪروڙين رپيا ضايع ڪرڻ وارو معاملو نيب ڏانهن اماڻيو ويندو. جسٽس رٽائرڊ اميرهاني مسلم چيو ته تيل جي پرواهه ناهي ڪرڻي، ماڻهن جون زندگيون بچائڻ ۽ ماحول بهتر بڻائڻ لاءِ لينڊ فل سائيٽس شهرن کان گهڻو پري رکيون وڃن. واٽرڪميشن جي چيئرمين ميئر سکر کان پڇاڻو ڪيو ته شهرين کي گندو پاڻي ٽريٽ ڪري پيئارڻ کان بهتر آهي پهريان اپ اسٽريم ۾ گندو پاڻي ڇوڙ ئي نه ڪيو وڃي اهڙي ڪا اسڪيم هن وقت تائين ڇونه ٺاهي وئي.. ميونسپلز ۾ 2-2 سئو ڪلارڪ آهن جن جي جڳهه به ناهي اهي گهر ويٺي پگهارون جو مزو ماڻي رهيا آهن اوور اسٽاف کي سرپلس پول ۾ وجهي استعمال هيٺ آڻڻو آهي. هن چيو ته هر اسڪيم تي مونکي وڃي معائنو ڪرڻ جي ضرورت نه آهي جتي به اشو سامهون اچي ڪمشنر ۽ ٻين لاڳاپيل چينلز تي اطلاع ڪيو وڃي. چيئرمين واٽرڪميشن واضح ڪيو ته ايگزيڪيوٽو انجنيئر پبلڪ هيلٿ اسڪيمن جو ڊي ڊي او هوندو پر ڪوبه فنڊ ڊي سي جي منظوريءَ کانسواءِ رليزنه ڪندو. هن چيو ته سموريون واٽرسپلاءِ ۽ ڊرينيج اسڪيمن توڙي ملازمن جي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ڏانهن منتقلي وارو ڪم منتقل ڪرڻ جي ڪابه ٽائيم لائين ناهي هدايتن تي فوري عمل ٿيڻ گهرجي ڪوبه بهانو نه ٻڌو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته سسٽم ۽ ادارن ۾ خرابي ۽ تباهي لاڳاپيل آفيسرن جي نارضامندي سبب آئي آهي، ڪم ڪرڻ جي لاءِ انفرا اسٽرڪچر نه پر پڪي ارادي جي ضرورت هوندي آهي. جسٽس رٽائرڊ اميرهاني مسلم واضح ڪيو ته اسڪيمن جو ٻه ڪيٽيگريز آهن جن ۾ فعال ۽ غيرفعال شامل آهي، باقي ڪابه بند پيل اسڪيم نه آهي، جيڪڏهن هجي ته اُن جو معاملو نيب ڏانهن اماڻيو ويندو. ماڻهن جو ميونسپل ادارن تان ويساهه کڄي وڃڻ سبب ئي ڊسٽرڪٽ اوورسيز ڪميٽيون ٺاهيون ويون آهن. هن چيو ته ڊيسڪ، ڪمپيوٽر، آن لائين ۽ آف لائين سان ڪمپلينٽ سيل ناهن ٺهندا، غريب ماڻهو کي پاڻي نه ملندو ته اُهو آن لائين وڃي شڪايت ٿورو ئي ڪندو، لاڳاپيل آفيسر ۽ نمائندا پنهنجي اندر ۾ ڪمپلينٽ سينٽر کولين ۽ هر جڳهه تي ويهي ماڻهن جا اهنج دور ڪن. اِن کان اڳ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر پبلڪ هيلٿ انجنجيئرنگ ڊاڪٽر مولابخش ڌاريجو اجلاس ۾ بريفنگ ڏني ته سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزنن ۾ پاڪ اوسز پاران آر او پلانٽس جون 70-80 سيڪڙو اسڪيمون فعال ٿي ويون آهن ڊسمبر جي آخر ۾ سڀ آر او پلانٽس هلي ويندا، نئين سيٽ اپ ۾ هر تعلقي اندر واٽرسپلاءِ ۽ ڊرينيج اسڪيمن لاءِ اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ۽ 3 سب انجنيئر مقرر ٿيندا، جن جي نظرداري ڊسٽرڪٽ اوورسائيٽ ڪميٽي ڪندي، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ ٽرانزيڪشن ڪميٽيون پڻ جوڙيون آهن، سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزنن ۾ لوڪل گورنمينٽ جي 706 ملازمن جي ڊرينيج ۽ واٽرسپلاءِ اسڪيمن تي بدلي ٿيڻي آهي، هر اسڪيم تي 2 ورڪ چارج ملازم کڻڻ جي اجازت هوندي. اجلاس دوران سنڌ واٽر ڪميشن چيئرمين امير هاني مسلم سکر شهر جي مين روڊ تي گند ڪچرو پيل هئڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ميونسپل ڪمشنر سکر کي ڇنڊ پٽي ۽ کيس حڪم ڪيو ته سموري مشينري روڊ تي آڻي هڪ ڏينهن اندر گند ڪچرو صاف ڪيو وڃي.