ڪلوئي( ن پ ا) ڪلوئي تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ ڳورهاري ۽ ڪمزور عورتن کي ملندڙ امدادي سامان نه ملڻ خلاف ڏڪار سٽيل ڳوٺاڻن ٻئي ڏينهن به دانهيندي پريس ڪلب ڪلوئي پهچي احتجاج ڪيو. ڳوٺ کاڙڪ، لوهه سنجراڻي، آرڏو، سارهوڙ، پاٽار ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين منظور لنڊ، حاجي محمد، الهورايو سنجراڻي، منگل رام ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته صحت کاتي ٿرپارڪر پاران ملندڙ ڳورهاري ۽ ڪمزور عورتن جو امدادي سامان من پسند ماڻهن ۾ ورهايو پيو وڃي، جڏھن تھ ڪجھھ علائقن ۾ جيڪو امدادي ملي پيو، انھن بيگن مان بھ سامان ڪڍيو پيو وڃي. ھنن چيو تھ ڳوٺ گڏر ۾ امدادي سامان سان ڀريل گاڏي پهتي ته لسٽن ۾ نالا شامل نه هئڻ ۽ راشن نه ملڻ سبب ڪيترن ئي ڏڪار متاثر عورتن ۽ مردن امدادي سامان سان ڀريل گاڏي جو گهيراءٌ ڪري ورتو. ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو تھ صورتحال خراب ٿيڻ جي خدشي سبب ڪلوئي پوليس ڪئي وئي. پوليس پھچي گھيراءُ ڪندڙ ماڻھن کي ھٽايو ۽ ڊپٽي ڪمشنر رڳو دلاسا ڏيندو رھيو. ڏڪار متاثر ڳوٺاڻن اعلي اختيارين کان امدادي سامان جي منصفاڻي ورڇ ۽ لسٽن ۾ نالا شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي.
- حيدرآباد: ڄامشورو روڊ تي ڪار حادثو، ھڪ ڄڻو فوت، 3 ڄڻا زخمي
حيدرآباد(رپورٽر)ڄامشورو روڊ تي لطيف آباد رھواسين جي ڪار سان حادثو پيش آيو. ڪار ڊرائيور موقعي تي فوت ٿي ويو جڏھن تھ ڪار سوار 3 ڄڻا زخمي ٿي ويا. پوليس لاش…
- “ڪارنهن جي تهمت” جوابدار ڀاڄائي ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو
صحبت پور (ن پ ا) ڊيرالهيار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محبوب علي کوسو ۾جوابدار غلام رسول بروهي ڪارنهن تهمت مڙهي ڀاڄائي مسمات بينظير ۽ نوجوان غلام علي کوسو کي…
- ”مهرن جي دعوت“ آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا
سکر ( ن پ ا) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي آءِ ٽي رپورٽ کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ سرڪار مدو پورو…
بحث مباحثو
Fahad آصف زرداري کي گرفتارڇونه ٿيڻ گهرجي؟صحبت پور (ن پ ا) ڊيرالهيار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محبوب علي کوسو ۾جوابدار
asdasd آصف زرداري کي گرفتارڇونه ٿيڻ گهرجي؟asdasdasd 
fahad آصف زرداري کي گرفتارڇونه ٿيڻ گهرجي؟asdkakjdslas
