
شاخ جي ٻنهي پاسن کان وڻ ۽ ٻُوڙا سڪي ويا، ڪڏهن اهي ساوا هوندا هيا، شاخ ڪنن تائين وهندي هئي. هاڻي شاخ ۾ ڌوڙ ايئن اڏرندي هئي ڄڻ پوئڪيءَ جو روح! پوئڪي خاص مڇي هئي، جيڪا شاخ جي وهندڙ پاڻيءَ تي حڪمراني ڪندي هئي. مڇي مار ته پوئڪي مرندي هئي، قداور جي ڄنگهه جيڏي پوئڪي، پچاءِ ته اهڙي سڻڀي جو گيهه وجهڻ جي ضرورت نه پوي.
شاخ سُڪي ٺوٺ ٿي وئي، ٻوڙا سڪي ويا، شاخ ڪنارن تي ڪرڻن جهڙا ڪانا اڻ لڀ ٿي ويا.
ڪانن مان پترون ٺهنديون آهن. ڪاٺيون نه هجن ته چلهه ۾ ڪانا سڙندا آهن، ڪانو ڪٽي اڳٺ وجهڻي ٺاهبي آهي. ڪوري تانيءَ ۾ ڪانا وجهي ڪپڙي جي چال ٺاهيندو آهي. ڪنڍيءَ ۾ ڪانو ٻڌي پاڻي ۾ اڇلائيندا آهن. مڇي ڪنڍيءَ ۾ پيل کاڄ کي چڪ هڻندي آهي ته ڪانو لڏندو آهي، ڪانو مئل جي قد سان ماپي قبر جي کوٽائي ٿيندي آهي. پر پيرل ڪاني سان ملهه وڙهندو هيو.
هيو به ڪاني جهڙو سنهو، منهن مان ئي مسخرو لڳندو هيو، چپ بند ڪري نه، کولي مرڪندو هيو.
اهي ڳوٺ جا سکيا ڏينهن هيا، پاڻي پاڻ سان گڏ برڪت وهائي کڻي ايندو آهي. شاخ خزاني سان ڀريل هوندي هئي، ٻنيءَ ۾ اوت ته هرطرف اناج جا داڻا موتين جيئن وکري ويندا هيا. ٻاجهر ايڏي هوندي هئي جو جهار هڪلڻ جي ضرورت نه ٿيندي هئي. پکي پيٽ ڀري کائيندا هيا، جيڪا بچي ته ماڻهن جي کائڻ کان مٿي هوندي هئي.
لابارا لهندا هيا ته ميلا مچندا هيا. گندين ڪڏهن گوندر نه ڏٺا، ڪنارن تائين ائين سٿيل هونديون هيون جيئن پکين جا گج، جن سان نڙيون ڦوڪيل هونديون آهن.
پڇاڙڪو ڳوٺ هيو، هاري ئي هاري هيا ڪنهن کي وڏيري ٿيڻ جي ضرورت نه هئي. هڪ چڱو مڙس هيو جنهن جو پنج ڪوهه پري هڪ وڏيري سان واسطو هيو، ڳوٺ چڱي مڙس معرفت وڏيري سان ”ها ۾ ها“ ملائيندو هيو.
هر لاباري تي لالڻ لنگهو اهڙو ته دهل وڄائيندو هيو جو ڪڻڪ جا ٻوٽا مست ٿي نچندا هيا ۽ نچي نچي ڪنڌ لاباري لاءِ پيش ڪندا هيا. شاهه جي پڌر ۾ سڄو ڳوٺ گڏ ٿيندو هيو ڄڻ عيد ٿي ويندي هئي. هر ڪو خوش ۽ کلندو هيو. ملهه ۽ پڃريءَ جا مقابلا ٿيندا هيا. نم جي وڏي وڻ هيٺان پٿر جون پڃريون پيل هونديون هيون. هر ڪو زور آزمائي ڪندو هيو پر ڌمڻ ماڇيءَ جهڙو جانٺو ڪوبه نه هيو. ٻيا سڀ پڃريءَ جي هٿڻي ۾ هٿ وجهي هڪ هٿ سان مڻ جي پڃري کڻن ته ڌمڻ ماڇي هڪ هٿ سان سٽ ڏئي ٻن ڄڻن جي پڃري ائين کڻندو هيو جو پٿر جي پڃريءَ مان چيلهه جي سٽ جو آواز ايندوهيو.
ملهه جا مقابلا ٿيندا هيا ته ميدان ۾ سڀ کان پهريون پنهنجي قد جيڏو ڪانو کڻي پيرل لهندو هيو. پيرل ۽ ڪاني ۾ ٿورو فرق هيو. ڪانو پيرل کان ٿورو سنهو هيو، ٻيو پيرل کي لنگ وريل هوندو هيو ۽ ڪانو انگ اگهاڙو، ڪاني کي ڪپڙن جي ضرورت نه پوندي آهي ڇو جو اهو لڳ نه ڪندو آهي. شاخ ڪناري پاڻي مٽيءَ سان لڳ ڪندو آهي ته ڪانو پيدا ٿيندو آهي.
ميدان ۾ تاڙيون وڄنديون هيون، لالڻ لنگهو بود مان پٽو ورائي پيٽ تي رکيل دهل ڪُٽندو هيو. دهل مان آواز ايندو هيو ”پيٽ ۾ لُل…. ڳوٺ ۾ هــــلُ …..پيٽ ۾ لُل….“
ملاکڙي جو دستور هيو، باقاعدي ملهه شروع ٿيڻ کان اڳ وندرائڻ لاءِ پيرل ۽ ڪاني جي ملهه ضروري هئي. پيرل ڪانو ساڻ ڪري ميدان ۾ ايندو هيو ته ٽهڪڙا پئجي ويندا هيا. پوءِ هو ڪاني سان ملهه وڙهندو هيو، وڏو فنڪار هيو. ڪانو ائين جهليندو هيو جو ڪاني ۾ ساهه پئجي ويندو هيو. پوءِ ويڙهه شروع ٿي ويندي هئي، لڳندو هيو ڪاني کي به ٻانهون ۽ ڄنگهون هجن. پيرل ڪاني کي ڀاڪر وجهندو ته ڪانو به ان کي چنبڙي پوندو هيو. ڪڏهن ڪانو اڳتي ته پيرل پوئتي، ڪڏهن پيرل اڳتي ته ڪانو پوئتي، ڪانو انڍي هڻندو هيو ۽ پيرل ڇڏائيندو هيو. پيرل انڍي هڻندو هيو ته ڪانو ڇڏائيندو هيو. پيرل زور ڏئي ڪاني کي هيٺ ڪيرائڻ جي ڪندو هيو.
هجوم ۾ ٽهڪڙا پئجي ويندا هيا. لالڻ لنگهو دهل تي وسندڙ هر ڏونڪي تي مست ٿي پيو لڏندو هيو.
ڪانو ۽ پيرل هڪ ٻئي کي ائين زير ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هيا، لڳندو هيو ڄاڻ ٿو ڪانو ملهه کٽي ۽ وري لڳندو هيو ته اها ملهه ڪاني کان زور آهي ڄاڻ ٿو پيرل ڪاني کي دسي! وڏي هڻ هڻان کانپوءِ نيٺ ملهه پيرل ئي ماريندو هيو. ڪانو ڦيرائي آخري انڍي هڻي هيٺ ڪيرائي مٿان چڙهي پوءِ اٿي نچندو هيو. ماڻهن جون تاڙيون وڄي وينديون هيون. ٽهڪ دهل جي ڌڪن تي پکين جيان اڏامي وري اچي ملاکڙي تي لهندا هيا.
ملهه ماري پيرل اڳتي ايندو هيو ته پنهل پهلوان کيس ٽوڪيندو هيو ”سدائين ٿو ملهون مارين، ڪڏهن ڪاني کي به وارو ڏي!“
”ڪانو ملهه ماري ته پيرل پهلوان ڪيئن سڏجي!“ هو کلي جواب ڏيندو هيو، پيرل جي ڳالهه تي پنهل کان ٽهڪ نڪري ويندو هيو ۽ هو کيس ويندي چوندو هيو ته ”واهه جي ڪئي ٿي اسان پهلوانن سان!“.
پوءِ باقاعدي ملهه جا مقابلا شروع ٿي ويندا هيا. ملهه ملهون وڙهندا هيا، ڪي دسبا هيا ته ڪي دسيندا هيا پر پيرل ۽ ڪاني جهڙي مزيدار ملهه ڪو به وڙهي نه سگهندو هيو.
ان پڇاڙي شاخ جي خوشي پاڻي جهڙي هئي، پاڻي خوشي هوندو آهي ۽ خوشي پاڻي ٿي ويندي آهي، جيسين شاخ وهي پئي، تيسين ”واهه“ وهي پئي ۽ پوءِ روڪ شروع ٿي وئي.
گذريل 40 سالن ۾ ڪهڙا ڪِيس نه ٿيا؟ ائين لڳو ڄڻ پاڻي زمين چوسي وئي. زمين پاڻي چوسيندي آهي ته ڌرتي جي پيٽ ۾ محفوظ هوندو آهي، وڻ ساوا هوندا آهن، ٻوٽا ڪڏهن نه سڪندا آهن، پر پاڻي اهڙو سڪو جو ڌرتي جي نڙي خشڪ ٿي وئي، زمين ڏرا ڏئي وئي. ڊئم ٺهيا، رخ موڙيا، پاڻي چوري ٿيو، پاڻي چوري نه ٿيندوآهي، اغوا ٿيندو آهي. چوري بي جان شيون ٿينديون آهن پاڻي ۾ ته ساهه آهي. اغوا ٿيل ڀُنگ ڏئي موٽندا آهن، پر پاڻي ڀُنگ ڏئي اغوا ڪيو ويندو آهي.
جڏهن پڇاڙڪي شاخ سُڪي ته ماڻهن جا منهن لهي ويا، انهن احتجاج ڪيو، روڊن تي آيا ۽ باهه ڏئي ڪانا ساڙيا، روڊ بند ته ٿيو پر شاخ نه کلي، نه ڪو ملڻ آيو، نه ڪنهن دلداري ڏني، نه ڪنهن ذِمو کنيو. چڱي مڙس پنج ڪوهه پري وڏيري سان ڳالهايو. شاخ ۾ ٿورو پاڻي ڇڏيو ويو، پاڻي ائين آيو ڄڻ دانگيءَ تي ڇنڊا. ان پڇاڙڪي شاخ جي ڳوٺ جون خوشيون ختم ٿي ويون. ڪڏهن ڪڻڪ سان ڪنگريون ڀرجي وينديون هيون، هاڻي ٻاجهر ٻڪ ۾ نٿي سمائي. ميلا ملاکڙا ٿيندا هيا پر لالڻ لنگهي جو دهل ائين وڄندو هيو جيئن ماتم ڪندو هجي.
اها انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، پيرل ملاکڙي ۾ملهه وڙهڻ لاءِ شاخ ڪناري ڪانو پٽڻ ويو، ڪانا هيا ئي ڪو نه، جيڪي ٻه چار بيٺل هيا اهي هوا ۾ لڏي اهڙا آواز ڪڍي رهيا هيا جيئن روئيندا هجن. دانهن ڏيندا هجن، چوندا هجن ”اسان ڪک جا نه رهياسين!“.
پيرل ڪنايو، کيس ڪنن تي اعتبار نه پئي آيو، اڳتي وڌي اهو سوچي ڏٺائين ته ملهه لاءِ ڪو مضبوط ڪانو ڪٽي کڻي وڃان پر سڀ ڪانا سڙي سنها ٿي ويا هيا. هن کي هڪ ڪانو اهڙو نظر آيو جيڪو ڳر ۾ ٻين ڪانن کان سرسُ هيو. هن هٿ وڌائي ان کي ڪٽڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪاني مان آواز آيو، هي ڊڄي ويو پر همت ڪري ڪانو ڪٽيائين. نظر ورائي ڏٺائين کيس سڀ ڪانا ڪاوڙ مان ڏسي رهيا هيا.
هوڪانو ڪٽي شاهه جي پڌر طرف هليو ته لالڻ لنگهي جي دهل جو آواز پري کان ٻڌجي رهيو هيو. پري کان دهل جو آواز وڻندو آهي، ويجهو آيو ته دهل بک کان روئي رهيو هيو ”ناهي لُل ته ڪهڙو هُل…… ناهي لُل ته ڪهڙو هُل….. ناهي لُل ته….“
پهريون پڃرين کڻڻ جا مقابلا ٿيا، ائين لڳو ڄڻ پٿر جون پڃريون ڳوريون ٿي ويون هجن، جتي جانٺا مڻ جي پڃري هڪ هٿ سان کڻندا هيا، اتي ٻن هٿن جو زور ڏئي به نه کڻي سگهيا. ڌمڻ ماڇي جنهن تي اهو نانءُ ان ڪري پيو جو سندس ڄنگهون هاٿي جهڙيون هونديون هيون، ان اڳتي وڌي جڏهن ٻن مڻن جي پڃري ۾ هٿ وجهي مٿي ڇڪيو ته لڳو پراڻن پاون تي بيٺل ڇت بار سهي نه سگهندي.
ملهه جا مقابلا شروع ٿيا سڀ کان پهريون جڏهن پيرل هٿ ۾ ڪانو جهلي ميدان ۾ لٿو ته ٽهڪڙا پئجي ويا. ماڻهن جا مايوس چهرا تازا ٿي ويا، ڄڻ هجوم ۾ جان پئجي وئي، تاڙيون وڄي ويون، لالڻ لنگهي جي دهل ۾ ساڳي موج موٽي آئي، هو دهل تي ڏونڪا وسائڻ لڳو ته دهل جي ڪنن جا پردا کلي ويا.
پيرل ڪاني کي هٿ سان سامهون بيهاريو ته لڳو ڪاني کي اکيون آهن، ڪانو ڪاوڙ مان هن ڏي تڪي رهيو آهي، پيرل ڪاني کي ويجهو آڻي ٻک وڌو ته کيس محسوس ٿيو ڪاني جون ٻانهون نڪري آيون آهن ۽ انهن به اهڙو ٻک وجهي سوگهو ڪيو آهي جو سندس ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي. پيرل ڪاني کي ڦيرائي انڊي هنئي، ڪانو ڄنگهه ڇڏائي ويو. ڪاني مان ڄنگهه نڪتي ۽ پيرل جي ڄنگهه ۾ وچڙي پئي. پيرل حيران ٿي ويو. هو ڪاني کي پاڻ نه وڙهائي رهيو هيو پر ڪانو پاڻ وڙهي رهيو هيو. سوچڻ لڳو ڪانو آهي يا جن، ڪانو ملهه جيان وڙهـڻ لڳو، پيرل سهڪي پيو ۽ هن ڪلهي وٽ ڪاني جي سهڪڻ جو آواز ٻڌو.
ماڻهو تاڙين ۾ مچي ويا، انهن اڳ پيرل جي ڪاني سان اهڙي ملهه نه ڏٺي هئي. تاڙيون ائين وڄڻ لڳيون ڄڻ سڪل وڻن جا پن نڪري آيا هجن ۽ شوهه ۾ پنن جو آواز تاڙين کان گهٽ نه هجي. ملهه وڙهندي پيرل ڪاني کان انڊي ڇڏائي ٻک ۾ گول ڦيرائڻ لڳو، ڪاني پير سنڀاليا ۽ پيرل کي چيلهه ۾ هٿ وجهي اهڙو ڦيريائين جو ڏسندڙن جو مٿو ڦري ويو.
”اڙي واهه“ پنهل پهلوان چيو”ملهه ته ڏس ڄڻ ماڻهو پيا وڙهن“!
پيرل وڙهندي ڏٺو، ڪانو جوش ۾ ڏڪي رهيو هيو، سندس نظر ايندڙ هٿ هيا، ڄنگهون هيون ۽ منهن هيو. ان جي اکين ۾ ڪاوڙ ۽ نفرت هئي. اهو ملهه جيان جسم کي حرڪت ڏئي داءَ هڻي رهيو هيو.
ملهه وڏو وقت هلي، لالڻ لنگهي جو دهل وڃي ڦاٽڻ لڳو، ماڻهن جا ٽهڪ بند ٿي ويا، کين لڳو اهو مقابلو مسخري نه آهي. هڪ پهلوان جو پهلوان سان مقابلو آهي، ڪاني ۽ پيرل جي هر داءَ تي هجوم داد ڏيڻ لڳو. مقابلو هلندي ڪانو پيرل کي اهڙو وچڙيو جو کيس ڦيرائي کڻي پٽ تي اڇليو، چيلهه جي سٽ کان پيرل جي رڙ نڪري وئي. پيرل هيٺ ڪانو مٿان.
هجوم ۾ حيرت ڇائنجي وئي، اها ان ڳوٺ جي پهرين ملهه هئي جيڪا ڪاني پيرل کي ماري هئي نه ته ان کان اڳ سڀ ملهون پيرل ئي ماريندو هيو. تاڙين جي گونج ۾ پٽ تي پيل پيرل مٿان پيل ڪاني کي ڏٺو، ڪاني ڳالهايو، ”پيارا پيرل ڳالهه سر تي اچي ته وڙهڻو پوندو آهي، باقي روڊ تي ڪانن ساڙڻ سان ڪجهه نه ٿيندو!“