fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

گهوٽڪي: يوسي عمر ڊهو جو چيئرمين ڪير ٿيندو؟ چونڊ سڀاڻي ٿيندي

يوسي چيئرمين جي چونڊ لاءِ پ پ اميدوار جو آزاد اميدوار سان زبردست مقابلي جو امڪان

چونڊ دوران 10هزار کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا، سڪيورٽي سخت

گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪي جي عمر ڊهو يوسي جو چيئرمين ڪير ٿيندو، سڀاڻي رٿيل چونڊ ۾ پ پ اميدوار جو آزاد اميدوار سان زبردست مقابلي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃـي، 10هزار کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا
گهوٽڪي جي يونين ڪائونسل عمر ڊهو جي چيئرمين جي خالي ٿيل سيٽ تي ننڍي چونڊ سڀاڻي آچر تي ٿي رهي آهي، امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته يوسي چيئرمين جي چونڊ دوران پ پ اميدوار ڄام دلاور لکڻ ۽ آزاد اميدوار ڄام راشد لکڻ وچ ۾ زبردست مقابلو ٿي سگهي ٿو.
ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر گهوٽڪي امين بشير قريشي موجب ننڍي چونڊ لاء 9 پولنگ اسٽيشنون ۽ 32 پولنگ اسٽيشن بوٿ قائم ڪري 79 ڄڻن کي پولنگ عملي طور مقرر ڪيو ويو آهي، چونڊ دوران 10 هزار537 ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا، جنهن ۾ 6205 مرد ۽ 4332 عورت ووٽرز شامل آهن
چونڊ دوران سڪيورٽي لاء 180 پوليس اهلڪار ۽ 40 رينجرز اهلڪار مقرر ڪيا ويا، 7 ايس ايڇ اوز ۽ هڪ ڊي ايس پي چونڊ دوران سڪيورٽي صورتحال جي نگراني ڪندا.
ياد رهي ته ڄاڻايل يوسي جو چيئرمين ڄام منظور لکڻ ڪجهه مهينا اڳ پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏني هئي، جنهن سبب خالي پيل سيٽ تي ٻيهر چونڊ ڪرائي پئي وڃي

Bookmark the permalink.