fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

فيس بڪي بگهڙ ۽ نياڻين جون عزتون!

حراسمينٽ

سماجي ويب سائيٽون هونئن ته سماجي رابطن ۽ ڄاڻ لاءِ هئڻ گهرجن ، پر اسان وٽ سنڌي مردن جو وڏو انگ هنن سماجي رابطن وارين ويب سائٽن کي پنهنجي ٺرڪ پوري ڪرڻ ۽ عورتن کي ڦاسائڻ واري هٿيار طور استعمال ڪري رهيا آهن، تازو تنوير آريجو جو واقعو اسان جي سامهون آهي، هيءُ هڪڙي تنوير آريجو انهيءَ عذاب تان پردو کنيو آهي پر ڏٺو وڃي ته هر عورت جيڪا فيس بوڪ استعمال ڪري ٿي، اها ان حراسمينٽ جوشڪار ٿئي ٿي. اِن باڪس ميسجز جي ڀرمار ٿئي ٿي، ميسجز ۾ اڪثر ماڻهو خراب وڊيوز به موڪلين ٿا. اڳ بس اسٽاپن ، مارڪيٽن ۾ تنگ ڪرڻ وارا ٿورا هوندا هئا. پر هاڻي فيس بڪ تي هر عورت سوين  مردن هٿان حراسمينٽ جو شڪار ٿئي ٿي. اسان عورتن جي فيس بڪ جي لسٽ ۾ جيترا مرد ايڊ هوندا آهن انهن مان اڌ جيترا ميسجز تي بلاڪ هوندا آهن، تمام وڏا وڏا نالا، اديب، شاعر، صحافي،فنڪار جن کي اسان پبلڪ فگر سمجهي ايڊ ڪريون ٿيون اهي ايڊ ٿيندي ئي مجنان ٿيو پون، اسان انهن مردن کي جنسي بگهڙ سمجهئون ٿيون، جيڪي اسان کي فيس بڪ تي به جيئڻ ڪو نه ٿا ڏين. اسان سڀني عورتن کي تنوير آريجو وانگر انهن ميسجز جا اسڪرين شاٽس رکڻ گهرجن.

جميلا ميمڻ – لاڙڪاڻو

Bookmark the permalink.
avatar
  Subscribe  
Notify of