ڪرپشن جون ڳالهيون ته کوڙ ٿيون ڪيون وڃن، اهو ڪير به نٿو ٻڌائي ته عوام جي رت پورهئي جي ڪمائي ڦريندڙن جو احتساب ڪير ۽ ڪڏهن ڪندو؟ نه ئي اها خبر ٿي پوي ته اهو لٽيل ناڻو ويو ڪيڏانهن؟ هتي حالت اها آهي ته مهانگائي وڃي ٿي ڏينهون ڏينهن وڌندي، حڪومت ته ڪانهي ڪا مشڪرن جو ٽولو آهي، پهرين گرمي جي ڏينهن ۾ بجلي بند ته هاڻي وري سياري جي مند ۾ گيس بند! ڀاڄين ۽ بيدن جا اگهه ئي نرالا آهن، سمجهه کان ٻاهر آهي ته ماڻهو ايتري ٿوري آمدني مان ٻار پڙهائي يا ٻارن کي کارائي؟
حميد لاشاري- ٽنڊوالهيار