fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ڇا ادبي ميلا واقعي بي فائدي آهن؟

”پنهنجي اخبار“ ۾ محترم امر جليل جو انٽرويو پڙهيم، پهرين ئي سوال سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو جنهن ۾ امر جليل چيو آهي ته سنڌ ۾ لڳندڙ ادبي ميلن سان ادب کي ڪو فائدو ناهي پر انهن سان رڳو ماڻهو اچي هڪٻئي سان ملن ٿا، ٻين لفظن ۾ اهو چئجي ته فقط پڪنڪ پوائنٽس آهن، جتي ماني ٽڪي ملي ٿي، ڪتاب وڪرو ٿين ٿا ۽ بس! سائين جو خيال پنهنجي جاءِ تي پر منهنجي خيال ۾ ته سنڌ ۾ جهڙي ريت ادبي ميلن جو رجحان وڌيو آهي ان سان ادبي سرگرمين ۾ به اضافو ٿيو آهي، نوان خيال ۽ موضوع بحث هيٺ اچن ٿا، انهن ئي ميلن ۾ امرجليل پاڻ به ويندو رهيو آهي جي اهي ميلا ايترا ئي بي فائدي آهن ته پوءِ امرجليل پاڻ انهن ميلن ۾ ڇو ٿو وڃي؟
شهاب الدين- ڪراچي

Bookmark the permalink.
avatar
  Subscribe  
Notify of