
سماجي رابطن واري تنظيم فيس بڪ به هاڻي ڪرپٽو يعني ڊجيٽل ڪرنسيءَ واري راند جو حصو ٿيڻ وڃي رهي آهي، رپورٽن موجب فيس بڪ اهڙي ڪرپٽو ڪرنسي تيار ڪري رهيو آهي، جيڪا واٽس ايپ تي ناڻي جي ڏيتي ليتي ۾ ڪم ايندي، ان جو سڀ کان پهريون تجربو ڀارت ۾ ڪيو ويندو. ڪجهه مهينا اڳ پڻ اهي خبرون آيون هيون ته فيس بڪ پنهنجي ڊجيٽل ڪرنسي لاءِ سوچي رهيو آهي ته جيئن آن لائين ٽرانزيڪشن کي وڌيڪ محفوظ بڻائي سگهجي، فيس بڪ پاران به اهڙو اشارو ڏنو ويو هو ته سندن مختصر ٽيم ان پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهي آهي پر هنن وڌيڪ تفصيل نه ٻڌيا، واضح رهي ته فيس بڪ پاران 2014ع ۾ واٽس ايپ 22 ارب ڊالرن عيوض خريد ڪيو ويو هو.