fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

افغان طالبان وٽ 60 هزار ويڙهاڪ ۽ ڏيڍ ارب آمريڪي ڊالرن جي ملڪيت آهي: برطابوي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ انڪشاف

طالبان جو افغانستان جي 70 سيڪڙو علائقي تي قبضو، آفيم ڪمائي جو وڏو ذريعو آهي: رپورٽ

طالبان پاران آفيم جي واپارين، ٽرانسپورٽ توڙي قدرتي معدنيات ذريعي آمدني حاصل ڪري ٿو

ڪابل(ا ڊ) برطانوي خابرو اداري بي بي سي پاران افغان طالبا جي ڪمائي جي ذريعن ۽ آمدني جي حوالي سان هڪ رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته طالبان وٺ ڏيڍ ارب ڊالرن ملڪيت موجود آهي، جنهن جي مدد سان هو سڄي ملڪ مان 60 هزار ويڙهاڪن ذريعي افغان حڪومت توڙي نيٽو ۽ آمريڪي فوج خلاف بغاوت کي جاري رکي رهيا آهن. طالبان جي آمدني جو وڏي ۾ وڏو ذريعو آفيم ۽ منشيات سان جڙيل ٻين شين جو ٻڌايو ويو آهي، جڏهن ته طالبان ان کان انڪاري آهي، ياد رهي ته طالبان 1996ع کان 2001ع کان افغانستان تي حڪومت ڪئي، جنهن دوران اتي شريعت لاڳو ڪئي وئي هئي. رپورٽ موجب طالبان وٽ ڏيڍ ارب آمريڪي ڊالرن جي ملڪيت آهي، افغان طالبان وٽ 2010ع تائين 40 ڪروڙ ڊالر ملڪيت هئي، پر هاڻي ان ۾ وڏي انگ ۾ واڌاريو آيو آهي. افغانستان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آفيم پيدا ڪندڙ ملڪ آهي، جتي ساليانو ڏيڍ ارب ڊالر جو آفيم وڪرو ڪيو ويندو آهي. طالبان جي سڀ کان وڌيڪ آمدني آفيم ۽ هيروئن جي وڪري سان ٿئي ٿي. طالبان آفيم پيدا ڪندڙ آبادگارن کان پڻ ڏهه سيڪڙو ٽيڪس وصول ڪندو آهي، جڏهن ته واپارين کان پڻ ٽيڪس وصول ڪئي ويندي آهي. غير قانوني معيشت ۾ طالبان جو ساليانو حصو 10 ڪروڙ کان 40 ڪروڙ ڊالر تائين لڳايو ويو آهي. آمريڪي فوج جو چوڻ آهي ته 60 سيڪڙو آمدني منشيات مان حاصل ٿئي ٿي. آمريڪا ۽ اتحادي فوجين جي هوائي ڪارروائين سبب طالبان جي آمدني گهٽي آهي. طالبان منشيات جي معيشت ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪندي چوندو رهيو آهي ته ان تي 2000ع ۾ پابندي مڙهي وئي هئي. بي بي سي جي رپورٽ موجب طالبان افغانستان جي 70 سيڪڙو ايراضي تي اثر انداز آهي، جتان هو ٽيڪس پڻ وصولي ڪندو آهي. طالبان پاران حڪومتي چيڪ پوسٽن توڙي انتظامي عهدن تي قبضي کانپوءِ اتان هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪرڻ جي ذريعي پڻ پنهنجا خرچ ۽ هٿيار خريد ڪندو آهي. افغانستان کاڻين ۽ معدنيات سان پڻ مالا مال آهي، جتي طالبان پاران ڪيترين ئي کاڻين تي قبضو ڪيو آهي جتان پڻ طالبان ٽيڪس وصولي ڪندو آهي، گڏيل قومن جو منشيات بابت اداري پنهنجي رپورٽ ۾ چيو هو ته 2014ع ۾ افغان صوبي هلمند ۾ 30 سيڪڙو کاڻين تي طالبان جو قبضو آهي، جتان هن هڪ ڪروڙ ڊالر جي رقم حاصل ڪئي. طالبان معدنيات سان مالا مال صوبن مان نڪرندڙ ٽرانسپورٽ کان پڻ ٽيڪس وصول ڪندو آهي، جنهن مان کيس ساليانو پنج ڪروڙ ڊالر آمدني ٺهندي آهي. بي بي سي جي رپورٽ موجب آمريڪا ۽ افغان حڪومت ڪيترن ئي ملڪن مٿان طالبان جي مالي مدد ڪرڻ جو الزام لڳائيندي رهي آهي پر اهي ملڪ ان کان انڪار ڪندا رهيا آهن. سعودي عرب، پاڪستان، گڏيل عرب عمارات، قطر جهڙن ملڪن جا شهري پڻ طالبان کي فنڊنگ ڪندا رهيا آهن. ان جو صحيح انگ اکر موجود ته ناهن پر بي بي سي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته اهي ساليانو 50 ڪروڙ ڊالر تائين ٿي سگهن ٿا.

ميڪسيڪو ۾ هيلي ڪاپٽر ڪري پوڻ ڪري گورنر ۽ سينيٽر مارجي ويا

ميڪسيڪو جي رياستي گونر پنهنجي مڙس ۽ سينيٽر سان هيلي ڪاپٽر ۾ سوار هئي

ميڪسيڪو (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ميڪسيڪو جي رياست پيوبلا جي گورنر مارٿا اريڪا پنهنجي مڙس ۽ سينيٽر رافيل مورينو سميت حادثي جو شڪار ٿي ويا، سندن هيلي ڪاپٽر ڪري ٻئي مارجي ويا. مارٿا اريڪا ملڪ ۾ مخالف ڌر جي اهم اڳواڻ پڻ هئي، جڏهن ته اختيارين موجب هيلي ڪاپٽر ڪرڻ جڪو سبب اڃان تائين سامهون ناهي اچي سگهيو. مارٿا 10 ڏينهن اڳ ميڪسيڪو جي هڪ رياست جي گورنر طور قسم کنيو هو، هن پيوبلا رياست جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورت گورنر هجڻ جو اعزاز ماڻيو هو. پيوبلا 31 ميڪسيڪو جي رياستن مان هڪ آهي، جنهن جي آبادي 60 لک کان وڌيڪ آهي.

آمريڪا ايران جي طاقتور نظام کي جهڪائڻ چاهي ٿو: حسن روهاني

آمريڪي حڪمران ايران کي خطي ۾ پنهنجي لاءِ خطرو سمجهن ٿا: ايراني صدر

تهران (ا ڊ) ايران جي صدر حسن روهاني چيو آهي ته آمريڪا ايران کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿي. ملڪ جي سالياني بجيٽ پيش ڪرڻ دوران آمريڪا جي حوالي سان ڳالهائيندي ايراني صدر چيو ته آمريڪي حڪمران ايران کي پنهنجي لاءِ خطرو سمجهن ٿا انڪري ايران کي جهڪائڻ ۽ ڪمزور ڪرڻ گهرن ٿا. سندس چوڻ هو ته آمريڪي پابندين سان ايران جي معاشي ترقي ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي آهي، ايراني عوام سان گڏ ڪمپنيون پڻ بحران جو شڪار ٿيون آهن، اهو سڄو عمل عالمي قانون جي ابتڙ ڪيو پيو وڃي. حسن روهاني چيو ته ايراني عزم کي شڪست نٿي ڏئي سگهجي، آمريڪا ناڪام ٿيندا.

انڊونيشيا ۾ سونامي جي تباھي،مارجي ويلن جو انگ 429 ٿي ويو، 1400 زخمي سونامي جو خطرو برقرار ھزارين بي گھر

سونامي کانپوءِ ڪيترائي لاش هٿ، درجنين ماڻهو گم، مارجي ويلن جو انگ وڌڻ جو امڪان

زخمين جو انگ وڌي ويو، 128 گم، وڌيڪ سونامي اچڻ جو خطرو برقرار: اختيارين
انڊونيشيا ۾ سونامي جي تبا ھي

جڪارتا (ا ڊ) انڊونيشيا جي ڊزاسٽر مينيجمينٽ ايجنسي جو چوڻ آهي ته انڪ ڪراڪاٽوا ٻرندڙ جبل ڦاٽڻ سبب ايندڙ سونامي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 429 ٿي ويو آهي. سماترا ۽ جاوا ٻيٽ تي آيل سونامي سبب وڏيون ڇوليون اٿڻ ڪري وڏو جاني نقصان ٿيو هو. اختيارين پاران جاري ڪيل تازي بيان ۾ چيو آهي ته زخمين جو انگ وڌي 1400 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 128 ماڻهو اڃان تائين گم آهن. ٻرندڙ جبلن واري علائقي ۾ رهندڙن کي نئين هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو ڪارروايون جاري آهن. گذريل ڏينهن پڻ سماترا ٻيٽ ڀرسان ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ جو خطرو ڏيکاريو ويو. انڊونيشيا جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪجهه وقت لاءِ سامونڊي علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن کي متبادل علائقن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي، انڊونيشيا ۾ هلندڙ سال اهو سڀ کان وڌيڪ تباهي پکيڙيندڙ واقعو ثابت ٿيو آهي.

ترڪي شامي سرحد تي فوج جو انگ وڌائڻ شروع ڪري ڇڏيو

انقره (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ترڪي شامي سرحد تي فوج جي انگ ۾ واڌ شروع ڪري ڇڏي آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب ڪليس جي سرحد تي ٽينڪن ۽ گرينڊ لانچرن سان ليس فوج جو هڪ ٽولو پهتو.
هوڏانهن سرحد جي ٻي پار ترڪ نواز ٽولي ڪردن جي انتظام هيٺ شهر منبج طرف وڌي رهيا آهن.
ٻي پاسي آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ٽوئيٽر تي لکيوو هو ته شام ۾ داعش جي رهيل طاقت جو خاتمو ترڪ صدر ڪندو.

شاهه محمود قريشي جون افغان صدر، افغاني ۽ ايراني هم منصبن سان ملاقاتون

شاھ محمود قريشي، اشرف غني ۽ صلاح الدين رباني

ڪابل (انٽرنيشنل ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي 3 ڏينهن جي 4 ملڪي دوري جي پهرين مرحلي ۾ افغان صدر اشرف غني ۽ ايراني هم منصب سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.
ڪابل ۾ شاهه محمود قريشي افغان صدر اشرف غني ۽ افغان هم منصب صلاح الدين رباني سان وفدن جي سطح تي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن، علائقائي ۽ عالمي صورتحال، افغان مفاهمتي عمل، معيشت جي مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو ٻنهي ملڪن لاءِ پر سڄي خطي لاءِ بهتري جو سبب بڻجندو.
هن چيو ته پاڪستان سدائين افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي جي ڳالهه ڪئي آهي.
ملاقات ۾ صلاح الدين رباني افغان عمل بابت ٿيل اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. جڏهن ته شاهه محمود قريشي خطي ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام لاءِ رابطا وڌائڻ تي زور ڏنو.
افغان صدر افغان عمل لاءِ ڀرپور ڪردار نڀائڻ تي وزيراعظم عمران خان ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود جو ٿورو مڃيو.
ٻي پاسي افغان صدر ۽ افغان هم منصب سان ملاقات بعد شاهه محمود قريشي ايران جي راڄڌاني تهران پهتو، جتي هن ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف سان ملاقات ڪري اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ملاقات ۾ ٻنهي شخصيتن پاڪ-ايران لاڳاپن ۽ خطي جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات ۾ سيڪريٽري پرڏيهي تهمينه جنجوعه ۽ وفد جا ٻيا ميمبر به موجود هئا.
ملاقات دوران شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته پاڪستان ايران ان سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن ۾ بهتري اسان جي پرڏيهي پاليسي جي پهرين ترجيح آهي.
ان موقعي تي ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف جو چوڻ هو ته ايران ٻنهي ملڪن جا بهتر لاڳاپا ۽ پاڪستان ٻطرفي سهڪار کي هٿ ڏيارڻ لاءِ پرعزم آهي.
هوڏانهن 4 ملڪي دوري دوران پرڏيهي وزير چين ۽ روس به ويندو.

اسپين ۾ سانتا ڊوڙ، هزارين ماڻهو روايتي لباس پهري شريڪ

سالياني ڊوڙ ۾ هزارين ماڻهن شريڪ، هر طرف سانتا ئي سانتا نظر آيا

ميڊرڊ (دلچسپ) اسپين ۾ ساليانو سانتا ڪلاز ڊوڙ مقابلو ڪرايو ويو، جنهن ۾ هزارين ماڻهو سانتا لباس اوڙهي ڊوڙ ۾ شريڪ ٿيا، جنهنڪري سڄي ميڊرڊ شهر ۾ سانتا ئي سانتا ڪلاز نظر آيا ۽ روڊ رستن تي صرف ڳاڙهو رنگ نظر آيو. سالياني ڊوڙ ۾ مختلف ملڪن مان سياح به ايندا آهن، جڏهن ته فلاحي ڪمن لاءِ رقم پڻ گڏ ڪئي ويندي آهي، جيڪا ڪينسر جي مريضن لاءِ استعمال ۾ آندي ويندي آهي.

ميڪسيڪو ۾ ڪرسمس جي مناسبت سان انوکو رڪارڊ

هڪ لک پلاسٽڪ بوتلن سان دنيا جو سڀ کان وڏو ڪرسمس وڻ تيار

رڪارڊ جوڙڻ لاءِ شاگردن ست هفتا محنت ڪري مڪمل ڪري ڏيکاريو

ميڪسيڪو سٽي (دلچسپ) ميڪسيڪو ۾ ڪرسمس جي مناسبت سان دنيا جو سڀ کان وڏو پلاسٽڪ جي بوتلن مان ٺاهيل وڻ تيار ڪيو ويو. ان ڪارنامي کي پوري ڪرڻ لاءِ 70 اسڪولن جي شاگردن ست هفتن تائين محنت ڪئي ۽ مختلف هنڌن تان پلاسٽڪ جون هڪ لک بوتلون گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. انهن بوتلن کي ري سائڪل ڪرڻ کانپوءِ 90 فوٽ ڊگهو ڪرسمس وڻ تيار ڪيو ويو آهي. اهو رڪارڊ جلد گئنيز بوڪ آف ورلڊ رڪاڊ ۾ شامل ڪيو ويندو.

اسرائيلي وزيراعظم ۽ ترڪ صدر ۾ لفظن جي جنگ

نيتن ياهو قابض ۽ دهشتگرد رياست جو سربراهه آهي: ترڪ صدر

ترڪ حڪومت ڪردن جو قتل عام ڪري رهي آهي: اسرائيلي وزيراعظم
رجب طيب اردگان ۽ نيتن ياهو

انقره (ا ڊ) ترڪي ۽ اسرائيل جي سربراهن ۾ سوشل ميڊيا تي لفظن جي جنگ شروع ٿي وئي آهي. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو پاران ترڪي حڪومت مٿان ڪردن جي قتل عام جو الزام مڙهيو، جنهن جي جواب ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو ته نيتن ياهو قابض ۽ دهشتگرد رياست جو سربراهه آهي. طيب اردگان چيو ته اسرائيل فلسطين جي سرزمين تي قبضو ڪيو آهي ۽ هو انسانيت خلاف ڏوهن ۽ قتل عام ۾ ملوث آهي، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته نيتن ياهو هڪ قابض ۽ ظالم آهي، جيڪو دهشتگرد رياست جو سربراهه آهي.

شام ۾ آمريڪي فوج جي موجودگي وڏي غلطي هئي: ايران

آمريڪي فوج جي موجودگي سبب شام ۾ عدم استحڪام پيدا ٿيو: ايران

تهران (ا ڊ) ايران چيو آهي ته شام ۾ آمريڪي فوج جي موجودگي وڏي غلطي هئي، جنهنڪري خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ٿيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ايران جي پرڏيهي کاتي پاران آمريڪا جي شام مان فوج نيڪالي تي ردعمل ڏيندي چيو ته شام ۾ آمريڪي فوج جي موجودگي نه صرف وڏي غلطي هئي پر اها نظرياتي ڇڪتاڻ جو سبب پڻ بڻيل رهي. ترجمان موجب ايران پهرين ڏينهن کان شام ۾ آمريڪي فوج جي موجودگي جو مخالف هو، آمريڪي فوج جي موجودگي ڪنهن به صورت ۾ سٺو قدم قرار نٿو ڏئي سگهجي، انڪري سڄو خطو خطري هيٺ اچي ويو هو.

انڊونيشيا ۾ لائيو ڪنسرٽ ڪرڻ آيل پاپ بينڊ سونامي ۾ لڙهي ويو

سامونڊي طوفان وقت اسٽيڊيم ۾ 200 ماڻهو موجود هئا، 33 ڄڻا فوت

سمنڊ ڪناري پاپ بينڊ پرفارم ڪري رهيو هو ته اوچتو سونامي اچي ڪڙڪي

جڪارتا (ا ڊ) انڊونيشيا ۾ لائيو پرفارم ڪرڻ آيل هڪ موسيقي جو پاپ بينڊ سونامي ۾ مداحن سميت لڙهي ويو آهي. پاپ بينڊ سيونٽين سمنڊ ڪناري لائيو پرفارم ڪري رهيو ۽ ماڻهو راڳ رنگ مان مزو ماڻي رهيا هئا ته طوفان اوچتو سامونڊي لهرون اٿيون ۽ بينڊ سميت ڪيترائي ماڻهو لڙهي ويا. لائيو شو ٻڌڻ لاءِ 200 ماڻهو موجود هئا، بينڊ مان چار ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته پنجن ڄڻن جي بينڊ مان صرف هڪ ڄڻو “ليڊ” سنگر بچي سگهيو آهي. سونامي اچڻ کانپوءِ ماڻهو زندگي بچائڻ لاءِ رڙيون ڪندا رهيا جڏهن ته ڪيترائي لڙهي مارجي ويا. لائيو پرفارمنس جو وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي. انڊونيشيا ۾ اهڙي تباهي تي ڏک وارو ماحول پيدا ٿيل آهي. ڪنسرٽ دوران 200 ڄڻا موجود هئا، جن مان 29 ڄڻن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، جڏهن ته اڃان تائين هڪ درجن تائين گم آهن.

انڊونيشيا ۾ تباهي آڻيندڙ هڪ سونامي کانپوءِ ٻئي سونامي جي وارننگ

ٻرندڙ جبل ڦاٽڻ ڪري نئين سونامي اچڻ جو خطرو آهي: موسميات کاتو

انڊونيشيا ۾ تباهي آڻيندڙ هڪ سونامي کانپوءِ ٻئي سونامي جي وارننگ

جڪارتا (ا ڊ) انڊونيشيا ۾ ڪراڪاٽوا ٻرندڙ جبل ڀرسان سامونڊي علائقي ۾ رهندڙن کي نئين سونامي جي خطري کان آگاهه ڪندي سامونڊي علائقي کان پري رهڻ جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي. ڪراڪاٽوا ٻرندڙ جبل ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تبديلون ڏسڻ جو شاهديون مليون، جنهنڪري سونامي جو خطرو پيدا ٿيڻ جو امڪان ڏيکاريو ويو. انڊونيشيا جي ڊزاسسٽر مينيجمينٽ ايجنسي جي سربراهه اسٽوپو نگورو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته موسم ۽ حالتن کي نظر ۾ رکندي ماڻهن کي ڪجهه وقت لاءِ سمنڊ کان پري رهڻ جو چيو ويو آهي. ٻي پاسي ڇنڇر ڏينهن آيل سونامي ۾ اجل جو شڪار ٿيندڙن جو انگ 300 تائين پهچي ويو آهي ۽ جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ زخمي آهن. سونامي اچڻ کان ٻه ڏينهن پوءِ به امدادي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، روڊ رستا تباهه ٿيڻ ڪري سرڪاري مشينري کي علائقي تائين پهچڻ ۾ اڃان تائين ڏکيائيون پيش آهن. انڊونيشيا ۾ قدرتي حادثن جو انگ وڌي رهيو آهي، هر سال ٻرندڙ جبل ڦاٽڻ سان گڏ سونامي اچڻ ڪري هزارين ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي وڃن ٿا.

شام مان آمريڪي فوج جي واپسي تي صحيح ٿي وئي

فوج واپسي جي ڪا تاريخ ناهي ڏني وئي: آمريڪي ترجمان

پينٽاگون (ا ڊ) شام مان آمريڪي فوج جي واپسي واري حڪم نامي تي صحيح ڪئي وئي آهي. آمريڪي فوج جي ترجمان شام مان آمريڪي فوج جي انتظامي واپسي تي صحيح جي حوالي سان ڪي به تفصيل جاري ناهن ڪيا. آمريڪي صدر پاران شام مان فوج واپسي جو اعلان ڪجهه ڏينهن اڳ ڪيو. ٻي پاسي ترڪ صدر ارگان جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان فون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران شام جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. طيب اردگان آمريڪي فوج جي واپسي کانپوءِ خطي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن فوجي ۽ سفارتي تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

جم ميٽس بعد آمريڪي خاص نمائندو بريٽ مڪ به مستعفي

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) عالمي اتحاد جي آمريڪي خاص نمائندي بريٽ مڪ گرڪ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي بابت عالمي خابرو اداري چيو ته استعيفيٰ 31 ڊسمبر کان لاڳو ٿيندي.
پرڏيهي خابرو اداري ان حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته بريٽ مڪ گرڪ جي استعيفيٰ جو سبب شام مان آمريڪي فوجن جي واپسي وارو فيصلو آهي.
هوڏانهن آمريڪي صدر جي اهڙي فيصلي بعد ترت ئي آمريڪي سيڪريٽري دفاع جِم ميٽس جي به استعيفيٰ اچي چڪي آهي.

ٽرمپ ميٽس جي جاءِ تي پيٽرڪ کي وقتي سيڪريٽري دفاع مقرر ڪري ڇڏيو

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جم ميٽس جي استيعفيٰ بعد پيٽرڪ شناهن کي وقتي سيڪريٽري دفاع مقرر ڪري ڇڏيو.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڊونالڊ ٽرمپ دفاع جي ڊپٽي سيڪريٽري پيٽرڪ شناهن کي وقتي سيڪريٽري دفاع مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪندي لکيو ته پيٽرڪ نئين سال جي پهرين تاريخ تي ذميواريون سنڀاليندو.
هن چيو ته ڊپٽي سيڪريٽري جي حيثيت ۾پيٽرڪ جي ڪارنامن جي ڊگهي لسٽ آهي، هي بهتر ثابت ٿيندو.