ڪوٽڙي: صنعتي زون ۾ مقامي ماڻھن لاء پڻ نوگو ايريا بڻيل آھي، ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ اڪثريت پورھيتن جي پنجاب جي مختلف شھرن مان گھرايل پورھيتن جي ھجي ٿي جڏھن ته مقامي پورھيت لاء اڪثر ھتان جي ڪارخانن جا گيٽ بند ھجن ٿا. ھوڏانھن پنھنجي حقن جي حاصلات ۽ سالن کان ڪم ڪندڙ پورھيتن کي پڪو ڪرڻ لاء وڏي تعداد ۾ پورھيت ڊي سي ڄامشورو ۽ ليبر آفيسرن وٽ دانھيندا رھن ٿا پر سندن ڪو به داد رسي نه ٿي ٿئي، سائيٽ جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ عورت پورھيت مختيار چهواڻ، آزاد قادر پنهور ، وفا بلوچ، شوڪت خاصخيلي ، ممتاز علي ۽ ٻين ٻڌايو ته گذريل 6 سالن کان ھڪ ڪاٽن جي ڪارخاني ۾ ٺيڪيداري نظام ھيٺ ڪم ڪريون ٿا 8 کان 10 ڪلاڪ روزانو پورھيو ڪرڻ جي موٽ ۾ 500 روپيه ڏھاڙي ادا ڪئي وڃي ٿي. ھنن موجب ٺيڪيداري نظام تحت ٺيڪيدار ھر ھفتي پئسن جي ادائيگي ڪري ٿو جيڪڏھن بيماري سبب ھو موڪل ڪندا آھيون ته ڏھاڙي ڪٽي ويندي آھي ھنن جو چوڻ ھو ته ٺيڪيدار جڏھن به چاھي ڪم کان جواب ڏئي ڇڏي ٿو باقي سالانه بونس پڪو ٿيڻ علاج وغيره ڪرائڻ سميت ڪا به سھولت مھيسر نه آھي جيڪڏھن ڪو به پورھيت بيمار ٿي پوندو آھي ته ھو پنھنجي خرچ تي علاج ڪرائيندو آھي. مل جو ڪارڊ وغيره به نه ڏنو ويندو آھي، 18 سالن کان گھٽ عمر جي پورھيتن فرقان شيخ، علي رضا سومرو، سرمد سولنگي ۽ ٻين ٻڌايو ته غربت سبب ڪارخانن ۾ ڪم ڪريون ٿاڦٽين جي ڪارخاني ۾ رنگ کاتي ۾ ڪم ڪريون ٿا جتي ٺيڪيدار 8 ڪلاڪ ڪم ڪرائي 500 روپيه ڏھاڙي ڏيندو آھي جڏھن ته 12 ڪلاڪ عيوض 750 روپيه ملندا آهن، ڪارخانن ۾ ڪم دوران معذور ٿيل پورھيت خالد پنهور، احسان احمد ۽ ٻين ٻڌايو ته ڦٽين جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندا هئاسين. رات جي شفٽ ۾ ڪم ڪندي ھٿن جون آڳريون ۽ ھٿ اچانڪ مشين ۾ اچي ويا جنھن سبب معذور ٿي وياسون. ھنن جو چوڻ ھو ته مل انتظاميا رڳو نالي ماتر علاج ڪرايو پر ڪو به معاوضو ادا ڪرڻ بنا گھرن ڏانھن روانو ڪري ڇڏيو ۔مهيني ۾ 1500 روپيه ڏنا ويندا آهن، پورھيت اڳواڻن اڪبر ميمڻ، امجد مستوئي، ظهير ميراڻي ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته ڪارخانن ۾ ليبر قانون تي عمل نه پيو ڪيو وڃي. اڪثر ڪارخانن ۾ ٺيڪداري راڄ قائم آھي جنھن ڪري پورھيتن کي ڪو به قانوني حق نٿو ملي ھنن چيو ته ڪارخانن ۾ يونين سازي تي پابندي لڳل آھي 2012 جي نئين ليبر آرڊيننس تي به عمل نٿو ڪيو وڃي۔ جيڪڏھن ليبر قانون تي عمل ڪيو وڃي ته پورھيتن کي سمورا حق ملي سگھن ٿا، رابطي ڪرڻ تي وڪيل منصور احمد چنه ٻڌايو ته ڪارخانن ۾ ليبر قانون تي عمل نه ڪرڻ قانون جي سنگين ڀڃڪڙي آھي ننڍي عمر جي ٻارن کان پورھيو وٺڻ پڻ قانوني ۽ اخلاقي ڏوهه آھي، ليبر ڊائريڪٽر ڄامشورو عبدالصمد سومرو جو چوڻ ھو ته جيڪو به پورھيت شڪايت کڻي اچي ٿو ان جي درخواست تي قانوني قدم کڻون ٿا، ٺيڪيداري نظام سميت ليبر قانون تي عمل ڪرائڻ لاء مل انتظاميا کي ليٽر لکيا آھن ۽ انھن کي ليبر قانون تي عمل ڪرڻ لاء سختي سان ھدايتون ڏنيون آھن، ڪوٽڙي ايسوسيئشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري جي اڳوڻي چيئرمين خليل بلوچ ٻڌايو ته هي سنڌ جو ٻئي نمبر وڏو صنعتي زون آھي هزارين پورهيت ڪم ڪن ٿا، قانون موجب کين سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جو فرض آھي، بجلي، گيس مهانگي هئڻ سبب ڪيترائي مسئلا پيش اچن ٿا، روڊ رستن سميت ٻيون سهولتون نه هئڻ ڪري ٻاهران انويسٽر نه ٿا اچن وفاقي توڙي صوبائي حڪومت کي ڪيترائي ڀيرا لکيو آهي پر ڪو به ڪم نه ٿو ٿئي پورهيتن کي مڪمل تحفظ ۽ حق ڏنا وڃن ٿا، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪيپٽن (ر) فريد الدين مصطفيٰ رابطي ڪرڻ تي چيو ته ضلعي ڄامشورو ۾ قائم ڪارخانه ليبر قانون تي عمل ڪرڻ جا پابند آھن، جيڪو به ليبر قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو ان خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.
مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا در بند، پنجاب مان ماڻهو گهرائي ڀرتي ڪيا ويا
پڪو ڪرڻ جون شڪايتون ڊي سي ۽ ليبر آفيسر پڻ نظرانداز ڪرڻ لڳا
ڇهن سالن کان ڪم ڪريون پيا پڪو ناهي ڪيو ويو: پورهيت
”ٺيڪيداري نظام“ ڪوٽڙي سائيٽ جي فيڪٽريز ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت بنيادي حقن کان محروم
150 ڪارخانن مان 130 اڃا به هلندڙ، ٺيڪيداري نظام سبب پورهيتن کي ڪي به حق ملي نه سگهيا
مختلف ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن کي سوشل سيڪيورٽي، اولڊ ايج بينيفٽ سميت ڪي سهولتون نه مليون

ڪوٽڙي )رپورٽ: مجيد پنهور( ڪوٽڙي سائيٽ 1962 ۾ ٻن فيز تي 2175 ايڪڙن تي مشتمل 150 مان ھن وقت 130 جي ننڊا وڏا ڪارخانه هلندڙ آهن ۔ جن ۾ 25 ھزار کان مٿي پورھيت ڪم ڪن ٿا قائم ٿيل انھن ڪارخانن ۾ اڪثريت ڦٽين، جيننگ، سگريٽ، چمڙو، سرف، تارون، بيٽريون، آئل، ڪاغذ، ٽرانسفارمر، هارڊ بورڊ، پکا، چانور، موٽرسائيڪل آئل ۽ اٽي جا ڪارخانا شامل آھن جن ۾ ڊيلي ويجز ۽ ٺيڪيداري نظام رائج ھجڻ سبب ڪيترن ئي سالن کان ڪم ڪندڙ پورھيت به پڪا ٿي نه سگھيا آھن جڏھن ته ليبر قانون موجب جيڪو به پورھيت ٽن مھينن تائين ڪنھن به ڪارخاني ۾ پورھيو ڪري ٿو ان کي پڪو ڪرڻ لازمي ھجي ٿو پر ھتي پڪو ڪرڻ ۽ ٻيا حق گھرڻ تي پورھيتن کي نوڪرين کان برطرف ڪيو ٿو وڃي. ليبر قانون تي عمل نه ٿيڻ ڪري پورھيت پڪو ٿيڻ سان گڏ رٽائرمينٽ، پينشن، گريجوئيٽي، سالانه بونس، موڪلن، علاج، تعليم، نياڻين جي شادي لاء ڏاج فنڊ ۽ ٻين بنيادي حقن کان مرحوم آھن. سنڌ حڪومت پورھيت جي گهٽ ۾ گهٽ پگھار 16 ھزار روپيه مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو پر ان تي به ڪٿي ڪٿي عمل ٿي نه سگھيو آھي. ڦٽين جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ اڪثريت ننڍن ٻارن ۽ عورتن جي ھجي ٿي جن کان گھٽ معاوضي تي ڪم ورتو پيو وڃي. ھڪ اندازي موجب ڪوٽڙي جي ڪارخانن ۾ ٽي کان چار هزار ننڍا ٻار ۽ ٻن ھزارن جي لڳ ڀڳ عورتون پورھيو ڪن ٿيون جيڪي دز سبب ٽي بي، ساھ ۽ گلي جي ڪينسر ۾ وڪوڙجي وڃن ٿا جن جو علاج نالي ماتر ڪرائي کين نوڪرين کان جواب ڏنو وڃي ٿو. ٻئي پاسي ڪارخانن ۾ يونين سازي تي پابندي ھجڻ سبب پورھيت پنھنجن حقن لاء ڪو به آواز اٿاري نه ٿا سگھن. اڪثر ڪارخانن ۾ انتظاميان پاران پاڪيٽ يونين ٺاھيل ھجن ٿيون جيڪي پورھيتن بجاء مل مالڪن جي ترجماني ڪن ٿيون ۔ جڏهن ته ڦٽين جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندي پورھيتن جا ھٿ ۽ آڳريون ھٿ ۽ ٻانھن مشينن ۾ اچڻ سبب ڪٽجي وڃن ٿا اهڙن پورھيتن کي قانون مطابق مڪمل علاج ڪرائي معاوضو پڻ ادا ڪرڻو ھجي ٿو پر ھتي متاثر ٿيل پورھيتن جو نالي ماتر علاج ڪرائي کين بنا معاوضي گھرن ڏانھن روانو ڪيو وڃي ٿو سنڌ جي ھن ٻئي وڏي صنعتي زون ۾ ليبر ڊاريڪٽر ۔ ليبر آفيسر سميت ليبر عملدار مقرر ھجن ٿا پر اھي پورھيتن جي ڪا به داد رسي ڪرڻ بجاء مل مالڪن سان ملي ڀڳت ڪري پورهيت لاء ڪو به قدم نه ٿا کڻن.
ڇهن سالن کان ڪم ڪريون پيا پڪو ناهي ڪيو ويو: پورهيت
ڪوٽڙي: سائيٽ جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ عورت پورھيت مختيار چهواڻ، آزاد قادر پنهور ، وفا بلوچ، شوڪت خاصخيلي ، ممتاز علي ۽ ٻين ٻڌايو ته گذريل 6 سالن کان ھڪ ڪاٽن جي ڪارخاني ۾ ٺيڪيداري نظام ھيٺ ڪم ڪريون ٿا 8 کان 10 ڪلاڪ روزانو پورھيو ڪرڻ جي موٽ ۾ 500 روپيه ڏھاڙي ادا ڪئي وڃي ٿي. ھنن موجب ٺيڪيداري نظام تحت ٺيڪيدار ھر ھفتي پئسن جي ادائيگي ڪري ٿو جيڪڏھن بيماري سبب ھو موڪل ڪندا آھيون ته ڏھاڙي ڪٽي ويندي آھي ھنن جو چوڻ ھو ته ٺيڪيدار جڏھن به چاھي ڪم کان جواب ڏئي ڇڏي ٿو باقي سالانه بونس پڪو ٿيڻ علاج وغيره ڪرائڻ سميت ڪا به سھولت مھيسر نه آھي جيڪڏھن ڪو به پورھيت بيمار ٿي پوندو آھي ته ھو پنھنجي خرچ تي علاج ڪرائيندو آھي. مل جو ڪارڊ وغيره به نه ڏنو ويندو آھي.
پورهيتن کي مڪمل تحفظ ۽ حق ڏنا پيا وڃن: صنعتڪار
ڪوٽڙي: ڪوٽڙي ايسوسيئشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري جي اڳوڻي چيئرمين خليل بلوچ ٻڌايو ته هي سنڌ جو ٻئي نمبر وڏو صنعتي زون آھي هزارين پورهيت ڪم ڪن ٿا، قانون موجب کين سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جو فرض آھي، بجلي، گيس مهانگي هئڻ سبب ڪيترائي مسئلا پيش اچن ٿا، روڊ رستن سميت ٻيون سهولتون نه هئڻ ڪري ٻاهران انويسٽر نه ٿا اچن وفاقي توڙي صوبائي حڪومت کي ڪيترائي ڀيرا لکيو آهي پر ڪو به ڪم نه ٿو ٿئي پورهيتن کي مڪمل تحفظ ۽ حق ڏنا وڃن ٿا.
ڪارخانن کي قانون تي عمل لاءِ چيو آهي: ليبر ڊائريڪٽر
ڪوٽڙي: ليبر ڊائريڪٽر ڄامشورو عبدالصمد سومرو جو چوڻ ھو ته جيڪو به پورھيت شڪايت کڻي اچي ٿو ان جي درخواست تي قانوني قدم کڻون ٿا، ٺيڪيداري نظام سميت ليبر قانون تي عمل ڪرائڻ لاء مل انتظاميا کي ليٽر لکيا آھن ۽ انھن کي ليبر قانون تي عمل ڪرڻ لاء سختي سان ھدايتون ڏنيون آھن.
ليبرقانون تي عمل نه ڪرڻ قانون جي ڀڃڪڙي آهي: قانوندان
ڪوٽڙي: رابطي ڪرڻ تي وڪيل منصور احمد چنه ٻڌايو ته ڪارخانن ۾ ليبر قانون تي عمل نه ڪرڻ قانون جي سنگين ڀڃڪڙي آھي ننڍي عمر جي ٻارن کان پورھيو وٺڻ پڻ قانوني ۽ اخلاقي ڏوهه آھي.
مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا در بند، پنجاب مان ماڻهو گهرائي ڀرتي
ڪوٽڙي: صنعتي زون ۾ مقامي ماڻھن لاء پڻ نوگو ايريا بڻيل آھي، ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ اڪثريت پورھيتن جي پنجاب جي مختلف شھرن مان گھرايل پورھيتن جي ھجي ٿي جڏھن ته مقامي پورھيت لاء اڪثر ھتان جي ڪارخانن جا گيٽ بند ھجن ٿا. ھوڏانھن پنھنجي حقن جي حاصلات ۽ سالن کان ڪم ڪندڙ پورھيتن کي پڪو ڪرڻ لاء وڏي تعداد ۾ پورھيت ڊي سي ڄامشورو ۽ ليبر آفيسرن وٽ دانھيندا رھن ٿا پر سندن ڪو به داد رسي نه ٿي ٿئي.
پورهيت ٻارن کان به 8 کان 12 ڪلاڪ پورهيو
ڪوٽڙي: 18 سالن کان گھٽ عمر جي پورھيتن فرقان شيخ، علي رضا سومرو، سرمد سولنگي ۽ ٻين ٻڌايو ته غربت سبب ڪارخانن ۾ ڪم ڪريون ٿاڦٽين جي ڪارخاني ۾ رنگ کاتي ۾ ڪم ڪريون ٿا جتي ٺيڪيدار 8 ڪلاڪ ڪم ڪرائي 500 روپيه ڏھاڙي ڏيندو آھي جڏھن ته 12 ڪلاڪ عيوض 750 روپيه ملندا آهن.
ڪارخانن لاءِ عضوا وڃائيندڙن جو صلو رڳو 1500 رپيا ماهوار
ڪوٽڙي: ڪارخانن ۾ ڪم دوران معذور ٿيل پورھيت خالد پنهور، احسان احمد ۽ ٻين ٻڌايو ته ڦٽين جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندا هئاسين. رات جي شفٽ ۾ ڪم ڪندي ھٿن جون آڳريون ۽ ھٿ اچانڪ مشين ۾ اچي ويا جنھن سبب معذور ٿي وياسون. ھنن جو چوڻ ھو ته مل انتظاميا رڳو نالي ماتر علاج ڪرايو پر ڪو به معاوضو ادا ڪرڻ بنا گھرن ڏانھن روانو ڪري ڇڏيو ۔مهيني ۾ 1500 روپيه ڏنا ويندا آهن.
ليبر قانونن تي عمل ئي پورهيت مسئلن جو حل قرار
ڪوٽڙي: پورھيت اڳواڻن اڪبر ميمڻ، امجد مستوئي، ظهير ميراڻي ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته ڪارخانن ۾ ليبر قانون تي عمل نه پيو ڪيو وڃي. اڪثر ڪارخانن ۾ ٺيڪداري راڄ قائم آھي جنھن ڪري پورھيتن کي ڪو به قانوني حق نٿو ملي ھنن چيو ته ڪارخانن ۾ يونين سازي تي پابندي لڳل آھي 2012 جي نئين ليبر آرڊيننس تي به عمل نٿو ڪيو وڃي۔ جيڪڏھن ليبر قانون تي عمل ڪيو وڃي ته پورھيتن کي سمورا حق ملي سگھن ٿا.
ڪوٽڙي سائيٽ ۾ پورهيت مسئلن جو شڪار، سمورا حق غصب، ٻارن جو پورهيو پڻ عروج تي
ڪوٽڙي: ڪوٽڙي سائيٽ 1962 ۾ ٻن فيز تي 2175 ايڪڙن تي مشتمل 150 مان ھن وقت 130 جي ننڊا وڏا ڪارخانه هلندڙ آهن ۔ جن ۾ 25 ھزار کان مٿي پورھيت ڪم ڪن ٿا قائم ٿيل انھن ڪارخانن ۾ اڪثريت ڦٽين، جيننگ، سگريٽ، چمڙو، سرف، تارون، بيٽريون، آئل، ڪاغذ، ٽرانسفارمر، هارڊ بورڊ، پکا، چانور، موٽرسائيڪل آئل ۽ اٽي جا ڪارخانا شامل آھن جن ۾ ڊيلي ويجز ۽ ٺيڪيداري نظام رائج ھجڻ سبب ڪيترن ئي سالن کان ڪم ڪندڙ پورھيت به پڪا ٿي نه سگھيا آھن جڏھن ته ليبر قانون موجب جيڪو به پورھيت ٽن مھينن تائين ڪنھن به ڪارخاني ۾ پورھيو ڪري ٿو ان کي پڪو ڪرڻ لازمي ھجي ٿو پر ھتي پڪو ڪرڻ ۽ ٻيا حق گھرڻ تي پورھيتن کي نوڪرين کان برطرف ڪيو ٿو وڃي. ليبر قانون تي عمل نه ٿيڻ ڪري پورھيت پڪو ٿيڻ سان گڏ رٽائرمينٽ، پينشن، گريجوئيٽي، سالانه بونس، موڪلن، علاج، تعليم، نياڻين جي شادي لاء ڏاج فنڊ ۽ ٻين بنيادي حقن کان مرحوم آھن. سنڌ حڪومت پورھيت جي گهٽ ۾ گهٽ پگھار 16 ھزار روپيه مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو پر ان تي به ڪٿي ڪٿي عمل ٿي نه سگھيو آھي. ڦٽين جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ اڪثريت ننڍن ٻارن ۽ عورتن جي ھجي ٿي جن کان گھٽ معاوضي تي ڪم ورتو پيو وڃي. ھڪ اندازي موجب ڪوٽڙي جي ڪارخانن ۾ ٽي کان چار هزار ننڍا ٻار ۽ ٻن ھزارن جي لڳ ڀڳ عورتون پورھيو ڪن ٿيون جيڪي دز سبب ٽي بي، ساھ ۽ گلي جي ڪينسر ۾ وڪوڙجي وڃن ٿا جن جو علاج نالي ماتر ڪرائي کين نوڪرين کان جواب ڏنو وڃي ٿو. ٻئي پاسي ڪارخانن ۾ يونين سازي تي پابندي ھجڻ سبب پورھيت پنھنجن حقن لاء ڪو به آواز اٿاري نه ٿا سگھن. اڪثر ڪارخانن ۾ انتظاميان پاران پاڪيٽ يونين ٺاھيل ھجن ٿيون جيڪي پورھيتن بجاء مل مالڪن جي ترجماني ڪن ٿيون ۔ جڏهن ته ڦٽين جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندي پورھيتن جا ھٿ ۽ آڳريون ھٿ ۽ ٻانھن مشينن ۾ اچڻ سبب ڪٽجي وڃن ٿا اهڙن پورھيتن کي قانون مطابق مڪمل علاج ڪرائي معاوضو پڻ ادا ڪرڻو ھجي ٿو پر ھتي متاثر ٿيل پورھيتن جو نالي ماتر علاج ڪرائي کين بنا معاوضي گھرن ڏانھن روانو ڪيو وڃي ٿو سنڌ جي ھن ٻئي وڏي صنعتي زون ۾ ليبر ڊاريڪٽر ۔ ليبر آفيسر سميت ليبر عملدار مقرر ھجن ٿا پر اھي پورھيتن جي ڪا به داد رسي ڪرڻ بجاء مل مالڪن سان ملي ڀڳت ڪري پورهيت لاء ڪو به قدم نه ٿا کڻن.
سيتا روڊ ۾ ڄامشورو يونيورسٽي جي وي سي شاگردن ۾ مفت ليپ ٽاپ ورهايا
سيتاروڊ (ن پ ا) سيتا روڊ جي رحمان پرائمري اسڪول ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب ٿي، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر فتح محمد برفت، ٽائون چيئرمين قمبر لغاري، سماجي تنظيم جي چيئرمين سلطان لغاري ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. ان موقعي تي ڄامشورو يونيورسٽي جي وي سي محنتي شاگردن ۾ مفت ليپ ٽاپ ورهايا.
مانجهند ڀرسان ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وئي،هڪ فوت،3 زخمي
ڄامشورو (رپورٽر) انڊس هاءِ وي مانجهند شهر ۾ ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري کاهي ۾ ڪري پئي، حادثي جي نتيجي ۾ قاسم آباد واسي سلمان مهر فوت ٿي پيو، جڏهن ته ٽي ڄڻا فهيم عمراڻي، شهزاد ۽ سيد طالب شاهه شديد زخمي ٿي پيا،فوتي ۽ زخمين کي تعلقه مانجهند منتقل ڪيو ويو.
رڳو يوسي تونگ جي 20 ڳوٺن مان لڏپلاڻ، 18 هزار متاثر
ڄامشورو: ڪوهستان ۾ پيدا ٿيل ڪاري ڏڪار بابت تونگ يونين ڪائونسل جي وائيس چيئرمين زمان گبول، ڪائونسلر رحيم سهتاڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته برسات نه پوڻ ڪري ڪوهستان جي ماڻهن جو گذر سفر متاثر ٿيو آھي اسان جو چوپايو مال تي گذر آھي اسان جي يوسي جا 20 ڳوٺ آھن جتان لڏپلاڻ گهڻي ٿي آھي ڇاڪاڻ ته ڪافي سالن کان برساتون نه پيون آهن. تنهنڪري گاھ ئي ناهي ٿيو ۽ چوپايو مال بک مري رهيو هو.ڪيترا خاندان مال ڪاهي ويا ڪجھ وري ٿاڻي بولاخان جي آس پاس ۽ دروات ڊيم جو پاسو وٺي وڃي ويٺا آھن، هنن چيو ته ڊي سي ڄامشورو ۽ اي سي بولاخان اسان جي مٿان سروي جي ذميواري اسان کي ڏني جنهن کانپوءِ سروي ڪئي وئي جنهن مان خبر پئي ته صرف تونگ يوسي ۾ 18هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن. ۽ 80 هزار کان وڌيڪ جانور چارو نه ملڻ ڪري متاثر ٿيا پر انتظاميه اسانجي سروي رپورٽ رد ڪري ڇڏي. هنن چيو ته هر خاندان کي ٽن مرحلن ۾ ڪڻڪ ڏيڻ جو آسرو ڏنو ويو مطلب تي هر مهيني ڪڻڪ جو ڪٽو ملندو پر هڪڙو دفعو ڏئي ٻن مهينن کان ڪڻڪ ڏيڻ ئي بند ڪري ڇڏي.
لڏپلاڻ باوجود اڃا 4 لک جانور ڪوهستان ۾ موجود آهن: لائيو اسٽاڪ کاتو
ڄامشورو: لائيو اسٽاڪ ٿاڻي بولاخان جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ذوالفقار علي ڀٽو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڏڪار سبب سڄو ڪوهستان متاثر آھي، پنجاھ سيڪڙو چوپايو مال ڪوهستان مان نڪري چڪو آھي لڏپلاڻ صرف ڪوهستان واسي مال جو چارو ختم ٿيڻ ڪري ڪندا آھن ڪوهستان ۾ سرڪاري انگ اکرن ۾ ساڍا اٺ لک جانور آھن جنهن مان اڌ اڃا ڪوهستان ۾ موجود آھن. جانورن کي بيمارين جي بچاءَ جي ويڪسيئن ٿئي پئي باقي مال لاء چار ملي ناهي سگهيو، چارو ملندو ته ڏينداسين . هن چيو ته هڪ لک 12 هزار جانورن کي ويڪسين ڪئي آھي. هن محل سياري سبب جانورن ۾ کنگھ، زڪام، تيڪ، ارڙي، ڦڦڙي، بليڪ واٽر، گل گهوٽو واريون بيماريون عام جام آهن ان جي ويڪسيئن ٿي رهي آھي.