fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

اومني گروپ خلاف ڪارروايون،سجاول،ٽنڊي محمد خان ۽ ٺٽي ۾ آفيسون سيل

دڙو (رپورٽر)نيب ۽ ٻين وفاقي تحيقيقاتي ادارن سجاول،ٺٽو ۽ ٽنڊومحمد خان ضلعن ۾ فاريسٽ کاتي جي کڏي،مولچند،ٻيلو بنگلو،پناھ،ھديراڻي، ٻائو پورنداس،فتح پور ۽ ٻين ٻيلن ۾ سنڌ حڪومت جي آشيرواد سان ڪروڙين روپين جي وڻن کي وڍرائي خالي ٿيل5 ھزار ايڪڙ جي لڳ ڀڳ زمينن تي ٻيلي کاتي کان 99 سالن جي ليز جي آڙ ۾ ڪيل قبضن ۽ زمينن تي 2013 کان پوکيل ڪروڙين روپين جي فصلن تان ملندڙ اپت بابت وڏي پئماني تي تحيقيقات شروع ڪري ڇڏي آھي. ويجھن ذريعن موجب نيب جي اھلڪارن گذريل ڏينھن سجاول،ٽنڊو محمد خان ۽ ٺٽي ضلعن اندر اومني گروپ جي قائم ڪيل آفيسن کي سيل ڪري ڇڏيو آھي. ھوڏانھن سجاول پوليس پاران اومني گروپ خلاف نيب جي ڪارروائين کان لاعلمي ظاھر ڪئي آھي. جڏھن ته ٻيلي کاتي جي ذريعن موجب نيب ۽ ٻين ادارن گذريل ڏينھن سجاول ضلعي جي ٻنون واري ڪچي جي علائقن ۾ اومني گروپ جي نيٽ ورڪ تي ڇاپا ھنيا. جتي پوليس جون سرڪاري موبائيل گاڏين کي تحويل ۾ ورتو ويو آھي. ان سان گڏوگڏ سنڌ پوليس ۽ فاريسٽ کاتي جي اھلڪارن کي ھٿيارن سميت گرفت ۾ آڻي کين پنھنجن کاتن ۾ رپورٽ ڪرايو ويو آھي. ذريعن موجب نيب پاران اومني گروپ جي آفيسن تي چڙھائين بعد اومني گروپ پاران مقرر ڪيل عملو ۽ نجي ھٿياربند انڊر گرائونڊ ٿي ويا آھن. ذريعن امڪان ڏيکاريو آھي ته ايندڙ ٻن ڏينھن دوُران نيب پاران اومني گروپ جي زمينن واري پراجيڪٽ کي سيل ڪري ھزارين ايڪڙ زمينن ۾ ڪروڙين روپين جي بيٺل فصل کي ضبط ڪيو ويندو.

لاڙ شگر ملز ڪرشنگ شروع نه ڪئي، رهتون ڏيڻ کان به انڪار، آبادگار پريشان

لاڙ جي آبادگارن کي شگر مل ڏانهن رهتن جي مد ۾ ڪروڙين رپيا نه ملي سگهيا آهن

آبادگارن جو مقبول اوٺو، سانوڻ گبول، عبدالحڪيم جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج

چوهڙ جمالي ( رپورٽ:حميدالله ميمڻ ) لاڙ شگر مل آبادگارن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا. سجاول ضلعي جي آبادگارن جا رهيل ڪروڙين روپيه کين ادا نه ٿي سگهيا، عدالت ۾ ڪيس ٻڌڻي هيٺ هئڻ سبب هلندڙ سال لاڙ شگر مل ڪريشينگ سيزن جي شروعات نه ڪئي، جنهن جي ڪري آبادگارن جا ڪروڙين رپيا ٻڏڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، مالي خساري جو شڪار آبادگارن چيف جسٽس کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. خبر موجب، سجاول ضلعي ۾ واقع لاڙ شگر مل گذريل سال جي ڪريشنگ سيزن دوران آبادگارن کان ڪمند 130 رپيا في ڪمند تي خريد ڪيو، جڏھن ته عدالت ۽ سنڌ حڪومت جي فرق جي لاڳو ڪيل 30 رپين سميت مقامي آبادگارن جا ڪروڙين رپيا هڙپ ٿي ويا، جيڪي اڃا تائين کين نه ملي سگهيا آهن. سجاول جي آبادگارن جا رهتن جي مد ۾ لاڙ شگر مل تي ڪروڙين رپيا آهن. هلندڙ سال لاڙ شگر جي ڪريشنگ سيزن جي شروعات نه ڪرڻ سبب غريب آبادگارن جا رهيل ڪروڙين رپيه هڙپ ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آھي. سجاول ضلعي جي آبادگارن مقبول اوٺو، سانوڻ گبول، عبدالحڪيم جمالي، ڀٽو لاشاري ۽ ٻين ٻڌايو ته لاڙ شگر مل جي انتظاميه 2 سال گذرڻ باوجود 130 رپيا في مڻ جي اگھه ۽ ان جي فرق جا 30 رپيه اڃان تائين ادا نه ڪيا آھن، جنهن سبب پريشاني ۾ ورتل آهيون. آبادگارن چيو ته شگر مل انتظاميا احتجاج ڪرڻ تي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪو ظلم آهي. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان کان معاملي جو نوٽيس وٺي رهيل پئسا ڏيارڻ جي گهر ڪئي آهي.

سجاول ۾ معذور ڪوٽا تي نوڪري جي درخواست ڏيندڙ 5 سئو مان 4 ڄڻن کي نوڪريون ملي ويون

سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ معذور ڪوٽا تحت نوڪرين لاء درخواستون ڏيندڙ سجاول جي 500 معذورن مان چئن ڄڻن جي نالن جي منظوري ڏني وئي آهي. عدالتي حڪم تي معذور ڪوٽا تي عمل ڪري اپاھج ۽ بي سھارا ماڻھن کي سرڪاري نوڪريون ڏيڻ لاء چيف سيڪريٽري پاران ضلعن جي ڊي سيز کي درخواستون وٺي تفصيل موڪلڻ جون ھدايتون ڪيون ويون ھيون. ان ڏس ۾ رھجي ويل معذورن حسن ميربحر , اقبال, رشيد ۽ ٻين چيو آهي ته جيڪڏهن ضلعي ۾ صرف 4 جايون خالي ھيون ته پوءِ 500 کان وڌيڪ معذورن کان انٽرويو ڇو ورتا ويا ھنن چيو ته ضلعي ۾ وڌيڪ جايون خالي آهن انٽرويو پاس ڪندڙ معذورن کي آرڊر ڏئي محتاجي کان بچايو وڃي.

چوهڙ جمالي ۾ پل جو ڪم رولڙي جو شڪار، ٺيڪيدار پٿر وڇائي گم، ڌرڻو

ڳوٺاڻن بابو اوٺو، پپو جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين روڊ تي ڌرڻو هنيو

روڊ موري پل تباهه آهي، ٺيڪيدار ڪم شروع ڪندي ئي غائب ٿي ويو: مظاهرين

چوهڙ جمالي(رپورٽ: حميدالله ميمڻ) چوهڙ جمالي لڳ روڊ موري جي پل جي مرمت جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڳوٺاڻن بابو اوٺو، پپو جمالي، جمعون خان کوسو، سيد نظير شاھ لڪياري، نصرالله جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ روڊ موري کان ڪيٽي کوسا ڏانهن ويندڙ روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن دوران نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي مظاهرين دانهيو ته دڙو بئراج جي آر ڊي 164 تي قائم روڊ موري پل ٽٽي تباهه ٿي وئي هئي، ٺيڪيدار پل جو ڪم اڌ ۾ڇڏي غائب ٿي ويو آهي. هنن دانهيو ته پل جو ڪم اڌ ۾ رهيل هئڻ سبب ڪنهن به وقت حادثو پيش اچي سگهي ٿو، نوٽيس ورتو وڃي.

وڏي وزير چوهڙ جمالي ۾ تختي تي لاش رکي ڪينال پار ڪرڻ جو نوٽيس ورتو

مراد علي شاهه جي ڊي سي سجاول کي معاملي جا تفصيل وٺي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت

وڏي وزير پاران پاران ڳوٺاڻن کي دڙو بئراج تي پل ٺهرائي ڏيڻ جي خاطري

چوهڙ جمالي (ن پ ا) چوهڙ جمالي لڳ تختي تي لاش رکي پار ڪرڻ واري معاملي جو وزير اعلي سنڌ پاران نوٽيس , ڊي سي سجاول کي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت، ڳوٺاڻن کي دڙو بئراج تي پل ٺهرائي ڏيڻ جي خاطري،ڪجھ ڏينهن اڳ چوهڙ جمالي ڀرسان ڳوٺ حسين ڪونجائي ۾ فوت ٿي ويل شخص جو جنازو دڙو بئراج تي پل نه هجڻ ڪري تختي تي رکي پار ڪرايو ويو هو جنهن جي وڊيو ميڊيا تي اچڻ کانپوء وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ نوٽيس وٺندي ڊي سي سجاول رياض حسين عباسي کي هدايت ڪئي ته معاملي جو تفصيل وٺي رپورٽ ڪري ،سلسلي ۾ ڊي ايس پي سجاول علي محمد کوسو ڳوٺ حسين ڪونجائي ۽ دڙو بئراج جي آرڊي 172 تي پهچي مقامي ڳوٺاڻن کان تفصيل معلوم ڪيا ۽ ڳوٺاڻن کي خاطري ڪرائي ته کين جلد دڙو بئراج تي پل قائم ڪرائي ڏني ويندي، ان موقعي تي ڳوٺاڻن زڪريا ڪونجائي ،آدم ڪونجائي ،علي محمد سمون ، پير ڏنو سمون ۽ ٻين ڊي ايس پي سجاول اڳيان دانهيو ته دڙو بئراج جي آرڊي 172 تي پل نه هجڻ ڪري کين تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ،جنازا ۽ بيمار به تختي تي رکي پار ڪرائي شھر وڃڻو پوي ٿو ،ڪيترائي ڀيرا ننڍڙا ٻار ۽ عورتون تختي تان ڪريا آھن ،چونڊيل نمائندن کي ڪيترا ڀيرا شڪايت ڪئي آھي پر ڪير به ٻڌڻ لاء تيار ناهي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته دڙو بئراج جي هن پار ڪيتريون برادريون رهن ٿيون جن جا وڏا ڳوٺ آباد آھن،هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته دڙو بئراج جي آرڊي 172 تي پل قائم ڪري ڳوٺاڻن کي بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن ٻئي طرف ڊي سي سجاول رياض حسين عباسي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته تختي تي جنازو کڻڻ واري واقعي جو وزيراعلي سنڌ نوٽيس ورتو آھي ۽ اسان کان رپورٽ طلب ڪئي آھي جلد ڳوٺاڻن کي دڙو بئراج تي پل ٺھرائي ڏني ويندي .

دڙو ۾ استاد جي گهر تي حملي جو 10 ڄڻن خلاف ڪيس داخل

دڙو (رپورٽر) دڙو لڳ استاد جي گھر تي حملي جو 10 ڄڻن خلاف ڪيس داخل، ڳوٺ حاجي غلام محمد ڪانڌڙو واسي متاثر استاد غلام اويس ڪانڌڙو جي فرياد تي عطا محمد ڪانڌڙو، شاھ محمد، خالد ڪانڌڙو سميت 10 ڄڻن خلاف رپورٽ داخل ڪئي وئي آھي. آخري اطلاع تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگھي هئي. دڙو پوليس جي ايس ايڇ او مير حسن راڄو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته استاد جي گهر تي حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا ھنيا پيا وڃن. معاملي جي جاچ ڪري رھيا آھيون. ھوڏانھن سيڪنڊري استاد غلام اويس ڪانڌڙو ۽ ٻين ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام ھنيو آھي ته رات دير سان ڄاڻايل جوابدارن اسان جي گھرن تي حملو ڪري عورتن ۽ ٻارن تي سخت تشدد ڪري ڦرلٽ ڪرڻ بعد فائرنگ ڪئي، جوابدار انتھائي بااثر ۽ ڏوھاري قسم جا ماڻھو آھ، جاني نقصان جو خدشو آهي، ھن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي سجاول ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته حملي آورن کي گرفتار ڪري کين جاني ۽ مالي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

ميرپور ساڪرو:ٻه موٽرسائيڪلون ٽڪرائجي ويون،هڪ ڄڻو فوت،2 زخمي

ميرپورساڪرو(رپورٽر(ميروپورساڪرو ويجھو ٽاڪاڻي بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلون ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻه زخمي ٿي پيا،ان ڏس ۾ميرپورساڪرو ويجھو ٽاڪاڻي بس اسٽاپ تي ٻن موٽرسائڪل جو آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي م ھڪ ڄڻو عرس لاشاري فوت ٿي ويو جڏنھن ته 2 ڄڻا جميل احمد خاصخيلي ۽ الھداد واريو سخت زخمي ٿي پيا جن کي شيخ زيد اسپتال آندو ويو،فوتي عرس لاشاري جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.