ڇور ( ن پ ا) سنڌ سرڪار جي ترقي ۽ رٿابندي واري کاتي پاران ٻارڙن جي جبري پورھئي (چائلڊ ليبر) بابت سروي شروع ٿي وئي. عمرڪوٽ ضلعي جي 40 يونٽن ۾ سروي جي مدد سان اهو ڪاٿو لڳايو ويندو ته صوبي اندر ڪيترا ٻارڙا جبري پورھئي تي مجبور آھن. سروي جي ميپر علي حيدر جو چوڻ آھي ته اسان کي عمرڪوٽ ضلعي ۾ سروي لاءِ 40 يونٽ ڏنا ويا آهن. پهرين مرحلي ۾ ميپنگ ڪئي پئي وڃي، ٻئي مرحلي ۾ اسان جي ٽيم سروي ڪندي جنهن کانپوءِ ٻارڙن جي جبري پورھئي بابت انگ اکر ملي سگھندا. ميپر علي حيدر جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ سروي مڪمل ڪرڻ بعد رپورٽ سنڌ سرڪار حوالي ڪئي ويندي.
ڇور ۾ ڪنڊي وڍڻ تان جهيڙو، هڪ ڄڻو زخمي
ڇور (ن پ ا) ڇور لڳ ڪنڊي وڍڻ تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ،ڪهاڙيون لڳڻ سبب علي خان ولي سگهو سمون زخمي ٿي پيو ان ڏس ۾ ڇور جي ڳوٺ مجنو چانهيون ۾ ڪنڊي وڍڻ تان سمان ۽ چانهيان برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ سمون برادري جو علي خان ولد سگهو سمون شديد زخمي ٿي پيو، ٻي پاسي زخمي جي مائٽن پاران مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين ٻڌايو ته اسان جي گهر جي گهٽي تي ڪنڊي وڍڻ جي منع ڪرڻ سان چانهيان برادري جي ماڻهن اسان تي ڪهاڙين جا سڌا وار ڪيا جنهن سبب اسان جو هڪ ڄڻو شديد زخمي ٿيو آهي،اطلاع تي پوليس بروقت پهتي جوابدار کي ٿاڻي تي وٺي وئي آهي .
ساماري ڀرسان شرپسند درگاهه جا تالا ٽوڙي ويا، عقيدتمندن جو احتجاج
سامارو ( رپورٽر )سامارو ڀرسان نامعلوم ماڻهن درگاهه جا تالا ٽوڙي ڇڏيا ،مريدن ۽ عقيدتمندن جو احتجاج،ان ڏس ۾ نامعلوم جوابدارن سامارو ڀرسان ڪنري روڊ جي مشهور درگاهه حضرت سيد بچل شاهه جا تالا ٽوڙي ڇڏيا آهن، واقعي جي اطلاع تي وڏي انگ ۾ مريد ۽ عقيدتمند گڏ ٿي ويا ۽ واقعي خلاف احتجاج ڪيو ،درگاهه جي خليفي صفدر جٽ،انور علي ڪپري ۽ ٻين چيو ته رات جوابدارن ڪريل حرڪت ڪري درگاهه جا تالا ٽوڙيا آهن جنهن جو سامارو پوليس کي اطلاع ڏنو ويو آهي ،ھنن چيو ته ڪجهه ڏينهن پھرين جوابدارن درگاهه جي چندي جي پيتي کي کڻي ويا هئا، جنهن جي به پوليس کي شڪايت ڏنل آهي ھنن جو چوڻ ھو ته پوليس ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار نه آهي ھنن چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي جڪڙ ۾ آندو وڃي .
سامارو ۾ ماکي جي حملي ۾ عورتن سوڌو 13 ڄڻا زخمي
سامارو ( ن پ ا) سامارو ۾ وڏي ماکي جي حملي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. درگاهه سيد بچل شاهه وٽ ويٺل ماکي رهواسين تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ عزيزان، سوناري، فيروزان، ٽيڪم، رجب، پريم روھت، پيارو سوڌو 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ڪنري جي ويم گھر مان ڊاڪٽرياڻي گم، عورت اڱڻ ۾ ٻار ڄڻيو
ڪنري (ن پ ا) ڪنري جي ڳوٺ ٺيڪيدار غلام رسول آرائين جي غريب ھاري خاندان سان تعلق رکندڙ شريمتي رامون زال نيلو ڪولھي کي ويم لاءِ صحت کاتي جي تحت ھلندڙ ٻارن جي اسپتال حاجره ميٽرنٽي ھوم آندو ويو تہ اسپتال جو گيٽ بند ھو ۽ بعد ۾ گيٽ کولڻ تي اتي موجود چوڪيدار ڊاڪٽرياڻي ۽ عملي جي موجود نہ ھئڻ جو چئي دروازو ٻيھر بند ڪري ڇڏيو ۽ منٿون ميڙون ڪرڻ باوجود ھنن کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ نہ ڏنو ويو جنھن تي ڪافي دير تائين بعد چوڪيدار ھنن کي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني، اسپتال ۾ بيڊ نہ ھئڻ سبب ڳورھاري عورت کي سخت سردي ۾ ٿڌي فرش تي سمھاري ڇڏيو، اسپتال عملي جي رويي ۽ ڊاڪٽرن جي غير موجودگي جي خلاف ڳورھاري عورت جي وارثن ڪانجي ڪولھي، شامون ڪولھي، ويرجي، شريمتي ويرو ۽ ٻين اسپتال جي گيٽ سامھون احتجاجي مظاھرو ڪيو، ڳورھاري عورت جي سھري پارو مل صحافين آڏو دانھيندي ٻڌايو تہ ھو جڏھن اسپتال پھتا تہ ڊاڪٽرياڻي ۽ ٻيو عملو اتي موجود ڪونہ ھو، جنھن بعد ھو رات جو تقريبن ٽہ وڳي سول اسپتال ڪنري پھتا تہ اتي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر لجپت عورت کي داخل ڪرڻ کان اھو چئي انڪار ڪري ڇڏيو تہ ھتي ڊليوري جي سھولت موجود ناھي جڏھن تہ سول اسپتال ۾ اھو سھولت موجود آھي، متاثر سڄي رات خوار ٿيندا رھيا پر سندس جي ڪابه مدد نہ ڪئي وئي ۽ نہ ئي ڊاڪٽر کي سڏيو ويو، آخرڪار ڏھن ڪلاڪن جي عرصي کانپوءِ سخت سياري ۽ تڙپڻ بعد عورت اسپتال جي احاطي ۾ ٿڌي فرش تي ڊاڪٽرياڻي ۽ عملي جي غير موجودگي ۾ ٻار کي جنم ڏنو سندس ساڻ آيل عورتن ٻار کي جنم ڏيڻ ۾ ھن جي مدد ڪئي، ڊاڪٽرياڻي ۽ عملو رجسٽرڊ تي حاضري لڳائي غائب ٿي ويندو آھي ۽ گھر ويٺي پگھارون کڻڻ ۾ مصروف آھي، جڏھن تہ اسپتال جي سموري نظام لاءِ مقرر ڪيل ڪائونسلرن تي مشتمل ڪميٽي ۽ سٽي چيئرمين ھنن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران بي وس بڻيل آھن، اطلاح ملڻ تي ايم ايس تعلقہ اسپتال ڪنري ڊاڪٽر مبارڪ علي درس ۽ ڪائونسلر حاجي عبدالحفيظ آرائين حاجره ميٽرنٽي ھوم پھتا، جنن متاثرن سان معلومات ورتي ۽ ھنن کي ڊيوٽي ڊاڪٽرياڻي ۽ عملي جي خلاف ڪاروائي جو يقين ڏياريو، متاثرن وزيراعليٰ سنڌ، صوبائي وزير صحت ۽ ٻين کان معاملي جو فوري نوٽيس وٺي ذميوران خلاف ڪاروائي جي گھر ڪئي آھي.
ڍوري ناري لڳ ٽرين جي ٽڪر ۾ عورت فوت
ڍورونارو(ن پ ا) ڍورو نارو ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ عورت چيڀاٽجي فوت ٿي وئي. ڳوٺ قاضي سومرو واسڻ ڌائي ڀيل ٽرين ھيٺيان اچي فوت ٿي وئي. اطلاع تي پوليس پهچي فوتڻ جو لاش اسپتال منتقل ڪيو،جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو. وارثن پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته عورت جو ذهني توازن درست نه هو.
عمر ڪوٽ: سڻوھي ڳوٺ جي واٽر سپلاءِ اسڪيم اڌ ۾ رڪيل ڳوٺاڻا پاڻي لاءِ پريشان
4 هزار کان وڌيڪ آبادي واري ڳوٺ سڻوهي لاءِ 2008ع ۾ اسڪيم منظور ٿي هئي
اسڪيم ته منظور ٿي پر اها ڪرپشن جي ور چڙهي وئي، اختياريون نوٽيس وٺن: ڳوٺاڻا
نيوڇور (رپورٽ: جگت ڏان چارڻ) عمرڪوٽ ضلعي جي قديمي ڳوٺ ۽ 4000 آبادي رکندڙ ڳوٺ سڻوهي پاڻي جهڙي نعمت کان محرو آهي جڏهن ته حڪومت سنڌ طرفان سال 2008 ۾ ڪروڙن جي لاڳت سان واٽر سپلائي اسڪيم اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهي آهي ڳوٺاڻا پيئڻ جي مٺي پاڻي لاءِ ڳوٺاڻن کي تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو واٽر سپلائي تلاءَ جي ڀرسان ديوين جو گهاٽو جهنگ ٿي ويو آهي ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته حڪومت سنڌ طرفان اسان کي پيئڻ جي مٺي پاڻي لاءِ اسڪيم ته ڏني وئي پر اها ڪرپشن جي ور چڙهي وئي جيڪو اڃان تائين مڪمل ٿي نه سگهي آهي جڏهن ته هتي جسٽس طرفان دورو به ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هتي صرف ڪجهه سولر جون پليٽون لڳائي جج صاحب توڙي ٻين آفيسرن کي خوش ڪري روانو ڪيو ويو پاڻي جي اسڪيم اڃان تائين مڪمل ٿي نه سگهي آهي هنن جو وڌيڪ چوڻ هو هن اسڪيم جي چوڌاري گهاٽين ديوين جو جهنگ ٿي ويو آهي پائيپ لائينون ته وڇايون ويون آهن پر ان ۾ اڃان تائين پاڻي اچي نه سگهيو آهي انهن احتجاج ڪندي جئه سنگهه ٺڪر، سوائي نائي، سروپ بجير، ارجڻ بجير، هڙمت سنگهه ٺڪر ۽ ٻين اپيل ڪئي آهي ته اسان کي هن جديد ٽيڪنالوجي جي دور ۾ پاڻي جهڙي نعمت سان آراستا ڪيو وڃي اسان جي ڳوٺ جي واٽر سپلائي اسڪيم کي جلد مڪمل ڪئي وڃي ته جئين اسان پيئڻ جو مٺو پاڻي آساني سان ملي سگهي.
سامارو:ڪرنٽ لڳڻ سبب آبپاشي عملدار مرڻينگ
بيلدار مصري سميجو کي پاڻي جي ماپ وٺندي مٿان گذرندڙ تارن مان ڪرنٽ لڳو
سامارو(ن پ ا)سامارو ويجھو آبپاشي کاتي جو بيلدار مصري سميجو ڀنڀرا شاخ تي پاڻي جي راڊ ذريعي ماپ وٺي رھيو ھو تھ مٿان گذرندڙ تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب بيھوش ٿي ويو جنھن کي مرڻينگ حالت ۾ تعلقا اسپتال سامارو آندو ويو آھي.
ساماري ۾ گهرو اڻبڻت تان عورت زهريلي دوا پي ڇڏي
سامارو (ن پ ا )ساماري ۾ عورت گھريلو اڻبڻت سبب زھريلي جيت مار دوا پي ڇڏي، اسپتال داخل، ان ڏس ۾ سامارو شھر جي رھواسڻ 35 ورهيه عورت شمع زال مصري کوسو گھريلو اڻبڻت سبب گھر ۾ زھريلي جيت مار دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي،جنهن کي وارث سول اسپتال سامارو کڻائي آيا،جتي ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب عورت جي حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي.
سامارو ٿاڻي تان گم نوجوان جو پتو نه پيو، وارثن جو ڌرڻو
چوري ڪيس ۾ کنڀي گم ڪيل همير دل جو ڪو پتو پئجي نه سگھيو
پوليس بااثرن جي چرچ تي تنگ پئي ڪري، نوجوان کي هٿ سان گم ڪيو ويو آهي: وارث
سامارو (رپورٽر) سامارو لڳ چوري جي ڪيس ۾ گهربل جوابدار کي ٽائون چيئرمين معرفت ٿاڻي تي پيش ڪرڻ بعد گم ٿي ويل نوجوان پورهيت همير دل جو ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آھي جڏھن ته پوليس اڃاتائين نوجوان کي پيش ڪرڻ واري مامري کان لاعملي ڏيکاري رهي آھي، پوليس خلاف ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري مين روڊ تي ڌرڻو ھڻي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪري نوجوان ھمير کي ظاھر ڪرڻ جي گھر ڪئي ڳوٺ رفيق قائمخاني ۾ سندس وارثن ماء ٻڍڙي مٺان . پئ اعثمان دل . ڀاء خسن محمد .الهرکيو . ۽ ٻين ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي چيو ته پوليس بااثرن جي چرچ تي اسان مٿان ڪوڙا ڪيس ڪري رهي آھي تنهن باوجود پوليس وٽ پيش ڪيل نوجوان کي نامعلوم هند منتقل ڪري گم ڪيو آھي هاڻي لاعملي جو ڊرامو ڪيو پيو وڃي پوليس اسان جي هڪ نوجوان کي گم ڪري ٻيهر اسان جي گهرن چڙھائي ڪري وڌيڪ ٻي نوجوان ملوڪ دل کي گرفتار ڪري واڙھي تشدد جو نشانو بڻايو ويو وڃي هنن روئيندي چيو ته اسان سان ظلم ٿي رهيو اسان جي نوجوان کي گم ڪري ڇڏيو جهن جي ڪا به خبر نٿي ڏني وڃي نه ئي ڪنهن ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي وڃي ٿي هنن پوليس جي اعلي اختيارين کان نوجوانن جي بازيابي ڪري انصاف جي گهر ڪئي آھي
ڇور جي ذڪريا ڪالوني جو 15 ڏينهن کان ٽرانسفارمر خراب،رهواسي پريشان
ڇور(ن پ ا) ڇور جي زڪريا ڪالوني جو ٽرانسفارمر 15 ڏينھن کان خراب ڪالوني وارا پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان ٿي ويا،ان ڏس ۾ ڇور جي لڳ ڀڳ 800 گھرن تي مشتمل آبادي رکندڙ زڪريا ڪالوني جو ٽرانسفارمر گذريل پندرھن ڏينھن کان خراب ٺھي نه سگھيو .انھي حوالي سان ڪالوني جي رھواسين علي محمد نھڙي جمال سميجو مگھو ڪولھي لاکو ڀيل ۽ ٻين جو ميڊيا جي نمائندن اڳيان دانھيندي چوڻ ھو ته اسان جي بار بار درخواستون ڏيڻ تي پي ٽي آءِ ايم اين اي لال مالھي اسان جي ڪالوني کي نئون ٽرانسفارمر ڏنو ،جنھن کي واپڊا وارن پنھنجي من ماني ڪندي پنھنجي آفيس ۾ رکي ھن جي جڳهه تي پراڻو ٽرانسفارمر لڳايو جيڪو ھر مھيني سڙي ويندو آھي. اھو پراڻو ٽرانسفارمر گذريل پندرھن ڏينھن کان خراب پيل آھي جنھن ڪري ڪالوني وارا پيئڻ جي پاڻي لاء پريشان آھن.
ڪنري ۾ زائرين جو رڪشا ڪلٽي، هڪ عورت فوت، 4 ڄڻا زخمي
چيل بند کان زيارت ڪري واپس موٽندڙ زائرين جو رڪشو ٽائر نڪري وڃڻ سبب کاھي ۾ ڪريو
زخمين ۾ ٻه ٻار به شامل،کين اسپتال پهچايو ويو،رڪشا ڊرائيور حيدرآباد منتقل
ڪنري(ن پ ا) ڪنري لڳ زيارت تان موٽندڙ زائرين سان روڊ حادثو، رڪشو ڪلٽي ٿيڻ بعد کاھي ۾ ڪري پيو، هڪ عورت فوت ۽ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا،ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب عمرڪوٽ ڪنري روڊ تي زيرو پوائنٽ لڳ ڊڍرو وٽ چيل بند کان زيارت ڪري واپس موٽيندڙ زائرين جو رڪشو ٽائر نڪري وڃڻ سبب کاھي ۾ ڪري پيو، جنھن سبب 50ورهيه عورت دازي زال الھڏنو ڪپري تڏي تي فوت ٿي وئي جڏھن ته ٻه ٻار ڪاشف ڪپري سارا ڪپري، رڪشا ڊرائيور نارائڻ ڪپري ۽ سارا ڪپري زخمي ٿي پيا. جن کي تعلقه اسپتال ڪنري آندو ويو .جتي ڊيوٽي ڊاڪٽر اسپتال مان غائب ھو ۽ پنھنجي ذاتي ڪلينڪ ھلائڻ ۾ مصروف ھو، جڏھن ته وڌيڪ زخمي رڪشا ڊرائيور نارائڻ ڪولھي کي حيدرآباد نيو وڃڻ جو ليٽر ڏنو ويو ۽ ايمبولنس ڊرائيور جي دير سان اچڻ سبب وارثن کي ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پيو ،جنھن کي بعد ۾ تشويشناڪ حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو، سمورا زخمي ۽ فوتي عورت ڪنري لڳ پڌريو فارم جي ڳوٺ زمان ڪپري جا رھواسي ٻڌايا پيا وڃن.
عمرڪوٽ ۾ ڀيل برادري جو کوکرا پار پوليس خلاف مظاهرو، ڌرڻو
پوليس بااثرن جي ونگار وهندي اسان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن: ڳوٺاڻا
ڇور (رپورٽ: جگت ڏان چارڻ) عمرڪوٽ ۾ ڳوٺ سباڻي جي ڀيل برادري پاران ڀيل انٽليڪچوئل فورم سنڌ جي مرڪزي اڳواڻ وڪيل لالا ڀيل، ميرچند سهجاڻي، ڊاڪٽر پارو ڀيل، وڪيل منگهارام ڀيل، ڀومجي ساگر، تيرٿ ڀيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڀيل برادري جي سوين ماڻهن عمرڪوٽ پريس ڪلب اڳيان روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون ۽ ڌرڻو هڻيو ويو مظاهرين جو چوڻ هو ته کوکراپار پوليس وڏيرن جي ڪمداري ڪندي اسان تي چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري 15 مهينا اڳ لڄالٽ جو شڪار ٿيل نصيبان ڀيل جي ڪيس کي دٻائڻ لاءِ پوليس زور ڀري رهي آهي انهن چيو ته پوليس بااثر ونگار بڻيل آهي انهن وڌيڪ دانهيندي چيو ته پوليس چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ماستر ڏانو ڀيل، جگو ڀيل، ارجڻ ڀيل، ڪرشن ڀيل، گهمن ڀيل، ڏيون ڀيل ۽ سينڌل کي گرفتار ڪيو آهي انهي ڪوڙي fir ۽ گرفتاري جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا اسان آءِ جي سنڌ ، چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ کي اپيل ٿا ڪريون ته ايس ايڇ او پوليس اسٽيشن کوکراپار ۽ ماروهر پوليس پڪيٽ جي انچارج نظام سمون کي برطرف ڪري گرفتار ڪيو وڃي.
ڏاھلي ويجھو اسڪول 3 سالن کان بند، رھواسين جو عدالت وڃڻ جو اعلان
ڳوٺ ڪٻڙي جو پرائمري اسڪول بند ھئڻ خلاف ڳوٺاڻن ميڊيا آڏو دانھيو
54 سال پراڻو اسڪول بند ھئڻ ڪرڻ بند ٿي ويو، ٻارڙن جو مستقبل داءَ تي لڳل آھي: ڳوٺاڻا
عمرڪوٽ (ن پ ا) ڏاھلي تعلقي جي ڳوٺ ڪٻڙي جو پرائمري اسڪول بند پيل آھي پر تعليم کاتي جي عملدار اسڪول کولرائڻ لاءِ ڪو بھ قدم نھ کنيو ۽ نھ ئي ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿيڻ جو نوٽيس ورتو ويو. انڪري ڳوٺاڻن مسئلي جي حل لاء قانوني جدوجھد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي. رھواسي حاجي عبدالرئوف راھمون ڇاڇرو پريس ڪلب پهچي ميڊيا کي ٻڌايو ته تاريخي ڳوٺ ڪٻڙي جو 54 سال پراڻو پرائمري اسڪول ٽن سالن کان بند پيل آھي، جنھن سبب سوين شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳل آھي، جڏھن تھ استاد عباس راھمون اسڪول رڪارڊ ۽ جي آر رجسٽر گم ڪري ڇڏيو آھي. ھن چيو تھ تعليم کاتو خاموش بڻيل آھي، ڊائريڪٽر پرائمري اسڪولز ميرپورخاص سان ملاقات ڪري جاچ جو مطالبو ڪنداسين، بھتر موٽ نھ ملي تھ عدالت جو رخ ڪيو ويندو. ڳوٺاڻن تعليم واري وزير، سيڪريٽري تعليم ۽ وس وارن کان نوٽيس وٺي بند پيل اسڪول کولرائڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.
ساماري ۾ عدالتي حڪم تي ڇاپو،باندي ڄاڻايل ٻه عورتون ٻارن سميت بازياب

سامارو( رپورٽر )سامارو عدالتي حڪم تي پوليس جو ڇاپو، مڙسن پاران مائٽن وٽ باندي ڄاڻايل 2 عورتون ٻارن سميت بازياب ،سيشن ڪورٽ عمرڪوٽ جي حڪم تي سامارو پوليس راھو آباد ۾ ڇاپو ھڻي مڙسن پاران مائٽن جي گھرن ۾ قيد ڄاڻايل ٻن عورتن مسمات نوازن زال شوڪت ماڇي ۽ مسمات سليمت زال منظور ۽ سندس ٻن ٻارن 7 ورهين جي ساجان 3 ورهين حنيف ماڇي کي بازياب ڪرايو آھي ،پوليس موجب عورتن جي مڙسن جي عدالت ۾ ڏنل درخواستن تي مليل حڪم موجب عورتن کي ٻارڙن سميت بازياب ڪرايو آھي ،کين سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو جڏھن ته عورتن جو چوڻ آھي اسين مائٽن وٽ خوش آھيون