fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ڪچي پل سميت مختلف ڳوٺن جي بجلي ڪٽيل، احتجاج جو چتاءُ

قبو سعيد خان (ن-پ-ا) ڪچي پل شهر سنڌ بلوچستان جي آخري پٽي تي قائم شهر ڪچي پل پاڪستان پيپلزپارٽي جو ڳهڙ سمجهيو وڃي ٿو هن شهر مان ضلع قمبر شهدادڪوٽ بد قسمتي سان بلدياتي اليڪشن ۾ يوسي ڍوري مان ڪاميابي ماڻيندڙ ضلعي چيئرمين محمد قاسم کوسو جيڪو هن وقت به ضلع قمبرشهدادڪوٽ جي ضلعي چيئرمين جي سيٽ تي مقرر هجڻ باوجود پنهنجي ئي شهر مان چونڊجي ضلعي واريون ذميواريون سنڀالي رهيو آهي پر سائين جن کي شايد پنهنجو ئي شهر ترقياتي ڪمن ۾ نظر نٿو اچي هن شهر سميت ڀرواري ڳوٺن ۾ گذريل 4 مهينن کان وٺي حيسڪو پاران بلاجواز قبووايه ڪچي پل 11 هزاربجلي جي مين لائن قبوسعيدخان باءِ پاس کان سندس مين لائين تارون ڪٽي ڇڏيون جنهن سبب ڪچي پل شهر سميت 200ڳوٺن جي بجلي بند هجڻ سبب رهواسي عزاب واري زندنگي گذارڻ تي مجبور آهن جڏهن ته بجلي تي هلندڙ ڪاروباري مرڪز سان گڏ پورهيت به فاڪاڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن بجلي نه هجڻ سبب ڪاروباري مرڪز بند هجڻ سبب هتان جا رهواسي جنهن ۾ زاهد کوسو سرفراز کوسو، سلطان ۔ شبير کوسو محمد مگسي مگس فياض مختيارعلي کوسو سميت ۽ ٻين پنجنجي اخبار سان دانهن هيندي چيو ته شهر ۾ ٻيا بنيادي ڪم ته پنهنجي جي جاء تي پر شهرين هڪ هفتو اڳ دوڪاندارن کان چندو ڪري بجلي جي عملدارن کي 20000هزار روپيه ڏنوسي ته مين لائين جي تارن کي مرمت ڪري فوري طورتي ڪچي پل شهر جي بند پيل بجلي بحال ڪيووڃي پر واپڊا جي ڪارن رڊن بجلي ته بحال نه ڪيو پرهنن اهو جواز ڃاڻائي هن محل تائين بجلي بند ڪري ڇڏيوته ڪجهه مهينا اڳ ڪچي پل لڳ ڳوٺ گل حسن مگسي مان ٻن نوجوانن کي بجلي جي تارهيٺ هجڻ سبب ڪرنڊ لڳڻ سب نوجوان اصغر چنو موقعي تي فوت ٿي ويو هڪ کي نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو مقتولن جي وارثن بجلي جي عملدارن خلاف ڪچي پل ٿاڻي تي ايس ڊي او لائين مين جي غفلت سبب ڪيس داخل ڪرايو جنهن سبب وارثن جي ڪيس مان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ ڪچي پل شهر سميت 200گهرن جي بجلي سپلاء بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب هن محل تائين شهري توڙي ڀروارا ڳوٺن جي بجلي کان محروم ٿيل آهن ۽ جڏهن ته شهرين چتا۽ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن شهر کي بجلي نه ڏنو ويو ته اسان احتجاجي تحريڪ شروع ڪنداسين.

قبي سعيد خان ڏانهن ويندڙ روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿيو، ڳوٺاڻا پريشان

ستانوي، بگودڙو ميرپور ٻرڙو ۽ ٻين ڳوٺن کي ملائيندڙ روڊ مڪمل نه ٿيو

اسان کي اچڻ وڃڻ ۾ سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئي ٿو: ڳوٺاڻن جون دانهون

ڪڄي پل (ن-پ-ا) قبوسعيدخان ڏانهين ويندڙ مين ستانوي لنڪ روڊ جيڪو گذريل 10 سالن کان وٺى انتظاميه جي نااهلي ۽ ٺيڪيدارن جي ڪرپشن سبب ستانوي ،بگودڙو ميرپور ٻرڙو ۽ ٻين مختلف ڳوٺن کي ملائيندڙ لنڪ روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي جڏهن ته ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي محمدحسن کوسو ، ڪامريڊ محمد عرس مگسي ،عاشق حسين مگسي ، سميت ٻين چيو ته قبوسعيدخان کان نڪرندڙ مين ستانوي لنڪ روڊ جو ڪم گذريل 10 سالن کان وٺي ڪرپٽ ٺيڪيدارن جي نااهلي سبب مڪمل نه ٿي سگهيو روڊ جو مڪمل نه هجڻ سبب اسان کي اچڻ وڃڻ ۾ سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئي ٿو هن مطالبو ڪندي وس وارن کان گهر ڪئي ته ستانوي مين لنڪ روڊ جو ڪم بنادير مڪمل ڪري اسان کي بيچيني مان ڪڍيو وڃي نه ته ٻئي صورت احتجاجي تحريڪ جو آغاز ڪيو ويندو.

سجاول جوڻيجي ويجھو زمين جي مالڪي تان جھيڙو، چار ڄڻا زخمي

سجاول جوڻيجو ( ن پ ا) سجاول جوڻيجو لڳ عرضي ڀٽو ۾ اڍائي جريب زمين جي معاملي تان ڀٽا ڌر جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنھن ۾ سروٽا ۽ لٺيون لڳڻ سبب حاجي مير داد ڀٽو جي ڌر جا ٻه ڄڻا فھد حسين ۽ وسيم ڀٽو زخمي ٿي پيا جڏھن تـ قربان ڀٽو جي ڌر جا شوڪت علي ۽ برڪت ڀٽو زخمي ٿي پيا سجاول جوڻيجو پوليس زخمين کي ليٽر ڏئي اسپتال ڏانھن نيو ويو ھوڏانھن پوليس ٻنھي ڌرين جي چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي.

سيپڪو آفيسرن جي شهدادڪوٽ ۾ کليل ڪچهري،ٻن مهينن اندر لوڊشيڊنگ جي خاتمي جو اعلان

شھدادڪوٽ )رپورٽر )شھدادڪوٽ جي سيپڪو آفيس ۾ ايس اي سيپڪو لاڙڪاڻو،ڊي سي ايم،آر او سيپڪو لاڙڪاڻو جي کليل ڪچھري ۾ شھرين شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا،ان ڏس ۾ ايس اي سيپڪو لاڙڪاڻو محمد خان سوھو،ڊي سي ايم سيپڪو مختيار انصاري،آر او شاھمراد جتوئي شھدادڪوٽ جي سيپڪو آفيس ۾ کلي ڪچھري ڪئي،شھرين واڌو بلن ۽ بجلي جي ھٿراڌو لوڊ شيڊنگ سميت ٻين مسئلن تي شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا،کليل ڪچھري دوران شھرين مير شاھنواز مگسي،حبدار ميرجت، قربان سومرو، ڪرم مگسي،مبين مستوئي سميت ٻين سيپڪو آفيسرن کي شڪايتون ڪندي چيو ته بجلي چوري ۾ لوڪل سيپڪو جا ملازم ملوث آھن رشوت نه ڏيڻ تي بجلي ڪاٽي ٽرانسفارمر لاھڻ سميت بيگناه ڊڊيڪشن بل لڳائي شھرين کان ڳرا بل وصول ڪيا وڃن ٿا جڏھن ته بجلي جي روزانو 12 کان 18 ڪلاڪ ھٿرادو لوڊ شيڊنگ ڪئي وڃي ٿي، ان موقعي تي ايس اي لاڙڪاڻو محمد خان سو ھو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اينٽي ٿيفٽ پروگرام تحت ڊويزن سميت شھدادڪوٽ ۾ بجلي جي چوري ۽ ڪنڊا ڪنيڪشن جي خاتمي ۽ بقاياجات جي وصولي لاءِ مختلف ھنڌن تي کليل ڪچھريون ڪري عوام سان ٿيندڙ زيادتين واڌو بلن جي شڪايتن ٻڌڻ ۽ عوام جي شڪايتون ختم ڪرڻ لاء کلي ڪچھري ڪري رهيا آھيون ايس اي محمد خان سوھو جو چوڻ ھو ته 3 لک کان وڌيڪ آبادي رکندڙ شھر شھدادڪوٽ ۾ 16 ھزار رجسٽرڊ ڪنيڪشن آھن، جنهن مان 6 ھزار پي ڊي ڪنيڪشن ٿيل آھن، سندن جو چوڻ ھو ته پي ڊي ٿيل ڪنيڪشنن ٻيھر کولي ھلايا ويندا ـ نون ڪنيڪشنن لاء شھداڪوٽ ۾ ھڪ ھزار ميٽر ڏنا ويا آھن عوام کي گھرجي ته بجلي چوري واري سوچ کي ختم ڪري نوان ميٽر لڳرائين، ٻن مھينن اندر بجلي جي لوڊ شيڊنگ جو خاتمو آندو ويندو ان ۾ عوام کي ڀرپور سھڪار ڪرڻ گهر جي، بجلي چوري ۾ ملوث واپڊا عملدارن خلاف قانوني ڪاروائي پڻ ڪئي ويندي؛ ان موقعي تي انجنيئر سيپڪو قمبر خليل احمد چانڊيو؛ ايس ڊي او نثاراحمد شيخ؛ ايملائيز يونين اڳواڻ علي محمد جتوئي ۽ ٻيا موجود ھئا

ڳيريلي ۾ ٻارن جي ڳالهه تي وڏا وڙهي پيا،عورت ۽ مرد زخمي

ڳيريلو (ن پا) ڳيريلي ڀرسان ڳوٺ عمر ڀيو ۾ معمولي ڳالهه تان ابڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو لٺين لڳڻ سبب هڪ عورت سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، پيرائتي خبر موجب ڳيريلي ڀرسان ڳوٺ عمر ڀيو ۾ ابڙا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ لٺين ۽ ڪهاڙين لڳڻ ڪري مسمات ڪريمت خاتون ۽ سليم ابڙو سخت زخمي ٿي پيا، ڳيريلو پوليس زخمين کي طبي امداد لاءِ ليٽر ڏيئي تعلقي اسپتال ڏوڪري روانو ڪري فياض محبت مقصود ارشاد ابڙو خلاف اين سي داخل ڪري ورتي آهي.

چنگچي ڊرائيور اسداللھ چانڊيو سخت زخمي.ھڪ ليڊي پوليس اھلڪار بھ معمولي زخمي

نصيرآباد(ن پ ا)باء پاس روڊ تي بدين کان ڳڙھي خدابخش محترمه بينظير ڀٽو جي27 ورسي تي ڊيوٽي لاءِ پوليس اهلڪارن کي کڻي ويندڙ ڪوسٽر ۽ چنگچي ۾ ٽڪر ٿي وئي.ٽڪر جي نتيجي ۾ چنگچي ڊرائيور اسدﷲ چانڊيو سخت زخمي پيو جڏھن تھ بس ۾ سوار ليڊي پوليس اهلڪار فرزانھ سومرومعمولي زخمي ٿي. زخمين کي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو..

ساس نصيرآباد پاران شيخ اياز کي شاعري جي ڀيٽا

نصير آباد (ن پ ا) نصير آباد ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پاران سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز کي ڀيٽا لاءِ سندس هفتي نالو ڪيو ويو آهي، جنهن جي چوٿين ويهڪ نالي واري اديب ننگر چنا جي صدارت هيٺ ٿي. ان موقعي تي مختلف اديبن پاران شيخ اياز جي شاعري تي ڳاله ٻولهه رکي وئي. بشير احمد نوناري ڪاروائي هلائيندي چيو ته سنڌ جي ادب جا سرجڻهار هندستان لڏي سنڌ جي ادب کي ڇورو ڇنو ڪيون پئي ويا، ان وقت شيخ اياز ٻار جي آڱر پڪڙي، پنهنجي دور جي بلندين تائين پڄايو. پروفيسر ستار سومري شيخ اياز جي ڀٽائي کي ڀيٽا تي ڳالهائيندي چيو ته شيخ اياز جا 74، 75 ڪتاب آهن. ڀوئنر ڀري آڪاس، ڪپر ٿو ڪن ڪري، جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي ۽ ٻيا اهڙا کوڙ سارا ڪتاب. انهن ڪتابن جا نالا شيخ اياز ڀٽائي جي شعرن مان کنيا آهن، انهن نالن بابت شيخ اياز چوندو هو ته منهنجي ڪتابن تي آهي نالا ڀٽائي جي شفقت جو هٿ آهن. طارق عزيز تنيو، عبد الواحد آريسر جو حوالو ڏيندي چيو ته ڪجهه ماڻهو ٻئي سياري تان امپورٽ ٿي ايندا آهن، شيخ اياز به انهن منجهان هڪ آهي، شيخ اياز کي ڪنهن استعاري جي ضرورت ناهي ۽ سائين جي ايم سيد پروميٿيئس، يوناني ديوتا آهي ۽ حسام الدين شاه راشدي علم ادب جو ديومالائي ڪردار آهي. سجاد الحق ڪانڌڙي چيو ته شيخ اياز کان پڇيو ويو اوهانجي شاعري جي هيروئن ڪير آهي؟ شيخ اياز چيو ته، ٿري عورت جو عڪس منهنجي تحت الشعور مان نه نڪتو آهي. نجي الله چنا چيو ته شيخ اياز جي شعرن ۾ اها نواڻ ۽ استعارو آهي جيڪو ٻين شاعرن کان نرالو آهي. ننگر چنا صدارتي راءِ ڏيندي چيو ته اياز، اياز، اياز، جنم جنم جي جيت اياز! سندس چوڻ هو ته اياز کي اسين محبت جي ڀيٽا ٿا ڏيون، باقي اياز اسانجي پهچ کان مٿانهون مقام آهي. شيخ اياز جي دور ۾ گهٽ ماڻهو هئا جيڪي تمام گهڻو پڙهندا هئا، جيئن پليجو، شيخ اياز پاڻ، سراج ۽ جويو صاحب. ۽ ان دور جا اعلي ليکڪ کڻجن ته شيخ اياز انهن منجهان هڪ اعلي ليکڪ آهي. هن چيو ته شيخ اياز giants among the poets آهي. وڏن شاعرن جي اها خوبي آهي ته هو لفظن لاءِ لغت جو درجو رکندا آهن، جيئن ملڪن ۾ سڄو رائج ٿيندو آهي، ائين وڏا شاعر لفظن کي رائج ڪندڙ هوندا آهن. ويهڪ ۾ بشير احمد نوناري، هالار، جمن چنجڻي، سعيد احمد، اياز نوناري، ۽ سرواڻ نوناري پڻ شريڪ رهيا.

نصيرآباد ۾ جيالي جو گهرڀاتين سان گڏ پوليس خلاف احتجاج

نصيرآباد (ن پ ا)نصيرآباد ۾ پ پ پ جي پراڻي جيالي علي رڏ پاران گھر ڀاتين سميت نصيرآباد پوليس خلاف احتجاج،پ پ جي جيالي محمد قاسم رڏ،ديدار تنيو،ذليخان خاتون،منورہ خاتون۽ٻين جو نصيرآباد سچل پريس ڪلب آڳيان احتجاج ڪندي چيو ته نصيرآباد ٿاڻي جي اهلڪارن اسان جي نوجوان پورھيت اصغر رڏ کي بي گناھ گرفتار ڪري کيسي مان 11 هزار رپيا ڪڍڻ بعد ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. هنن اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو جي گهر ڪندي چيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

شهدادڪو ٽ ۾ عورتن ۽ ٻارن جو پوليس خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

شھدادڪوٽ (ن پ ا) شھدادڪوٽ ۾ عورتن قرآن پاڪ کڻي معصوم ٻارڙن سميت اي سيڪشن ٿاڻي جي اهلڪارن خلاف ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري پوليس کي پٽون ۽ پاراتا ڏينديون رهيون،ان ڏس ۾ اي سيڪشن ٿاڻي اڳيان سومرا ۽ مگسي برادري جي ماڻھن ۽ عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت قرآن پاڪ کڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو، مظاھرو ڪندڙ عورتن مسمات لعل خاتون مگسي، مسمات افروزخاتون، شاھ گل خاتون ۽ ٻين اُڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندي روئيندي دانھيو آھي ته اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس اسان جي نوجوانن شاھنواز مگسي ۽ اعجاز سومرو کي چوري جي ڪوڙي الزام ۾ گرفتار ڪري کين تشدد جو نشانو بڻايو آھي، جيڪي ھن وقت تائين گم آھن ، ھوڏانھن ايس ايڇ او اختيار شيخ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گذريل رات شھباز کوسي جي گھران 10 لک روپين جي چوري ٿي ھئي، مالڪن جي فرياد تي 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري انھن کان جاچ ڪري رھيا آھيون.

وارهه کان شهيد راڻي جي ورسي لاءِ نڪتل قافلي جي وڳڻ ۾ آجيان

وڳڻ (ن پ ا)واره کان محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي لاءِ نڪتل بپيادل قافلو وڳڻ پھچڻ تي آجيان ڪئي وئي ،واره کان نڪتل پي پي پي يوٿ ونگ جو قافلو پيادل محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي لاء وڳڻ پھچڻ تي وڳڻ جي پي پي پي جي جيالن طرفان شاندار استقبال ڪيو ،وڳڻ ۾ پي پي پي جي جيالن ضمير حسين چانڊيو ،جھانگير بدر عباسي ر،ياض حسين عباسي ۽ ٻين اڳواڻن ڀرپور استقبال ڪيو جتي وڳڻ ٽائون جي چيئرمين خليل احمد خان وڳڻ قافلي تي گلن جي ورکا ڪئي وئي.

وڳڻ: سيپڪو 200 غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا

ٻرڙا ڪالوني، کبڙي مڪان پاڙي ۽ مين چوڪ سميت مختلف علائقن ۾ سيپڪو جو آپريشن

وڳڻ (ن پ ا (سيپڪو ايڪسن جي اڳواڻي ۾ وڳڻ شهر جي مختلف پاڙن ۾ بجلي چوري خلاف آپريشن ڪيو ويو، ٻرڙا ڪالوني، کبڙي مڪان محلا، بس اسٽينڊ روڊ، نصيرآباد ناڪو، وڳڻ مين چونڪ، پوراڻو بس اسٽينڊ سميت ڪيترن ئي پاڙن جا 200 کان وڌيڪ غير قانوني ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا.
سيپڪو ايڪسئن موجب قمبر ضلعي جي سڀني تعلقن ۾ ننڊن وڏن شهرن ۾ بنا بلز جي بجلي استعمال ڪندڙ چورن خلاف اپريشن جاري آهي ۽ بجلي چوري ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.

وارهه ۾ ٻڍڙي ماءُ کي نافرمان پٽ مارڪٽ بعد گهران ڪڍي ڇڏيو

وارھ (ن پ ا) واره جي مٺا ڪالوني واسڻ امڙ کي نافرمان پٽ گهران ڪڍي ڇڏيو ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب واره جي مٺا ڪالوني واسڻ مسمات عالم خاتون لاشاري دانهيو آھي ته سندس پٽ سوجهرو لاشاري غلط صحبت ۾ اچي موالي بڻجي ويو آھي ۽ گهر جي جڳه کپائڻ لاءِ ماڻھو گهر وٺي آيو ته مون گهر کپائڻ کان انڪار ڪندي آيل ماڻھن کي موٽائي ڇڏيو ته مون کي نافرمان پٽ ڌڪ هڻي گهران ڪڍي ڇڏيو آھي متاثر 75 ورهيه پوڙھي عورت چيو ته مذڪوره جڳه منهنجي نالي ٿيل آھ،جنهن جو رڪارڊ پڻ موجود آھي ڪجه بااثر ماڻهون زوري سستي رقم عيوض گهر خريد ڪرڻ چاهين ٿا هن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان انصاف جو مطالبو ڪيو ته سندس نافرمان موالي پٽ سوجهرو لاشاري کي گرفتار ڪري سندن اجهو کپائڻ کان بچايو وڃي.

شهدادڪوٽ ۾ اي پي سي،بدامني خلاف 28 ڊسمبر کان تحريڪ هلائڻ جو اعلان

شھدادڪوٽ (رپورٽر )شھدادڪوٽ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شھري اتحاد جي سڏ تي آل پارٽيز ڪانفرنس ،ڏوھن جي واپسي لاء 3 ڏينھن جو الٽيميٽم، 28 ڊ سمبر کان ڀرپور تحريڪ ھلائڻ جو اعلان، ان ڏس ۾ شھدادڪوٽ ۾ تيزي سان وڌندڙ بدامني خلاف شھري اتحاد جي سڏ تي شھر جي ليبر ھال ۾ آل پارٽيز ڪانفرس ٿي، جنھن ۾ شھر جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي،ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ مير غيبي خان مغيري،سماجي اڳواڻ وھاب پندراڻي،جي يو آء اڳواڻ مولانا محمد جان عابد،شھري اتحاد جي ايڊووڪيٽ عبدالوحيد ڀٽي،ايس يو پي اڳواڻ حمل خشڪ، ايس ٽي پي جي حيات تونيو،پورھيت اڳواڻ ڪامريڊ عرس سيلرو،قومپرست اڳواڻ حبدار ميرجت،پ پ اڳواڻ اڳواڻ اصغر شيخ،ڪائونسلر انيل ڪمار، شھيد ڀٽو جي وزير کوسو، شيعا اڳواڻ سيد اڪبرشاه ۽ ٻين چيو ته شھر ۾ تيزي سان وڌندڙ بدامني جي ذميوار پوليس انتظاميه مٿان آھي،پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي ڏوھ،ڦر،چوريون روز جو معمول بڻجي ويون آھن،ڏوھن ۾ اضافي سبب واپاري غيرمحفوظ بڻيل آھن. ھنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته 3 ڏينھن اندر شھدادڪوٽ ۾ ٿيندڙ ڏوھاري سرگرمين جو نوٽيس وٺي ڪيل ڏوھ واپس ڪرايا وڃن،ٻئي صورت ۾ 28 ڊسمبر کان ڀرپور تحريڪ ھلائي ويندي جيڪا شھر جي امن ڪرائڻ تائين جاري رھندي.

قبو سعيد خان ۾ ٽائون چيئرمين جي مبينا ڪرپشن خلاف بک هڙتال

سياسي سماجي تنظيمن 304هين ڏينهن به احتجاج جاري رکيو، نعريبازي

ٽائون چيئرمين ڪروڙين رپيا ڪرپشن ڪئي پر نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي: اڳواڻ

قبوسعيدخان (رپورٽ اصغرعلي کوسو ) قبو سعيد خان ۾ ٽائون چيئرمين جي مبينا ڪرپشن خلاف سياسي سماجي تنظيمن 304 هين ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري رکي. پي ٽي آءِ جي صدرالدين بروهي، ڪامريڊ عيسيٰ مگسي، نوجوان چانڊيو اتحاد جي ساگر چانڊيو، پ پ ش ڀ جي نواز علي ۽ ف ليگ جي احمد علي مگسي، جانب علي کوسو ۽ ٻين بک هڙتال دوران ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مظاهرين دانهيو ته ٽائون چيئرمين غلام اصغر مگسي وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي آهي، پر ڪير جاچ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هنن چيو ته هو 304 ڏينهن کان بک هڙتال تي ويٺل آهن، پر ٽائون چيئرمين جي ڪرپشن جو ڪنهن نوٽيس به ناهي ورتو، جيڪو ظلم آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ٽائون چيئرمين خلاف ڪارروائي ڪري شهر ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن.

سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻڏل، قمبر ۾ استاد اسڪول بند ڪري سياسي ورڪ هلائڻ ۾ رڌل

قمبر ۾ استاد صبح سوير ٻارڙن کي پڙهائڻ بدران اسڪولن کي تالا لڳائي ورڪ تي نڪري وڃن ٿا

اڪثر اسڪول اڳ ئي بند آهن، رهيل ڪسر استاد پوري ڪري رهيا آهن، نوٽيس وٺي ٻارڙن جو مستقبل بچايو وڃي: سڄاڻ ڌريون

قمبر (رپورٽ: فهيم جاگيراڻي) ڪنهن به معاشري کي سنوارڻ يا تباهه ڪرڻ جو دارومدار استادن تي هوندو آهي پر جڏهن اهي استاد ئي پنهنجو ذميواريون ڇڏي رڳو سياست ۾ رڌل هجن ته يقينن تعليم جو ٻيڙو ٻڏي ويندو آهي، سنڌ، جِتي حڪومتي ناقص پاليسين ۽ روين سبب اڳ ئي تعليمي نظام اونداهه ۾ ٻڏل آهي، اُتي رهيل ڪسر وري استاد پوري ڪرڻ ۾ رڌل آهن.سنڌ جي ٻين شهرن کي ڇڏي رڳو قمبر جي ڳالهه ڪجي ته اُتي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اسڪول فعال آهن، پر پ ٽ الف جي اليڪشن مهم ۾ رڌل استادن وٽ شاگردن کي پڙهائڻ جيترو وقت ناهي.پ ٽ الف جون چونڊ سرگرميون چوٽ چڙهيل هئڻ سبب استاد صبح جو ٻارڙن کي پڙهائڻ بدران اسڪولن کي تالا هڻي ورڪ تي نڪري وڃن ٿا، جنهن سبب ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي. سڄاڻ ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته استاد ڀلي تنظيمون جوڙي اليڪشن وڙهن پر کين ٻارن کي پڙهائڻ جو به پابند بڻايو وڃي.