ٺاور شاهه (رپورٽ: بشارت سومرو) ساهتي پرڳڻي جي تاريخي شهر ۽ نامياري راڳي ۽ شاعر ماسٽر چندر جي جنم ڀومي ٺاروشاهه جي تاريخي ريلوي اسٽيشن تي قبضا ٿي ويا آهن. پهريان ريلوي جي ڪواٽرن تي قبضا ڪيا ويا ۽ هاڻي ريلوي جي بچيل پلاٽن تي قبضا خورن ديرا ڄمائي پڪيون اڏاوتون جوڙي ڇڏيون آهن جڏهن ته ريلوي جي سرڪاري پلاٽ جيڪو راندين لاءِ ڇڏيو ويو هيو ان کي به نه بخشيو ويو اتي به بااثر قبضا مافيا هوٽلون ۽ مال جا واڙا قائم ڪري جنڪشن جي سونهن اجاڙي ڇڏي آهي قبضا مافيا جي سرگرمين سبب هريپور جي علائقي ۾ جهيڙا روز جو معمول بڻيل آهن، جڏهن ته ريلوي اسٽيشن جي مالڪي نه ٿيڻ ۽ ريلوي انتظاميا جي بي ڌياني سبب ريل جون قيمتي پٽڙيون ڪيترن ئي ميلن تائين چوري ٿي ويون آهن. سياسي سماجي اڳواڻن رضا محمد بهڻ، علي شير ڪيريو، ظفر چارڻ، مشتاق عباسي، ذاڪر عباسي، نصير ابڙو۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ساهتي پرڳڻي جي خوبصورت تاريخي شهر کي قبضا خور مافيائن بدصورت بڻائي ڇڏيو آهي خاص ڪري اسان جي تاريخي جنڪشن اسٽيشن کي جنهن جي سرڪاري پلاٽن توڙي سرڪاري ڪوارٽرن کي ريلوي پڊعيدن ۽ محرابپور جي عملدارن جي ملي ڀگت ڪري قبضا خورن کان ڳري رشوت ۽ ماهوار منٿلي عيوض قبضا مافيا سرڪاري پلاٽ ۽ سرڪاري ڪوارٽرن کي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو آهي سرڪاري پلاٽن تي ڏينهن ڏٺي جو قبضا ڪري اتي پڪا گهر ۽ هوٽلون قائم ڪيون ويون آهن جڏهن ته راندين لاءِ ڇڏيل گرائونڊ ۾ مال جا واڙا ۽ مانڊڙيون رکي ريلوي اسٽيشن جي سونهن هٿ وٺي اجاڙي وئي آهي هنن چيو ته نه ڃاڻ اسان ڪيترائي دفعا احتجاج بک هڙتالون ڪرڻ سان گڏ لکت ۾ ريلوي انتظاميه ۽ پوليس کي شڪايتون ڪيون آهن پر ڪنهن به لڳاپيل انتظاميا بااثر قبضا خورن خلاف نالي ماتر شوڪاز نوٽيس ڪڍي خاموش تماشائي بڻيل آهي، جنڪشن اسٽيشن جيڪا انگريزن جي دور ۾ هلندي هئي، جنهن ۾ انڊيا کان ٺاروشاھ ڄائي نامياري راڳي ماسٽر چندر سن 1955ع سيپٽمبر ۾ سفر ڪري ٺاروشاھ پهتو هو، ٺاروشاھ ريلوي جي سرڪاري ڪاغذن ۾ هن سيڪشن جو آغاز آگسٽ 1929ع ٻڌايو ويو آهي. جيڪو 1991ع جي جولاءِ مهيني ۾ پڄاڻي تي پهتو. انگريز سرڪار طرفان علائقي جي عوام جي سهولت لاءِ ٺهرايل هي ٽريڪ محرابپور کان پڊعيدن 70 ڪلوميٽر، اهڙي ريت پڊعيدن کان ٽنڊوآدم 176 ڪلوميٽرن تي وڇايل هو. انهي جي وچ ۾ 26 ريلوي اسٽيشنون 5 جنڪشن، ٽنڊوآدم، سڪرنڊ، پڊعيدن، ٺاروشاهه ۽ محرابپور هيون. جيڪي 1991ع ۾ سرڪار جي هڪ ئي ڌڪ سان ختم ٿي ويون. انهن جنڪشنن ۾ 3 ٽنڊوآدم، پڊعيدن ۽ محرابپور ته پنهنجي مين لائين تي هجڻ جي ڪري زندهه رهيون. باقي رهيل 2 ختم ٿي ويون، جنهن ۾ ٺاروشاهه به شامل آهي.
تاريخي ٺاروشاھ ريلوي اسٽيشن تي قبضا، ڪوارٽرن بعد گرائونڊ تي والار، پٽڙيون چوري ٿي ويون
ريلوي جي بچيل پلاٽن تي قبضا خورن ديرا ڄمائي پڪيون اڏاوتون جوڙي ڇڏيون
مافيا جي سرگرمين سبب هريپور ۾ جهيڙا روز جو معمول بڻيل، لکين رپين جو لوهه ۽ اثاثا غائب
پ پ سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي، نوشهرو فيروز ۾ پي ٽي آءِ جو ڪنوينشن
نوشهروفيروز (ن پ ا) نوشهرو فيروز ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو ورڪرز ڪنوينشن ٿي گذريو، جنهن ۾ اڳواڻ ۽ ڪارڪن شريڪ ٿيا. ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڊويزنل جنرل سيڪريٽري مشتاق جوڻيجو، امان قاضي، اياز سولنگي، عامر بروهي، عبدالله عباسي ۽ ٻين چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. هنن پ پ قيادت تي تنقيد ڪندي چيو ته آصف زرداري سنڌ جي بجيت ترقياتي ڪمن تي خرچ ڪرڻ بدران مني لانڊرنگ ذريعي پرڏيهه اماڻي ڇڏي آهي.
سامارو ڀرسان رڪشا ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا زخمي
سامارو (ن پ ا) سامارو ويجهو رڪشا ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿيڻ جَي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پٿورو روڊ تي رڪشا ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ ڪشور ڪمار، پرديپ ميگهواڙ ۽ پرشوتم ميگهواڙ زخمي ٿي پيا. مقامي ماڻهن زخمين کي سول اسپتال آندو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي.
پ پ سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي: پي ٽي آءِ نوشهرو فيروز
نوشهروفيروز (رپورٽر)نوشهرو فيروز ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو ورڪرز ڪنوينشن ٿي گذريو، جنهن ۾ اڳواڻ ۽ ڪارڪن شريڪ ٿيا. ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڊويزنل جنرل سيڪريٽري مشتاق جوڻيجو، امان قاضي، اياز سولنگي، عامر بروهي، عبدالله عباسي ۽ ٻين چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. هنن پ پ قيادت تي تنقيد ڪندي چيو ته آصف زرداري سنڌ جي بجيت ترقياتي ڪمن تي خرچ ڪرڻ بدران مني لانڊرنگ ذريعي پرڏيهه اماڻي ڇڏي آهي.
ٽنڊو باگو ۾ ٻيڙي ورڪرز يونين جو نائب صدر رزاق ڀان سائي وگهي فوت
ٽنڊوباگو(ن پ ا) ٽنڊوباگو ۾ ٻيڙي ورڪرز يونين جو نائب صدر 50 سالن جو عبدالرزاق ڀان سائي وگهي فوت ٿي ويو. فوتي جي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. هوڏانهن ٻيڙيون تيار ڪندڙ ڪاريگرن “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو ته ڪيترائي ڪاريگر ٽي بي، ڪاري ڪامڻ ۽ ٻين مرضن ۾ وٺجي ويا آهن، پر صحت کاتي ڪي به اُپاءُ ناهن ورتا.
ميان صاحب جي پ پ پ ورڪرس ۾ ڪي بھ اختلاف ناهن: يوسي چيئرمين
ميان صاحب(ن پ ا) يونين ڪائونسل ميان صاحب جي يوسي چيئرمين حاجي اياز راڄپوت روزاني“پنھنجي اخبار” سان ڳالھائيندي چيو آھي تھ پيپلزپارٽي يوسي ميان صاحب جي ورڪرس ۾ ڪنھن بھ قسم جا اختلاف نھ آھن. مخالف اجايو واويلا ڪري ڪوڙيون خبرون ھلائي رھيا آھن. ھن چيو تھ اسان کي پيپلزپارٽي جي ضلعي صدر ميرعابد خان ڀيو ۽ پ پ پ اڳواڻ ايم پي اي امتياز احمد شيخ جي قيادت تي مڪمل اعتماد آھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ ميرعابد ڀيو ۽ امتياز شيخ ٻئي ڄڻا ڳڙھي خدابخش وڃڻ مھل ھڪڙي گاڏي ۾ سوار ھئا ۽ ٻنھي جا قافلا محترما جي ورسي ۾ شرڪت لاء گڏ نڪتا ھئا..
باھوکوسا ۾ ڪارنھن جو جرڳو، الزام ھيٺ آيل نوجوان تي 5 لک چٽي،زندگي ڀر ڳوٺ نيڪالي
ٺل)رپورٽ: ميرڀٽي)باھو کوسا ۾ ڪارنھن الزام ھيٺ آيل نوجوان تي پنج لک چٽي وجھي کيس ھميشھ لاءِ ڳوٺ نيڪالي ڏني وئي ان ڏس ۾ باهو کوسو ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالله بنگلاڻي ۾ بنگلاڻي ۽ مرهيٽا برادري ۾ ھلندڙ ڪارو ڪاري تڪرار جو جرڳو بنگلاڻي برادري جي چيف مقدم جهانگير خان بنگلاڻي جي سر پينچ هيٺ ٿيو، ملهار خان بنگلاڻي ۽ سردار مرهيٽو جون ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ سردار خان مرهيٽو مٿان ڪارنهن جو الزام ثابت ٿيڻ بعد مٿس پنج لک چٽي وڌي وئي،جنهن هڪ لک موقعي تي ادا ويا ،جهولي جهلڻ تي ويھ ھزار معاف ڪيا ويا باقي رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪندو، نوجوان کي ھميشھ لاءِ ڳوٺ نيڪالي ڏني وئي، فيصلو قبول ڪرڻ بعد ڌرين کي ڀاڪر پارايا ويا، مرهٽا برادري موجب ڏيتي ليتي جي تڪرار کي ڪارنهن جو رنگ ڏنو ويو هو.
خانواھڻ: شھرين پاران جوا ۽ منشيات جا اڏا پوليس سرپرستي ۾ ھلڻ جو الزام
خانواھڻ(ن پ ا)پوليس غير قانوني ڌنڌن کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي جوا ۽ منشيات جي واھپي جي کلي ڇوٽ ڏيئي ڇڏي آھي، جنھن سبب خانواھڻ جي سمورن شھري توڙي ٻھراڙي وارن علائقن خانواھڻ، تنيا، بقا شاهه ۽ٻين ننڍن توڙي وڏن ڳوٺن ۽ شهر جي مين چوڪن ۽ پاڙن ۾ جوا جا اڏا ۽ڪچي شراب جون بٺيون پوليس جي سرپرستي ۾ هلي رهيون آهن جتان اسڪولي شاگردبه ڪچو شراب خريدڪري واپرائين ٿاجنهن سبب شاگردن جي تعليم تباھ ٿي رهي آهي. ان کان علاوه گٽڪو، مين پڙي، زيڊ 21، سفينا، رجني جهڙين زهريلين شين جووڪروعام ٿي ويوآهي ۽ جوا جا اڏا پڻ شھر جي مختلف علائقن ۾ سرعام بنان ڪنھن ڊپ ڊاءُ جي ھلي رھيا آھن، جنھن سبب خانواھڻ ۽ ان جي آسپاس ھڪ طرف ڏوھاري سرگرمين ڪر کنيو آھي تھ ٻئي طرف نوجوان نسل پڻ تباھ ٿي رھيو آھي. ذريعن موجب منشيات ۽ جوا جي اڏن تان پوليس ھر مھيني لکين روپين جون منٿليون وصول ڪري رھي آھي، پوليس انتظاميا جي ناقص ڪاڪردگي سبب عوام ۾ عدم تحفظ جي لھر پئدا ٿي ويئي آھي، خانواھڻ جي ينگ ايڪشن ڪميٽي، شھري اتحاد، واپاري ايسوسيئيشن ملاح ويلفيئر جماعت اھلسنت غوثيا انجمن جي اڳواڻن غلام نبي سولنگي، سيد زاڪر علي شاهه، ڪامريڊ غلام رسول جلباڻي ۽ ٻين سياسي، سماجي ڌرين پوليس انتظاميا جي ان ڪڌي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چتاء ڏنو آھي تھ پوليس انتظاميا پنھنجو قبلو درست ڪري خانواھڻ مان سماجي براين جو خاتمو نھ آندو تھ احتجاج جو ھر رستو اختيار ڪيو ويندو.
نوشھروفيروز: ڪورٽ جوابدار کي با عزت بري ڪري ڇڏيو
وچ شھر ۾ پسٽل جا بٽ ھڻڻ جو ڏوھ ثابت نھ ٿيڻ تي محمد عرس دونگھھ بري.
نوشھروفيروز جي سول فيملي جج غلام محمد ميتلو جي عدالت ملزم محمد عرس دونگھه کي باعزت بري ڪري ڇڏيو. مٺياڻي ٿاڻي تي 2018 ۾ فريادي گلزار احمد دونگھه ڪيس داخل ڪرائيندي ايف آء آر ۾ موقف اختيار ڪيو ھو ته جوابدار محمد عرس دونگھه مونکي سري عام شھر ۾ پسٽل جا بٽ ھڻي زخمي ڪيو آھي. اھڙو ڏوھه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت ملزم محمد عرس کي 37، 3 اي ون جي ڪيس مان باعزت بري ڪري ڇڏيو.
مورو جون ماسترياڻيون مثال، احمدآباد گرلس اسڪول هلائڻ لاءِ کيسي مان خرچ ڪن ٿيون
150 نياڻين جي اسڪول لاءِ سرڪاري عمارت نه ملي، ماسترياڻين عمارت ڀاڙي تي ورتي
پکا به پاڻ لڳرائي ڇڏيا، تعليم کاتي جي عملدارن جي سهولتون نه هجڻ جي تصديق، فراهمي لاءِ بهانا
نوشهروفيروز( رپورٽ:زاهد راڄپر)مورو ۾ گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول احمد آباد کي پنهنجي مدد تحت پاڻ اسڪول جون ماسترياڻيون هلائي رهيون آهن جڏهن ته اسڪول ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب شاگردياڻين ۽ ماسترياڻين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ساڳئي ئي نالي تي قائم بوائز اسڪول کي عمارت به آهي پر چونڊيل نمائندن ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن جي عدم دلچسپيءَ سبب گرلس اسڪول عمارت سميت سمورين بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي. اسڪول کي هلائڻ لاءِ اسڪول ۾ مقرر 8 ماسترياڻين پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڙي ۾ 6 هزار روپيا مسواڙ تي عمارت ورتي آهي پر ان ۾ سهولتن جي کوٽ آهي. اسڪول ۾ علائقي جون 150 نياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن. پر انهن کي ويهڻ لاءِ فرنيچر نه آهي. جڏهن ته اسڪول ۾ واش روم به نه آهي. ماسترياڻين پنهنجي خرچ سان بليڪ بورڊ ۽ پکا هڻايا آهن ۽ باقي سامان به پنهنجي مدد پاڻ تحت خريد ڪري اسڪول ۾ نياڻين کي تعليم جهڙي زيور سان نوازينديون رهن ٿيون. علائقي واسي سڪندر جروار ٻڌايو ته علائقي وارن چونڊيل نمائندن ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن کي اسڪول بابت لکت ۾ درخواستون ڏنيون آهن پر ڪير به نياڻين جي اسڪول ڏانهن توجهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي ايس نسيم ميمڻ ٻڌايو ته اسڪول جي عمارت لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ورتيون آهن پر ڪٿان به ڪا موٽ نه ٿي ملي. هن چيو ته بنا فرنيچر ۽ سهولتن جي اسڪول هلائڻ ڏکيو ڪم آهي پر نياڻين جي تعليم متاثر ٿيڻ نه ڏني آهي. تعلقه ايجوڪيشن آفيسر گرلس مورو عبيد عباسي ٻڌايو ته واقعي گرلس اسڪول احمد آباد ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي. ذاتي ڪوششون وٺي نياڻين جي ويهڻ لاءِ مان بئنچون هٿ ڪري ڏيندس جڏهن ته اسڪول کي بوائز اسڪول جي عمارت ۾ شام واري شفٽ ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ پڻ ڪوششون وٺندس ڇاڪاڻ ته ٻئي اسڪول ۾ منتقل ڪرڻ منهنجي اختيار ۾ ناهي. ان ڪري درخواست ڊي او ڏانهن موڪلبي جيڪو اسڪول جي منتقلي جي اجازت ڏئي سگهي ٿو.
ٺڪراٺو جي مختلف واهن ۾ 20 ڏينهن کان پاڻي نه پهتو، هزارين ايڪڙ فصل تباهه
ٺڪراٺو (رپورٽ: ممتازعلي مهر) ٺڪراٺو ۽ ڀرپاسي مختلف واهن ۾ 20 ڏينهن کان پاڻي نه پهتو آهي، جنهن سبب هزارين ايڪڙ فصل تباهه ٿي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ بمبلي مائينر، لٺ مائينر ۽ مبارڪپور مائينر ۾ ويهن ڏينهن کان پاڻي بند هجڻ سبب آبادگار پريشان آهن. انهن جو هزارين ايڪڙن تي پوکيل ڪڻڪ جو فصل اڃ تي بيٺل آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي هنڌن تي ڪڻڪ ۽ ڄانڀي جو فصل پوکجي نه سگهيو آهي، هيٺانهن علائقن ۾ رات ڏينهن بيڪا مشين زريعي آبادگار فصل ڀرائڻ ۾ مصروف آهن، جنهن تي هزارين روپيا ڊيزل خرچ ڪري چڪا آهن. ورياسي علائقن ۾ جرجوپاڻي کارو هجڻ ڪري آبادگار فصل پوکي نه سگهيا آهن. پهرئين پاڻي تي ڪاهيل فصل به سڪڻ لڳا آهن. آبادگارن فقير گهنور مڱريو اعجازمهر ۽ ٻين جو چوڻ ھو ت ڪڻڪ جي سيزن ۾ پاڻي صرف هڪ هفتو آيو هو جنهن تي فصل پوکيو سين ۽ پاڻي جي آسري تي هزارين روپين جاڊيزل ساڙي ڪڻڪ جوفصل پوکيو سين پر هاڻي پوکيل فصل لاء پاڻي ناهين هنن چيو بمبلي مائينر لٺ مائينر ۽ مبارڪپور مائينر جو ڪو ڌڻي سائين ناهي تنهن ڪري جڏھن مرضي پوين ٿي بندڪري ٿاڇڏين باقي پني عاقل جي سمورن واهن ۾ پاڻي هلي پيو هنن چيو هيٺانهي وارن علائقن ۾ ته ماڻھون ٽوٽاٽڪر بيڪامشين ذريعي ڀرائين پر مٿانهين ورياسي ٿر جي علائقن ۾ چوپائي مال پيارڻ لاء پاڻي ناهي هن موسم جوٺڪراٺي جي مٿاهن ورياسن علائقن ۾ سوين ايڪڙن تي طور ڄانڀي جوفصل پوکيو ويندو آھي جيڪو اڃا پوکجي ناهي سگهيو ۽ مال جي چاري لا گاه ناهن پوکجي سگهيا آبادگارن آبپاشي جي اعلاعملدارن کان مطالبوڪيو ته بمبلي مائينر لٺ مائينر ۽ مبارڪپور مائينر جي آبادگارن کي پاڻي ڏئي سندن فاقاڪشي کان بچايو وڃي.
مورو جون ماسترياڻيون مثال، احمدآباد گرلس اسڪول هلائڻ لاءِ کيسي مان خرچ
نوشهروفيروز: مورو ۾ گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول احمد آباد کي پنهنجي مدد تحت پاڻ اسڪول جون ماسترياڻيون هلائي رهيون آهن جڏهن ته اسڪول ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب شاگردياڻين ۽ ماسترياڻين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ساڳئي ئي نالي تي قائم بوائز اسڪول کي عمارت به آهي پر چونڊيل نمائندن ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن جي عدم دلچسپيءَ سبب گرلس اسڪول عمارت سميت سمورين بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي. اسڪول کي هلائڻ لاءِ اسڪول ۾ مقرر 8 ماسترياڻين پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڙي ۾ 6 هزار روپيا مسواڙ تي عمارت ورتي آهي پر ان ۾ سهولتن جي کوٽ آهي. اسڪول ۾ علائقي جون 150 نياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن. پر انهن کي ويهڻ لاءِ فرنيچر نه آهي. جڏهن ته اسڪول ۾ واش روم به نه آهي. ماسترياڻين پنهنجي خرچ سان بليڪ بورڊ ۽ پکا هڻايا آهن ۽ باقي سامان به پنهنجي مدد پاڻ تحت خريد ڪري اسڪول ۾ نياڻين کي تعليم جهڙي زيور سان نوازينديون رهن ٿيون. علائقي واسي سڪندر جروار ٻڌايو ته علائقي وارن چونڊيل نمائندن ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن کي اسڪول بابت لکت ۾ درخواستون ڏنيون آهن پر ڪير به نياڻين جي اسڪول ڏانهن توجهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي ايس نسيم ميمڻ ٻڌايو ته اسڪول جي عمارت لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ورتيون آهن پر ڪٿان به ڪا موٽ نه ٿي ملي. هن چيو ته بنا فرنيچر ۽ سهولتن جي اسڪول هلائڻ ڏکيو ڪم آهي پر نياڻين جي تعليم متاثر ٿيڻ نه ڏني آهي. تعلقه ايجوڪيشن آفيسر گرلس مورو عبيد عباسي ٻڌايو ته واقعي گرلس اسڪول احمد آباد ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي. ذاتي ڪوششون وٺي نياڻين جي ويهڻ لاءِ مان بئنچون هٿ ڪري ڏيندس جڏهن ته اسڪول کي بوائز اسڪول جي عمارت ۾ شام واري شفٽ ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ پڻ ڪوششون وٺندس ڇاڪاڻ ته ٻئي اسڪول ۾ منتقل ڪرڻ منهنجي اختيار ۾ ناهي. ان ڪري درخواست ڊي او ڏانهن موڪلبي جيڪو اسڪول جي منتقلي جي اجازت ڏئي سگهي ٿو.
ڍوري ناري ويجهو مرگهي جو دورو پوڻ سبب نوجوان پاڻي جي واهه ۾ ڪري فوت
ڍورونارو)ن پ ا)ڍورونارو ويجھو مولابخش موڙ لڳ غلام شبير راجڙ جي زرعي زمين ۾ ھلندڙ پاڻي واري واٽر ۾ 26 ورھين جو نوجوان حافظ محمد ياسين ولد قائم راڄڙ ويٺل ڳوٺ غلام محمد راجڙ جو لاش مليو آھي.مائٽن جو چوڻ آھي ته فوتي کي مرگھي جي بيماري ھئي، مرگھي جو دورو اچڻ جي ڪري واٽر ۾ ڪري فوت ٿيو آھي.
وارهه ۾ زمين تي قبضي خلاف ڳوٺاڻي جو احتجاج
وارهه (ن پ ا) وارهه ۾ زمين تي قبضي خلاف ڳوٺاڻي احتجاج ڪيو. ڳوٺ کورو بروهي واسي محمد قاسم بروهي دانهيو ته ديهه مڱڻيجا ۾ بااثر چار ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون پيون وڃن. هن مطالبو ڪيو ته زمين تان قبضو ختم ڪري بااثر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
خانواهڻ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، عهديدار به چونڊيا ويا
خانواهڻ (ن پ ا) خانواهڻ ۾ ڄام محبت علي سهتو جي صدارت هيٺ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ شاعر شاد جلباڻي ۽ نوشھرو فيروز جو رابطا سيڪريٽري مختيار علي شاھ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. گڏجاڻي دوران عهديدار جي چونڊ به ڪرائي وئي، جنهن ۾ پروفيسر ذوالفقار علي جلباڻي کي سيڪريٽري، عاجز امتياز نوح پوٽو ڪاؤنسلر، مظھر علي ڪلهوڙو جوائنٽ سيڪريٽري، نديم انڙ آڊيٽر، عزيز ڀنڊ خزانچي طور چونڊيا ويا.