fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

شاهپور جهانيان ۾ ڪرڪيٽ مئچ: علي بابا ٽيم المهراڻ کي هارائي ڇڏيو

علي بابا اليون پهرين بئٽنگ ڪندي المهراڻ کي 183 رنس جو ٽارگيٽ ڏنو

المهراڻ ٽيم جا سمورا رانديگر 167 رنس تي ڍير، ڪپتان به ٽيم کي نه کٽرائي سگهيو
المھراڻ ۽ علي بابا ٽيم جا رانديگر

شاهپور جهانيان (ن پ ا) شاهپورجهانيان ۾ علي بابا اليون ڪرڪيٽ ٽيم المهراڻ اليون کي شڪست ڏئي “شھيد صدام حسين ڏاهري ميموريل ڪرڪيٽ ڪپ ٽورنامينٽ ” جو فائنل کٽي ورتو. شاهپورجهانيان جي النور ڪرڪيٽ گرائونڊ تي شھيد صدام حسين ڏاهري جي ياد ۾ ڪرايل ڪرڪيٽ ڪپ ٽورنامينٽ جي فائنل مئچ علي بابا اليون ۽ المهراڻ اليون وچ ۾ ٿي. علي بابا ٽيم ٽاس کٽڻ بعد پهرين بئٽنگ ڪئي ۽ مقرر 10 اوورز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي المهراڻ ٽيم کي 183 رنس جو ٽارگيٽ ڏنو. مليل ٽارگيٽ پورو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ المهراڻ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ربنواز گُل مسلسل 3 چوڪا هڻي هيٽرڪ ڪئي پر مجموعي طور تي ٽيم ڪو ٻوٽو نه ٻاري سگهي. اهڙي ريت المهراڻ ڪرڪيٽ ٽيم جا سمورا رانديگر 167 رنسن تي پويلين ڀيڙا ٿي ويا. ٽورنامينٽ ڪميٽي طرفان ڪامياب ٽيم جي ڪپتان فداحسين ڏاهري ۽ رنر ٽيم جي ڪپتان ربنواز گل ڏاهري کي انعامن سان نوازيو، اهڙي ريت ٻين رانديگرن کي به بهترين راند کيڏڻ تي انعام ڏنا ويا.

ٽنڊي محمد خان جا اڪثر اسڪول اوطاقن ۽ ديرن ۾ تبديل، زبون حال ۽ گهوسٽ اسڪول به موجود

ضلعي جي ٽن تعلقن ۾ ڪيترن ئي اسڪولن اندر ٻارڙا بنيادي سهولتن کان محروم

مختلف علائقن ۾ اسڪول بااثر ماڻهن جي اوطاقن ۽ فصلن جي اپت رکڻ لاءِ ڀانڊن ۾ تبديل

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: امتياز مڱريو) ٽنڊو محمد خان ضلعي هيل تائين سرڪار طرفان 840 اسڪول قائم ڪيا ويا آهن، جن مان 208 اسڪول رڳو اِن ڪري بند آهن جو اُتي استادن سوڌو ٻيو عملو مقرر نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته 142 اسڪول اهڙا آهن، جتي عمارت جي اڏاوت مڪلم ناهي ٿي ۽ ٻارڙا شيلٽر ليس اسڪول ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. اُن کانسواءِ ضلعي ۾ 197 اسڪول زبون حالي جو شڪار آهن. ضلعي جي سمورن تعلقن مان رڳو ٽنڊو محمد خان شهر ۾ هڪ بوائز ۽ هڪ گرلز اسڪول قائم ڪيل آهي، جتي بيچلر ۽ ماسٽرز جي ڊگري جا به ڪلاس ورتا وڃن ٿا. ضلعي ۾ 2 نينشل ووڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ قائم ٿيل آهن، جتي بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام تحت مستحق ٻارن کي هُنري سِکيا ڏني ويندي آهي. شهر جي گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول ۾ اٽڪل 800 شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪن ٿييون، پر ڊگهي عرصي کان اسڪول جي عمارت زبون حالي جو شڪار هجڻ باوجود عملي سوڌو شاگردن ۾ هر وقت خوف پکڙيل هوندو آهي. هن اسڪول ۾ شفٽن جي حساب سان شاگردن کي تعليم ڏني وڃي ٿي. سموري ضلعي ۾ رڳو 2 هاير سيڪنڊري اسڪول ۽ 40 سيڪنڊري اسڪول قائم ڪيل آهن، پر ڳوٺ ڪوڙو خان لاشاري ۾ اهڙي جاءِ تي گرلز اسڪول قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڀرپاسي ۾ آبادي ناهي ۽ اُن ڪري ئي اسڪول ۾ ڪابه تعليم نٿي ڏني وڃي، اهڙي ريت يوسف خان چانگ جي گورنمينٽ گرلس ايليمينٽري اسڪول کي پڻ آبادي نه هئڻ سبب تالو لڳل آهي. آبادي کان پري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ قائم ڪيل اسڪولن کي بااثر وڏيرن پنهنجي اوطاق بڻائي ڇڏيو آهي. اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته ضلعي ۾ اهڙا به اسڪول آهن، جتي بااثر وڏيرن جي زمينون آباد ٿيڻ بعد ڪڻڪ توڙي سارين جا ديرا قائم ڪيا ويندا آهن. ضلعي جي هيڊڪوارٽر ٽنڊي محمد خان شهر ۾ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ پرائمري اسڪول قائم نه ٿيل آهي ۽ نه ئي چونڊيل نمائندن توڙي سنڌ سرڪار هن انتهائي اهم پاسي تي هيل تائين ڌيان ڏنو آهي. نتيجي ۾ بوائز پرائمري اسڪولن ۾ ڇوڪرين کي شفٽن جي حساب سان تعليم ڏني ويندي آهي.، گذريل 13 سالن جي عرصي ۾ ضلعي جي 300 کان وڌيڪ اسڪولن لاءِ سرپ سرپ 1، سرپ 2 ۽ سرپ 3 جي نالي تي هر اسڪول جي چوديواري، باٿ روم، پانيءَ جي ٽينڪس ۽ ٻين سهولتن لاءِ 2 ارب رُپيا جاري ٿي چڪا آهن، پر حقيقت ۾ انهن اسڪولن ۾ اهڙي قسم جون شاگردن لاءِ ڪي به سهولتون نظر نه اچي رهيون آهن. ان حوالي سان ملندڙ ڄاڻ موجب ٽنڊو محمد خان، بلڙي شاھ ڪريم ۽ ٽنڊو غلام حيدر تعلقن جي مختلف ڳوٺن علي محمد مير بحر ، گاماڻي خاصخيلي ، لاکاٽ ، ملاڪاتيار ، علي محمد اعواڻ ، شيخ ڀرڪيو، گهرام وساڻ ۽ ستر موري سوڌو مختلف علائقن جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون اڻلڀ آهن. جڏهن ته ٽنڊو محمد خان جي يونين ڪائونسل ٽنڊو سائينداد جي ڳوٺ علي محمد اعواڻ ۾ تعليم جي حوالي سان ايمرجنسي لاڳو ٿيل آهي، پر اڃا تائين هن اسڪول ۾ مستقبل جا معمار فرنيچر کانسواءِ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته اسڪول ۾ پڙهائي حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙ شاگردن لاءِ رڳو هڪ استاد مقرر ٿيل آهي. جيڪو پنهنجي وِت ۽ وس آهر شاگردن کي سمورا نصاب مضمون پڙهائڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو، ضلعي جو ايجوڪيشن ورڪس کاتو گذريل 10 سالن دوران 6 سو ڪروڙ روپيا خرچ ڪرڻ باوجود تدريسي عمارتون مڪمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعي جو ميگا پروجيڪٽ پبلڪ اسڪول 13 سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهيو، جنهن تي هن وقت تائين 50 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم خرچ ٿي چڪي آهي پر لاڳاپيل اختيارين جي مجرماڻي سستي ۽ لاپرواهين جي ڪري تعليم جي حوالي سان انتهائي غيرمعمولي منصوبو رولڙي جو شڪار آهي، جڏهن ته ڀٽ ڌڻي جي تڙ ڏاڏي حضرت شاھ عبدالڪريم بلڙي واري جي شهر ۾ بوائز ڪاليج جو ڪم به 13 سالن گذرڻ باوجود پورو ناهي ٿي سگهيو. ساڳي ريت ٽنڊو غلام حيدر تعلقي ۾ ايجوڪيشن ورڪس کاتي پاران تعمير ڪرايل گورنمينٽ بوائز ڪاليج جي بلڊنگ وارو ڪم تعليم کاتي جي بي ڌياني ۽ ڪرپشن سبب هيل تائين شروع ٿي نه سگهيو آهي، سنڌ جي تعليم کاتي سان لاڳاپيل ايجوڪيشن ورڪس کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ميان تسنيم آرائين جنهن تي عمرڪوٽ ضلعي جي ڪنري مرچ منڊي جي تعمير ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن کانپوءِ نيب ڪورٽ مان ضمانت تي هئڻ باوجود ٽنڊو محمد خان ۾ ڪيترن سالن کان سياسي پشت پناهي سبب مقرر ٿيل آهي، جنهن پنهنجي مخصوص ٺيڪيدار راشد انٽرپرائيز جي نالي تي مختلف اسڪولن جا ٺيڪا کڻي ڪروڙين روپين جي مبينا طور ڪرپشن ڪئي آهي. جڏهن ته ايگزيڪيوٽو انجنيئر سنڌ سنواريو پروگرام تحت آيل 35 لک روپيه پنهنجي ٺيڪيدار کي گورنمينٽ پرائمري اسڪول نبي بخش پتافي جي تعمير لاءِ جاري ڪيا، جيڪو ڳوٺ زاهد پتافي جي نالي سان ماتلي باءِ پاس تي موجود آهي جو هڪ روپئي جو به ڪم نه ڪرايو آهي. 35 لک اسڪول جي تعمير لاءِ جاري ٿيڻ باوجود اسڪول جو بنياد به نه کنيو ويو آهي، ساڳي پروگرام تحت لائق نظاماڻي ۽ سيدپور جا اسڪول مڪمل ڪرايا ويا آهن، سنڌ سرڪار 2018 ۾ سي ايم اسڪيم تحت ضلعي ٽنڊو محمد خان جي 82 اسڪولن کي ماڊل اسڪول بنائڻ لاءِ ڪروڙين روپيه جاري ڪيا، جنهن تحت هر اسڪول تي 1 کان 15 لک رُپين تائين خرچ ڪرڻا هئا، پر لاڳاپيل اختيارين عام ماڻهن کي فائدو نه ڏنو ۽ نتيجي ۾ پئسا خرچ نٿ ٿيڻ سبب 2018 ۾ رکيل فنڊز جون رقمون ليپس ٿي ويون. هن اسڪيم تحت 68 پرائمري اسڪول ۽ 14 سيڪنڊري اسڪول ماڊل اسڪول طور تيار ڪيا ويندا، جن ۾ 6 اهم نقطا شامل ڪيا ويا آهن، جن ۾ هر ماڊل اسڪول ۾ 6 ڪمرا، هر ڪلاس الڳ ، هر ڪلاس ۾ الڳ استاد هئڻ لازمي آهن. جڏهن ته ماڊل اسڪول جي بنيادي سهولت ۾ صاف پاڻي ، واش روم ، بائونڊري وال ۽ بجلي جون سهولتون موجود هونديون ، جڏهن ته ميڊيم وائيز هر ٻار کي سرڪاري ڪتاب مهيا ڪيا ويندا ۽ هر ماڊل اسڪول ۾ 17 گريڊ جو هڪ هيڊماسٽر مقرر ڪيو ويندو، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري آپا رشيده سومرو چيو آهي ته تعليم کاتي ۾ بائيوميٽرڪ سسٽم اچڻ کانپوءِ استادن جي حاضري وڌي آهي، منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته مختلف اسڪولن جو پاڻ دورو ڪري سندن مشڪلاتون معلوم ڪريان ۽ ان جي حل لاءِ ڪوششون وٺان، هن چيو ته سنڌ حڪومت جي سي ايم اسڪيم تحت 2018 ۾ ماڊل اسڪول بنائڻ وارو سيڪنڊري جي ڊي او جو ڪم آهي جنهن جي مون کي ڪا به ڄاڻ ناهي. تعليم کاتي ٽنڊو محمد خان جي بائيوميٽرڪ سسٽم جي چيف مانيٽرنگ آفيسر عبدالحليم لغاري ٻڌايو ته بائيوميٽرڪ سسٽم اچڻ کانپوءِ اسڪولن ۾ حاضري 100 سيڪڙو آهي، سڄي ضلعي اندر بائيوميٽرڪ ڪندڙ مانيٽرز جو انگ 9 آهي، جيڪي روزاني بنياد تي اسڪولن جو سرپرائيزڊ وزٽ ڪندا آهن، ضلعي ۾ مقرر ڪيل بائيوميٽرڪ مانيٽرز کي سنڌ سيڪريٽريٽ هيڊآفيس مان سڌي ريت ميسيج اچڻ ۽ ڊائريڪشن ملڻ کانپوءِ مقامي سطح تي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته ان کان پهرين ضلعي سطح تي مانيٽرن کي اسڪول وزٽ ڪرڻ جو شيڊول ڏنو ويندو هو جيڪو هيڊآفيس جي مداخلت سبب ان ۾ دشواري پيش اچي رهي آهي.

ضلعي ۾ 82 ماڊل اسڪول ٺاهڻ لاءِ آيل فنڊ ليپس ٿي ويا

ٽنڊومحمدخان: سنڌ سرڪار 2018 ۾ سي ايم اسڪيم تحت ضلعي ٽنڊو محمد خان جي 82 اسڪولن کي ماڊل اسڪول بنائڻ لاءِ ڪروڙين روپيه جاري ڪيا، جنهن تحت هر اسڪول تي 1 کان 15 لک رُپين تائين خرچ ڪرڻا هئا، پر لاڳاپيل اختيارين عام ماڻهن کي فائدو نه ڏنو ۽ نتيجي ۾ پئسا خرچ نٿ ٿيڻ سبب 2018 ۾ رکيل فنڊز جون رقمون ليپس ٿي ويون. هن اسڪيم تحت 68 پرائمري اسڪول ۽ 14 سيڪنڊري اسڪول ماڊل اسڪول طور تيار ڪيا ويندا، جن ۾ 6 اهم نقطا شامل ڪيا ويا آهن، جن ۾ هر ماڊل اسڪول ۾ 6 ڪمرا، هر ڪلاس الڳ ، هر ڪلاس ۾ الڳ استاد هئڻ لازمي آهن. جڏهن ته ماڊل اسڪول جي بنيادي سهولت ۾ صاف پاڻي ، واش روم ، بائونڊري وال ۽ بجلي جون سهولتون موجود هونديون ، جڏهن ته ميڊيم وائيز هر ٻار کي سرڪاري ڪتاب مهيا ڪيا ويندا ۽ هر ماڊل اسڪول ۾ 17 گريڊ جو هڪ هيڊماسٽر مقرر ڪيو ويندو .

اسڪولن ۾ فرنيچر ۽ ٻيون سهولتون اڻلڀ

ٽنڊو محمد خان: گذريل 13 سالن جي عرصي ۾ ضلعي جي 300 کان وڌيڪ اسڪولن لاءِ سرپ سرپ 1، سرپ 2 ۽ سرپ 3 جي نالي تي هر اسڪول جي چوديواري، باٿ روم، پانيءَ جي ٽينڪس ۽ ٻين سهولتن لاءِ 2 ارب رُپيا جاري ٿي چڪا آهن، پر حقيقت ۾ انهن اسڪولن ۾ اهڙي قسم جون شاگردن لاءِ ڪي به سهولتون نظر نه اچي رهيون آهن. ان حوالي سان ملندڙ ڄاڻ موجب ٽنڊو محمد خان، بلڙي شاھ ڪريم ۽ ٽنڊو غلام حيدر تعلقن جي مختلف ڳوٺن علي محمد مير بحر ، گاماڻي خاصخيلي ، لاکاٽ ، ملاڪاتيار ، علي محمد اعواڻ ، شيخ ڀرڪيو، گهرام وساڻ ۽ ستر موري سوڌو مختلف علائقن جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون اڻلڀ آهن. جڏهن ته ٽنڊو محمد خان جي يونين ڪائونسل ٽنڊو سائينداد جي ڳوٺ علي محمد اعواڻ ۾ تعليم جي حوالي سان ايمرجنسي لاڳو ٿيل آهي، پر اڃا تائين هن اسڪول ۾ مستقبل جا معمار فرنيچر کانسواءِ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته اسڪول ۾ پڙهائي حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙ شاگردن لاءِ رڳو هڪ استاد مقرر ٿيل آهي. جيڪو پنهنجي وِت ۽ وس آهر شاگردن کي سمورا نصاب مضمون پڙهائڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو.

بائيو ميٽرڪ مانيٽرنگ ۾ مداخلت جو انڪشاف، سيڪريٽريٽ مان فون

ٽنڊومحمدخان: ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري آپا رشيده سومرو چيو آهي ته تعليم کاتي ۾ بائيوميٽرڪ سسٽم اچڻ کانپوءِ استادن جي حاضري وڌي آهي، منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته مختلف اسڪولن جو پاڻ دورو ڪري سندن مشڪلاتون معلوم ڪريان ۽ ان جي حل لاءِ ڪوششون وٺان، هن چيو ته سنڌ حڪومت جي سي ايم اسڪيم تحت 2018 ۾ ماڊل اسڪول بنائڻ وارو سيڪنڊري جي ڊي او جو ڪم آهي جنهن جي مون کي ڪا به ڄاڻ ناهي. تعليم کاتي ٽنڊو محمد خان جي بائيوميٽرڪ سسٽم جي چيف مانيٽرنگ آفيسر عبدالحليم لغاري ٻڌايو ته بائيوميٽرڪ سسٽم اچڻ کانپوءِ اسڪولن ۾ حاضري 100 سيڪڙو آهي، سڄي ضلعي اندر بائيوميٽرڪ ڪندڙ مانيٽرز جو انگ 9 آهي، جيڪي روزاني بنياد تي اسڪولن جو سرپرائيزڊ وزٽ ڪندا آهن، ضلعي ۾ مقرر ڪيل بائيوميٽرڪ مانيٽرز کي سنڌ سيڪريٽريٽ هيڊآفيس مان سڌي ريت ميسيج اچڻ ۽ ڊائريڪشن ملڻ کانپوءِ مقامي سطح تي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته ان کان پهرين ضلعي سطح تي مانيٽرن کي اسڪول وزٽ ڪرڻ جو شيڊول ڏنو ويندو هو جيڪو هيڊآفيس جي مداخلت سبب ان ۾ دشواري پيش اچي رهي آهي.

ايجوڪيشن ورڪس جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر خلاف نيب ۾ جاچ هلندڙ

ٽنڊو محمد خان: سنڌ جي تعليم کاتي سان لاڳاپيل ايجوڪيشن ورڪس کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ميان تسنيم آرائين جنهن تي عمرڪوٽ ضلعي جي ڪنري مرچ منڊي جي تعمير ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن کانپوءِ نيب ڪورٽ مان ضمانت تي هئڻ باوجود ٽنڊو محمد خان ۾ ڪيترن سالن کان سياسي پشت پناهي سبب مقرر ٿيل آهي، جنهن پنهنجي مخصوص ٺيڪيدار راشد انٽرپرائيز جي نالي تي مختلف اسڪولن جا ٺيڪا کڻي ڪروڙين روپين جي مبينا طور ڪرپشن ڪئي آهي. جڏهن ته ايگزيڪيوٽو انجنيئر سنڌ سنواريو پروگرام تحت آيل 35 لک روپيه پنهنجي ٺيڪيدار کي گورنمينٽ پرائمري اسڪول نبي بخش پتافي جي تعمير لاءِ جاري ڪيا، جيڪو ڳوٺ زاهد پتافي جي نالي سان ماتلي باءِ پاس تي موجود آهي جو هڪ روپئي جو به ڪم نه ڪرايو آهي. 35 لک اسڪول جي تعمير لاءِ جاري ٿيڻ باوجود اسڪول جو بنياد به نه کنيو ويو آهي، ساڳي پروگرام تحت لائق نظاماڻي ۽ سيدپور جا اسڪول مڪمل ڪرايا ويا آهن

پبلڪ اسڪول ۽ بوائز ڪاليج 13 سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿيا

ٽنڊو محمد خان: ضلعي جو ايجوڪيشن ورڪس کاتو گذريل 10 سالن دوران 6 سو ڪروڙ روپيا خرچ ڪرڻ باوجود تدريسي عمارتون مڪمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعي جو ميگا پروجيڪٽ پبلڪ اسڪول 13 سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهيو، جنهن تي هن وقت تائين 50 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم خرچ ٿي چڪي آهي پر لاڳاپيل اختيارين جي مجرماڻي سستي ۽ لاپرواهين جي ڪري تعليم جي حوالي سان انتهائي غيرمعمولي منصوبو رولڙي جو شڪار آهي، جڏهن ته ڀٽ ڌڻي جي تڙ ڏاڏي حضرت شاھ عبدالڪريم بلڙي واري جي شهر ۾ بوائز ڪاليج جو ڪم به 13 سالن گذرڻ باوجود پورو ناهي ٿي سگهيو. ساڳي ريت ٽنڊو غلام حيدر تعلقي ۾ ايجوڪيشن ورڪس کاتي پاران تعمير ڪرايل گورنمينٽ بوائز ڪاليج جي بلڊنگ وارو ڪم تعليم کاتي جي بي ڌياني ۽ ڪرپشن سبب هيل تائين شروع ٿي نه سگهيو آهي.

ٽنڊي محمد خان جا اڪثر اسڪول اوطاقن ۽ ديرن ۾ تبديل، زبون حال ۽ گهوسٽ اسڪول به موجود

ٽنڊو محمد خان : ٽنڊو محمد خان ضلعي هيل تائين سرڪار طرفان 840 اسڪول قائم ڪيا ويا آهن، جن مان 208 اسڪول رڳو اِن ڪري بند آهن جو اُتي استادن سوڌو ٻيو عملو مقرر نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته 142 اسڪول اهڙا آهن، جتي عمارت جي اڏاوت مڪلم ناهي ٿي ۽ ٻارڙا شيلٽر ليس اسڪول ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. اُن کانسواءِ ضلعي ۾ 197 اسڪول زبون حالي جو شڪار آهن. ضلعي جي سمورن تعلقن مان رڳو ٽنڊو محمد خان شهر ۾ هڪ بوائز ۽ هڪ گرلز اسڪول قائم ڪيل آهي، جتي بيچلر ۽ ماسٽرز جي ڊگري جا به ڪلاس ورتا وڃن ٿا. ضلعي ۾ 2 نينشل ووڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ قائم ٿيل آهن، جتي بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام تحت مستحق ٻارن کي هُنري سِکيا ڏني ويندي آهي. شهر جي گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول ۾ اٽڪل 800 شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪن ٿييون، پر ڊگهي عرصي کان اسڪول جي عمارت زبون حالي جو شڪار هجڻ باوجود عملي سوڌو شاگردن ۾ هر وقت خوف پکڙيل هوندو آهي. هن اسڪول ۾ شفٽن جي حساب سان شاگردن کي تعليم ڏني وڃي ٿي. سموري ضلعي ۾ رڳو 2 هاير سيڪنڊري اسڪول ۽ 40 سيڪنڊري اسڪول قائم ڪيل آهن، پر ڳوٺ ڪوڙو خان لاشاري ۾ اهڙي جاءِ تي گرلز اسڪول قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڀرپاسي ۾ آبادي ناهي ۽ اُن ڪري ئي اسڪول ۾ ڪابه تعليم نٿي ڏني وڃي، اهڙي ريت يوسف خان چانگ جي گورنمينٽ گرلس ايليمينٽري اسڪول کي پڻ آبادي نه هئڻ سبب تالو لڳل آهي. آبادي کان پري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ قائم ڪيل اسڪولن کي بااثر وڏيرن پنهنجي اوطاق بڻائي ڇڏيو آهي. اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته ضلعي ۾ اهڙا به اسڪول آهن، جتي بااثر وڏيرن جي زمينون آباد ٿيڻ بعد ڪڻڪ توڙي سارين جا ديرا قائم ڪيا ويندا آهن. ضلعي جي هيڊڪوارٽر ٽنڊي محمد خان شهر ۾ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ پرائمري اسڪول قائم نه ٿيل آهي ۽ نه ئي چونڊيل نمائندن توڙي سنڌ سرڪار هن انتهائي اهم پاسي تي هيل تائين ڌيان ڏنو آهي. نتيجي ۾ بوائز پرائمري اسڪولن ۾ ڇوڪرين کي شفٽن جي حساب سان تعليم ڏني ويندي آهي.

ٽنڊومحمدخان:معذورن جو 50ھين ڏينھن بھ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

ٽنڊومحمد خان(ن پ ا)ٽنڊو محمد خان جا معذور مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب آڏو سراپا احتجاج بڻيل. معذورن پاران سرڪاري ادارن ۾ ڪوٽا تحت نوڪريون نه ملڻ خلاف اڄ 50 هين ڏينهن به پريس ڪلب ٻاهران علامتي بک هڙتال جاري رکي. صحافين سان ڳالهائيندي معذور اتحاد جي اڳواڻن مير محمد خاصخيلي، ستار سانڌ، منور مڱڻهار ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت بجيٽ ۾ معذورن لاءِ 2 سيڪڙو سرڪاري ادارن ۾ نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي پر حڪومت اڃان تائين ڪا به ان ۾ اڳڀرائي نه ڏيکاري آهي، هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معذورن کي سرڪاري ادارن ۾ فوري طور نوڪريون ڏنيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو..

ٽنڊو محمد خان پوليس پاران چرس سميت ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

بلڙي شاھ ڪريم (رپورٽ: محمد ظھير) ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان ذوالفقار علي ٽالپر جي حڪم تي منشيات خلاف ڪاروايون جاري بلڙي شاھ ڪريم پوليس جي ايس ايڇ او شوڪت مڱريو ھڪ خفيا اطلاع تي ڪاروائي ڪندي بشير احمد گھٽڪو کي 1050 گرام چرس سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي جڏھن ته ٻي پاسي شيخ ڀرڪيو پوليس ڪاروائي دوران علي محمد خشڪ ۽ عبدالجبار ملاح کي گرفتار ڪري وٽان مين پڙيون گٽڪا ۽ ڪچو شراب برآمد ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي ھوڏانھن ڏندو ٿاڻي جي پوليس به منشيات خلاف ڪاروائي ڪندي گل محمد دل کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 450 مين پڙيون ھٿ ڪري ورتيون آهن جڏھن ته پوليس جون منشيات خلاف ڪاروائي کان پوء منشيات فروشن ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو آهي جڏھن ته منشيات سميت گرفتار منشيات فروشن خلاف منشيات ايڪٽ تحت الڳ الڳ ڪيس داخل ڪري جيل موڪليو ويو آهي . هوڏانهن ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان ذولفقار علي ٽالپر پاران ضلعي ٽنڊي محمد خان جي سمورن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي سٺي ڪارگردگي ڏيکارڻ تي انعام جو اعلان ڪيو ويو هي.

اسڪولن ۾ حاضري وڌي آهي، پاڻ دوران ڪنديس: ڊي اِي او رشيده سومرو

ٽنڊو محمد خان: ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري آپا رشيده سومرو چيو آهي ته تعليم کاتي ۾ بائيوميٽرڪ سسٽم اچڻ کانپوءِ استادن جي حاضري وڌي آهي، منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته مختلف اسڪولن جو پاڻ دورو ڪري سندن مشڪلاتون معلوم ڪريان ۽ ان جي حل لاءِ ڪوششون وٺان، هن چيو ته سنڌ حڪومت جي سي ايم اسڪيم تحت 2018 ۾ ماڊل اسڪول بنائڻ وارو سيڪنڊري جي ڊي او جو ڪم آهي جنهن جي مون کي ڪا به ڄاڻ ناهي. تعليم کاتي ٽنڊو محمد خان جي بائيوميٽرڪ سسٽم جي چيف مانيٽرنگ آفيسر عبدالحليم لغاري ٻڌايو ته بائيوميٽرڪ سسٽم اچڻ کانپوءِ اسڪولن ۾ حاضري 100 سيڪڙو آهي، سڄي ضلعي اندر بائيوميٽرڪ ڪندڙ مانيٽرز جو انگ 9 آهي، جيڪي روزاني بنياد تي اسڪولن جو سرپرائيزڊ وزٽ ڪندا آهن، ضلعي ۾ مقرر ڪيل بائيوميٽرڪ مانيٽرز کي سنڌ سيڪريٽريٽ هيڊآفيس مان سڌي ريت ميسيج اچڻ ۽ ڊائريڪشن ملڻ کانپوءِ مقامي سطح تي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن،

ايجوڪيشن ورڪس جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر خلاف نيب ۾ جاچ هلندڙ

ٽنڊو محمد خان: سنڌ جي تعليم کاتي سان لاڳاپيل ايجوڪيشن ورڪس کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ميان تسنيم آرائين جنهن تي عمرڪوٽ ضلعي جي ڪنري مرچ منڊي جي تعمير ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن کانپوءِ نيب ڪورٽ مان ضمانت تي هئڻ باوجود ٽنڊو محمد خان ۾ ڪيترن سالن کان سياسي پشت پناهي سبب مقرر ٿيل آهي، جنهن پنهنجي مخصوص ٺيڪيدار راشد انٽرپرائيز جي نالي تي مختلف اسڪولن جا ٺيڪا کڻي ڪروڙين روپين جي مبينا طور ڪرپشن ڪئي آهي.

پبلڪ اسڪول ۽ بوائز ڪاليج 13 سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿيا

ٽنڊو محمد خان: ٽنڊو محمد خان ضلعي جو ايجوڪيشن ورڪس کاتو گذريل 10 سالن دوران 6 سو ڪروڙ روپيا خرچ ڪرڻ باوجود تدريسي عمارتون مڪمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعي جو ميگا پروجيڪٽ پبلڪ اسڪول 13 سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهيو، جنهن تي هن وقت تائين 50 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم خرچ ٿي چڪي آهي پر لاڳاپيل اختيارين جي مجرماڻي سستي ۽ لاپرواهين جي ڪري تعليم جي حوالي سان انتهائي غيرمعمولي منصوبو رولڙي جو شڪار آهي،

2 ارب رپيا به ترقي ڏياري نه سگھيا، ڪيترائي فنڊز ليپس ٿي ويا

اسڪولن ۾ فرنيچر، واش روم، بائونڊري وال ۽ ٻيون سهولتون اڻلڀ

ڳوٺ علي محمد مير بحر، گاماڻي خاصخيلي، لاکاٽ ۽ ڀرپاسي تعليم متاثر

ٽنڊو محمد خان: ٽنڊو محمد خان ۾ گذريل 13 سالن جي عرصي ۾ ضلعي جي 300 کان وڌيڪ اسڪولن لاءِ سرپ سرپ 1، سرپ 2 ۽ سرپ 3 جي نالي تي هر اسڪول جي چوديواري، باٿ روم، پانيءَ جي ٽينڪس ۽ ٻين سهولتن لاءِ 2 ارب رُپيا جاري ٿي چڪا آهن، پر حقيقت ۾ انهن اسڪولن ۾ اهڙي قسم جون شاگردن لاءِ ڪي به سهولتون نظر نه اچي رهيون آهن. ان حوالي سان ملندڙ ڄاڻ موجب ٽنڊو محمد خان، بلڙي شاھ ڪريم ۽ ٽنڊو غلام حيدر تعلقن جي مختلف ڳوٺن علي محمد مير بحر ، گاماڻي خاصخيلي ، لاکاٽ ، ملاڪاتيار ، علي محمد اعواڻ ، شيخ ڀرڪيو، گهرام وساڻ ۽ ستر موري سوڌو مختلف علائقن جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون اڻلڀ آهن. جڏهن ته ٽنڊو محمد خان جي يونين ڪائونسل ٽنڊو سائينداد جي ڳوٺ علي محمد اعواڻ ۾ تعليم جي حوالي سان ايمرجنسي لاڳو ٿيل آهي، پر اڃا تائين هن اسڪول ۾ مستقبل جا معمار فرنيچر کانسواءِ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. هوڏانهن سنڌ سرڪار 2018 ۾ سي ايم اسڪيم تحت ضلعي ٽنڊو محمد خان جي 82 اسڪولن کي ماڊل اسڪول بنائڻ لاءِ ڪروڙين روپيه جاري ڪيا، جنهن تحت هر اسڪول تي 1 کان 15 لک رُپين تائين خرچ ڪرڻا هئا، پر لاڳاپيل اختيارين عام ماڻهن کي فائدو نه ڏنو ۽ نتيجي ۾ پئسا خرچ نه ٿيڻ سبب 2018 ۾ رکيل فنڊز جون رقمون ليپس ٿي ويون.

ٽنڊي محمد خان ۾ علم جي لاٽ اجھاميل، ڪيترن ئي اسڪولن کي تالا، اڪثر اوطاقن ۾ تبديل

ضلعي جي ٽن تعلقن ۾ 840 کان وڌيڪ اسڪولن ۾ ٻارڙا بنيادي سهولتن کان محروم، بنا ڇت جي کليل آسمان هيٺ پڙهائي

208 اسڪول رڳو استادن ۽ ٻيو عملو مقرر نه ٿيڻ سبب بند پيل، 142 اسڪولن جي عمارتن جو اڏاوتي ڪم مڪمل نه ٿي سگھيو

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: امتياز مڱريو) ٽنڊو محمد خان ضلعي هيل تائين سرڪار طرفان 840 اسڪول قائم ڪيا ويا آهن، جن مان 208 اسڪول رڳو اِن ڪري بند آهن جو اُتي استادن سوڌو ٻيو عملو مقرر نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته 142 اسڪول اهڙا آهن، جتي عمارت جي اڏاوت مڪمل ناهي ٿي ۽ ٻارڙا شيلٽر ليس اسڪول ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. اُن کانسواءِ ضلعي ۾ 197 اسڪول زبون حالي جو شڪار آهن. ضلعي جي سمورن تعلقن مان رڳو ٽنڊو محمد خان شهر ۾ هڪ بوائز ۽ هڪ گرلز اسڪول قائم ڪيل آهي، جتي بيچلر ۽ ماسٽرز جي ڊگري جا به ڪلاس ورتا وڃن ٿا. ضلعي ۾ 2 نينشل ووڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ قائم ٿيل آهن، جتي بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام تحت مستحق ٻارن کي هُنري سِکيا ڏني ويندي آهي. شهر جي گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول ۾ اٽڪل 800 شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪن ٿييون، پر ڊگهي عرصي کان اسڪول جي عمارت زبون حالي جو شڪار هجڻ باوجود عملي سوڌو شاگردن ۾ هر وقت خوف پکڙيل هوندو آهي. هن اسڪول ۾ شفٽن جي حساب سان شاگردن کي تعليم ڏني وڃي ٿي. سموري ضلعي ۾ رڳو 2 هاير سيڪنڊري اسڪول ۽ 40 سيڪنڊري اسڪول قائم ڪيل آهن، پر ڳوٺ ڪوڙو خان لاشاري ۾ اهڙي جاءِ تي گرلز اسڪول قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڀرپاسي ۾ آبادي ناهي ۽ اُن ڪري ئي اسڪول ۾ ڪابه تعليم نٿي ڏني وڃي، اهڙي ريت يوسف خان چانگ جي گورنمينٽ گرلس ايليمينٽري اسڪول کي پڻ آبادي نه هئڻ سبب تالو لڳل آهي. آبادي کان پري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ قائم ڪيل اسڪولن کي بااثر وڏيرن پنهنجي اوطاق بڻائي ڇڏيو آهي. اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته ضلعي ۾ اهڙا به اسڪول آهن، جتي بااثر وڏيرن جي زمينون آباد ٿيڻ بعد ڪڻڪ توڙي سارين جا ديرا قائم ڪيا ويندا آهن. ضلعي جي هيڊڪوارٽر ٽنڊي محمد خان شهر ۾ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ پرائمري اسڪول نه آهي ۽ نه ئي چونڊيل نمائندن توڙي سنڌ سرڪار هن انتهائي اهم پاسي تي هيل تائين ڌيان ڏنو آهي.