دادو(ن پ ا) ميهڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان 5 ڏينهن اڳ پوليس اهلڪارن هٿان مبينا کنڀي گم ڪيل واپاري جو معاملو ڳجهارت بڻيل آهي، جڏهن ته مل ملڪ روشن شيخ ميهڙ جي اي سيشڪن ۽ حيدرآباد جي ڀٽائي ننگر ٿاڻي تي 50 لک رپين جي فراڊ جا ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيا آهن. مل مالڪ روشن شيخ ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته ضمير ڏيرو 50 لک رپين جو ڀاڻ ورتو، پر سندس چيڪ پاس ناهن ٿيا. هوڏانهن واپاري جي ڀاءُ مولابخش “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو ته پوليس اسان مٿان ئي ڀاءُ کي گم ڪرڻ جو الزام لڳائي معاملو لئه مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪو ظلم آهي. ٻئي پاسي پوليس ٻڌايو ته مامرو ڏيتي ليتي جو لڳي رهيو آهي، واپاري اغوا ٿيو آهي يا کيس ڪنهن کنڀيو آهي، ان حوالي سان گهڻ رخي جاچ ڪئي پئي وڃي.
”ذهني دٻاءُ“ دادو ۾ نڪاح دوران گهوٽ بيهوش ٿي ويو، ڪنوار ۽ مائٽ پريشان
ڳوٺ ڪالو خان لُنڊ ۾ گھوٽ جو اسپتال مان علاج ڪرائڻ بعد ٻيھر نڪاح ڪرايو ويو

دادو( ن پ ا ) دادو ويجهو شادي جي رات گهوٽ ذهني دٻاءُ سبب بيهوش ٿي ويو، کيس اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو.
ڳوٺ ڪالو خان لنڊ ۾ پنهنجي شادي ڪاڄ ۾ رات گهوٽ توڪ علي لنڊ هلندڙ نڪاح دوران نيم بيهوش ٿي ويو، کيس فوري طور تي سول اسپتال آندو ويو، گهوٽ جي بيهوش ٿي وڃڻ سبب ڪاڄ ۾ موجود سمورا ماڻهو پريشان ٿي ويا.
گهوٽ کي طبي امداد بعد واپس ڳوٺ آڻي سندن نڪاح پڙهايو ويو، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ذهني دٻاءُ سبب گهوٽ بيهوش ٿي ويو، ساڻس ڪو وڏو مسئلو نه آهي.
ميهڙ ۾ 5 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل واپاري جي معاملي ڊرامائي رُخ اختيار ڪري ورتو
اغوا ٿيل واپاري پاڻمرادو ميهڙ ٿاڻي تي پهچي ويو، پوليس سندس بازيابي يا گرفتاري ظاهر نه ڪئي: ذريعا
معاملو ڌُرين ۾ تڪرار جو نتيجو لڳي ٿو (ايس ايس پي دادو)پوليس آگاهه نه ڪيو آهي: واپاري جا وارث
ميهڙ( ن پ ا) 5 ڏينهن کان اغوا ڄاڻايل واپاري ضمير ڏيرو کي ميهڙ پوليس حوالي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پر پوليس اڃا به سندس گرفتاري ظاهر نه ڪئي.
پوليس جي ذريعن موجب واپاري کي کنڀي گم ڪندڙ وارثن جي احتجاج سبب کيس ميهڙ جي اي سيڪشن ٿاڻي تي ڇڏي ويا، پر پوليس اڃا تائين سندس گرفتاري ظاهر نه ڪئي.
رابطو ڪرڻ تي ميهڙ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس معاملي تي ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن کان واپاري ضمير ڏيرو جاوارث سراپا احتجاج هئا.
ساڳي ٿاڻي تي واپاري ضمير ڏيرو خلاف هڪ ٻئي واپاري روشن شيخ فراڊ جو ڪيس داخل ڪرايو هو.
ميھڙ: اليڪشن ڪميشن پاران ڊيوٽي عملي کي ڏنل تربيت جي معاوضي مان رشوت طور ڪٽوتي
ميھڙ(ن پ ا)اليڪشن ڪميشن پاران اليڪشن 2018ع ۾ ڊيوٽي ڪندڙ عملي کي 6مهينا اڳ ڪرايل تربيت جو معاوضو ڏيڻ وارو عمل به رشوت جي ور چڙهي ويو اليڪشن ڪميشن دادو پاران اليڪشن ۾ ڊيوٽي ڪرڻ کان پهرين هڪ ڏهاڙي واري تربيت جو 1000 معاوضو تقريبن 6مهينن کان پوءِ جاري ڪيو پيو وڃي. جڏھن تھ هڪ هزار تي 100روپيا رشوت طور ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي. اليڪشن کان اڳ تربيت ۾ حصو وٺندڙ عملي کي 100 روپيا رشوت وٺڻ کان پوءِ 1000 روپيا معاوضو ڏنووڃي ٿو. جيڪڏ ھنڪو ماڻهو 100 روپيا ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿو ته ان کي دادو آفيس مان اچي پئسا وٺڻ ۽ ڊگهي فارميلٽي پوري ڪرڻ جو چئي چپ ڪرايو پيو وڃي. اليڪشن ۾ ڊيوٽي ڪندڙن مان اڪثريت پرائمري استادن جي آهي پر ان باوجود استادن جي تنظيم به خاموش تماشائي بڻيل آهي.هوڏانهن متاثرين پاران اليڪشن ڪميشن جي عملي پاران 100 روپيا رشوت۔وٺڻ واري عمل جي مذمت ڪندي جانچ جي گهر ڪئي وئي آهي..
خيرپورناٿن شاھ:موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر.6 ڄڻا زخمي
لياقت کوسو، علي مراد کوسو ۽ عرفان کوسو جي حالت ڳڻتي جوڳي.لاڙڪاڻي اسپتال منتقل
خيرپورناٿن شاھ(ن پ ا) ڀرسان ڳوٺ پيڄاهو لنڪ روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾6 ڄڻا لياقت علي کوسو، علي مراد کوسو، عرفان کوسو، عبدالحڪيم کوسو، فيروز کوسو ۽ گلبهار کوسو شديد زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقا اسپتال آندو ويو. ٽن ڄڻن لياقت علي کوسو،علي مراد کوسو ۽ عرفان کوسوجي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.
ميھڙ:گم ٿيل مستري جو پتو نھ پئجي سگھيو
4 ڏينھن اڳ گم ٿيل مستري غلام محمد کوسو جا وارث سخت پريشان
ميهڙ(ن پ ا) ڳوٺ حاصل کوسو جو رهواسي نلڪن جو مستري غلام محمد کوسو کي گم ٿئي 4 ڏينهن گذري ويا پر سندس پتو نه پئجي سگھيو.مستري غلام محمد کوسو جا وارث سخت پريشان آھن.سندن چوڻ آھي تھ اسن جي ڪنھن سان دشمني ڪونھي.پوليس کيس بازياب ڪرائي
جوھي لڳ مسافر يرغمال، روڪ رقم ۽ 2 موٽرسائيڪلون ڦر
جوھي (ن پ ا) ڪڪڙ گاج روڊ تي اڻڄاتل ھٿياربند رستو بلاڪ ڪري ايندڙ ويندڙ ماڻھن کان روڪ رقم ۽ ٻـ موٽر سائيڪلون ڦري ورتيون. موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي ڦورن ڪنڌاڪ ھڻي آچر بروھي ۽ عورت صاحبا بروھي کي زخمي ڪري وڌو. ڏوھن ۾ واڌ تي علائقي واسي پريشان ٿي ويا پر پوليس يا انتظاميا ڪو قدم نھ کنيو.
ڪڪول واهه ۽ رائيس ڪئنال جي ڪپرن تان قبضا نه هٽڻ خلاف ميهڙ ۾ احتجاج
ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ ۾ڪڪول واه جي آبادگارن ۽ ايس يو پي ڪارڪنن پاران ڪڪول واه ۽ رائيس ڪئنال جي ڪپرن تان قبضا نه ھٽڻ ۽ ايس يو پي جي مرڪزي وائيس چيئرمين سيد زين شاه مٿان ڪوڙا ڪيس ختم نه ٿيڻ خلاف ايس يو پي ضلع دادو جي اڳواڻن سڪندر سوڍر، عبدالحميد سومرو ،اشرف چانڊيو، اختيار سوڍر، محمد کوسو، معشوق ڀٽي سميت وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن ڪڪول واه موري کان پريس ڪلب تائيناحتجاجي ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو. ھنن مطالبو ڪيو ته سيد زين شاه مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ ڪڪول واه رئيس ڪئنال جي ڪپرن تي با اثر ڌرين پاران ڪيل قبضا ختم ڪري آبادگارن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.
دادو: پوليس جا ڇاپا، بڪيز ذريعي سٽو کيڏندڙ 20 ڄڻا گرفتار
شهر جي مختلف هوٽلن تان گرفتار ٿيلن ۾ هڪ نينگر به شامل
نينگر گرفتار ناهي، پيءُ جي گرفتاري دوران روئڻ سبب نينگر کي وٺي آياسين: پوليس

دادو ( ن پ ا ) پوليس ڪرڪيٽ تي سٽو کيندڙ 20 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس هڪ نينگر کي به ٿاڻي تي وٺي آئي، پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر کي حراست ۾ ناهي ورتو ويو، جوا کيڏندڙ پيءُ جي گرفتاري دوران روئڻ سبب نينگر کي به وٺي آياسين.
پوليس موجب شهر جي ڪاليج روڊ، ملاح چوڪ ۽ ٻين هنڌن تي ڊي ايس پي دادو رسول بخش سيال جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالن اوچتو هوٽلن تي ڇاپا هڻي 20 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.
گرفتار جوابدارن کي اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪمري ۾ بند ڪيو ويو، گرفتار ٿيلن ۾ هڪ 7 ورهين جو نينگر به شامل آهي، جنهن جي باري ۾ پوليس جو موقف سامهون آيو آهي ته نينگر کي گرفتار ناهي ڪيو ويو، هو جوا کيندڙ پيءُ سان گڏ موجود هو، پنهنجي جي گرفتاري دوران روئي رهيو هو، جنهن سبب کيس پيءُ سان گڏ ٿاڻي تي آندو ويو.
پوليس موجب گرفتار جوابدار هوٽلن تي بڪيز ذريعي ڪرڪيٽ راند تي جوا پئي کيڏي رهيا هئا، اطلاع تي کين ڪارروائي ڪري گرفتاريون ڪيون ويون
ميهڙ پوليس اغوا ٿيل واپاري کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام، مغوي جي وارثن جو پوليس خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو
ڌرڻي سبب انڊس هاءِ وي تي ٽريفڪ معطل، گاڏين جون قطارون لڳي ويون
ضمير ڏيرو کي بازياب ڪرائي کيس اغوا ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي: متاثر ڌُر جو مطالبو

ميهڙ ( ن پ ا ) ميهڙ ۾ واپاري ضمير ڏيرو جي اغوا خلاف وارثن انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو آهي، ڌرڻي سبب انڊس هاءِ وي تي گاڏين جو قطارون لڳي ويون.
ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ڪيل واپاري ضمير ڏيرو کي پوليس بازياب ڪرائي نه سگهي، وارثن سندس بازيابي لاءِ انڊس هاءِ وي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون.
مظاهرين چتاءُ ڏنو ته مغوي واپاري ضمير ڏيرو جي بازيابي تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.
واضح رهي ته واپاري ضمير ڏيرو جي اغوا واري واقعي بعد هڪ ٻئي واپاري سندس خلاف ٺڳي جو ڪيس داخل ڪرايو هو، جنهن ۾ هن ڄاڻايو ته ضمير ڏيرو کانئنس لکين رپين جو زرعي سامان خريد ڪيو پر پيسا نه ڏنا.
ڄامشورو ڀرسان مزدا ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ چار زخمي ٿي پيا.
سيوھڻ ( ن پ ا ) ٽول پلازه وٽ انڊس هاءِ وي تي ڪار هڪ مزدا سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ صوبو لغاري نالي هڪ شخص فوت ٿي ويو ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ مشتاق، فدا حسين، محبوب لغاري ۽ اصغر شامل آهن، جن کي ڄامشورو اسپتال پهچايو ويو.
پوليس موجب حادثي جو شڪار ٿيل ڪار سوار ماڻهو شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ڳڙهي خدابخش وڃي رهيا هئا
برساتن جي مند ۾ نئين گاج جو 30 کان 50 فوٽ وهڪرو
لياقت جتوئي رڳو افتتاح ڪيو، فنڊ ۽ ڪم پ پ حڪومت ڪرايو: پ پ اڳواڻ عرفان لغاري
علائقي واسين ۾ ڊيم جي مخالفت به موجود، گهوٻين جي اطلاعن جو نيب نوٽيس وٺي چڪو
ميهڙ (رپورٽر) نئين گاج اونهاري توڙي سياري ۾ بلوچستان توڙي کير ٿر جبلن ۾ پوندڙ برساتن کان پوء وهندي آھي جنهن ۾ پاڻي 30کان 50 فوٽن تائين وهندو آھي ۽ جنهن هنڌ تي گاج ڊيم ٺاهيو وڃي پيو ان هنڌ کان اولهه توڙي اوڀر کان هزارين فوٽ اوچا جبل آھن جتان پاڻي تيز رفتاري سان لهندوآهي. پاڻي انگريزن جي دور جي ڏنل تير ڀت سان ٽڪرا ئجي جوهي تعلقي جي ڪاڇي جي ميداني علائقي مان گذرندو وڃي يوسي ساڙو ڇني جي بهاول جي گنڍي کان ٿيندوروهل واري علائقي کان منڇر ۾ ڇوڙڪندو آھي جيڪو تير ڀت جتي گاج ڊيم ٺھي پيو ان کان 54 ڪلو ميٽر مفاصلي تي آھي. گاج ڊيم ٺھڻ کان پوء پائيپ وڇائي روز 50 ڪيوسڪ پاڻي منڇر ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو. ڊيم مان 34 ڪلو ميٽر ڊگهو 12 فوٽ ويڪرو ڪئنال ڪڍيو ويو آھي. اهو جوهي، خير پور ناٿن شاه ۽ ميهڙتعلقي تائين يوسي منگواڻي قمبر ڇوڙ ماڏي واري علائقي يوسي مٺوٻٻر يوسي ڪڪڙ ڳوٺ مزار ڀرڳڙي قصبو راڃو ديرو ڊگه بالا ڳوٺ پٽ گل محمد ڳوٺ حاجي خان ڳو ٺ ڇڪلڻي ڳوٺ ڪرڪلي يوسي ڇني يوسي ساڙو واهي پانڌي گاجي شاه لنڊن لغارين ۽ ڪلوئي برادري جي ڪيترن وڏن ننڍن ڳوٺن جي لڳ ڀڳ 4لک ايڪڙزمين کي سيراب ڪندو، گاج ڊيم جي منصوبي جي حوالي سان پ پ پ جي ميهڙ ۽ خير پور ناٿن شاه مان چونڊيل ايم اين اي عرفان لغاري، ايم پي اي انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجو چيو ته گاج ڊيم جي لاء فنڊ ۽ ڪم اسان جي وفاقي حڪومت ۾ ٿيو جڏهن 2013ع جي چونڊن کان پوء وفاق ۾ مسلم ليگ نون جي حڪومت ٺھي ۽ ميان نواز شريف وزير اعظم ٿيو ته هن گاج ڊيم لاء فنڊ روڪي ڇڏيا. فنڊ جاري نه ڪرڻ ڪري 2018ع ۾ مڪمل ٿيندڙ ڱاج ڊيم هن وقت تائين مڪمل ٿي نه سگهيو آھي.هنن چيو ته پرويز مشرف جي حڪومت ۾ لياقت جتوئي رڳو تختي لڳائي افتتاح ڪيو هو پاڻي ۽ بجلي جو وزير هوندي به فنڊ نه رکرايا ۽ نه ڪم شروع ٿيو هو. هاڻي وفاق ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت آھي لياقت جتوئي دادو ضلعي جي عوام سان سچو آھي ته فنڊ جاري ڪرائي ڪم شروع ڪرائي پ پ پ جي سنڌ حڪومت تعاون ڪندي، ميهڙ:ڪاڇي جي يوسي ساڙو يوسي ڇني جي رهواسين روهل خان لغاري، محمد نواز، دوست محمد رودناڻي۽ ٻين رابطي ڪرڻ تي نئين گاج تي ڊيم اڏڻ کي منڇر لاء ۽ يوسي ڇني ساڙو جي لاء خطرناڪ قرار ڏيندي ڇيو ته نئين گاج ڊيم ٺھڻ سان قدرتي وهڪرا بند ٿيندا، منڇر۾ پاڻي نه ايندو جنهن سان ماحولياتي مسئلو پيڍا ٿيندوگاج نئين جي قدرتي وهڪرن سان جيڪا سندن هزارين ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آھي اها غير آباد ٿي ويندي سندن جرکارو ٿي ويندو جر جي پاڻي جي سطح ھيٺ ٿي ويندي انڪري اسان کي گاج ڊيم جي اڏاوتي منصوبي تي تحفظات آھن ان لاء منڇر۾ پاڻي ۽ ڊيم مان اسان جي علائقي ۾ پاڻي زرعي آبادي لا ء پاڻي ڪيئن ايندو اعتماد ۾ ورتو وڃي، نئين گاج منصوبي جي فنڊن ۾ گهوٻين جي اطلاعن جو نيب نوٽيس ورتو آهي ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي. جاچ لاءِ حڪومت کان رڪارڊ پڻ طلب ڪيو ويو آهي.
دادو ضلعي جي خوشحالي وارو گاج ڊيم منصوبو 11 سالن کان رولڙي جو شڪار، لاڳت ۾ ڏيڍ سئو سيڪڙو واڌ
ڪاڇي جي 80 هزار ايڪڙ غيرآباد زمين کي آباد ڪرڻ وارو خواب ساڀيان ٿي نه سگهيو، سياسي مخالفتن ۽ مفادن جي ور چڙهي ويو
مشرف دور ۾ لياقت جتوئي 2007ع ۾ افتتاح ڪيو، پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جي حڪومتن رٿا تي ڪو به ڌيان نه ڏنو

ميهڙ(رپورٽ:پاويل جوڻيجو)دادو ضلعي جي ڪاڇي واري جابلو علائقي ۾ 80 هزار کان وڌيڪ غيرآباد زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ نئين گاج تي گاج ڊيم 11 سال گذرڻ باوجود ٺهي نه سگهيو آهي ڊيم نه ٺهڻ ڪري ڪاڇي جون زمينون پاڻي نه هجڻ ڪري آباد نه ٿي رهيون آهن جنهن سبب ڪاڇي ۾ ڏڪار واري صورتحال آهي ڪاڇي ۾ رهندڙ لکين انسان غربت بک بدحالي ۾ مبتلا آهن مليل معلومات موجب گاج ڊيم جو منصوبو پرويز مشرف جي دور ۾ 2007ع ۾ جوڙيو ويو ۽ آگسٽ 2007ع ۾ وفاقي وزير لياقت علي جتوئي افتتاح ڪيو هو. ڊيم جي مڪمل تعمير جي لاءِ 11 ارب رپين جو خرچ جو ڪاٿو لڳائي ٽن سالن ۾ مڪمل ڪرڻ جو چيو ويو. ڊيم 2011ع جي آگسٽ مهيني ۾ مڪمل ٿيڻو هو پر 2008ع ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ وفاق ۽ سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومتون ٺهڻ ۽ لياقت علي جتوئي جي چونڊون هارائڻ کان پوءِ اهو گاج ڊيم جو منصوبو پ پ پ جي حڪومت رولڙي ۾ وجهي ڇڏيو ۽ هاڻ منصوبي کي 11 سال گذرڻ باوجود 50 سيڪڙو به ڪم مڪمل نه ٿيو آهي. هاڻ ان جو خرچ جو ڪاٿو 11 ارب رپين کان وڌي 30 ارب ٿي ويو آهي. گاج ڊيم منصوبي جو افتتاح ڪندڙ تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ لياقت علي جتوئي روزاني پنهنجي اخبارکي ٻڌايو ته 2008ع ۾ اسان جي حڪومت ختم ٿيڻ ۽ وفاق ۽ سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومتون ٺهڻ ڪري ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان نه ڏنو ويو جنهن ڪري اهو منصوبو پنهنجي مدت ۾ پورو نه ٿي سگهيو نه ئي وري ان منصوبي تي ميان نواز شريف جي وفاقي حڪومت ڌيان ڏنو. هن چيو ته پ پ پ ۽ مسلم ليگ نون وارن گاج ڊيم نه ٺاهي نه رڳو دادو ضلعي جي عوام، خاص طور تي ڪاڇي وارن سان ظلم ڪيو آهي پر سنڌ ۽ پاڪستان کي به نقصان ڏنو آهي. هن چيو ته گاج ڊيم پنهنجي مدي ۾ پورو ٿئي ها ته ڪاڇي ۾ هن وقت ڏڪار نه هجي ها. پر دادو ضلعي ۽ سنڌ ۾ به معاشي ترقي ٿئي ها. تحريڪ انصاف جي اڳواڻن اڳوڻي ايم پي اي احسان علي جتوئي ، ڪاڇي واري علائقي جوهي تعلقي سان واسطو رکندڙ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بنده علي لغاري روزاني پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته 2007ع ۾ جڏهن لياقت علي جتوئي ان منصوبي جو افتتاح ڪري رهيو هيو ته ڪاڇي جا رهواسي هاري ،آبادگار ، ڪاروباري ماڻهون ڏاڍا خوش ٿي هيا ته ان گاج ڊيم ٺهڻ سان سندن غربت ، بيروزگاري ختم ٿيندي علائقي ۾ خوشحالي ايندي ۽ سندن تقدير بدلجي ويندي پر اهو ڊيم 11 سالن ۾ نه ٺهڻ ڪري ڪاڇي جي ماڻهن جا خواب اڌورا رهجي ويا آهن. هنن چيو ته هاڻي منصوبي ۾ شامل جوهي تعلقي جي ڪاڇي واري علائقي جون ٽي ديهون ڊرگهه بالا، فيرو ديرو، الهيار ديرو ڪڍيون ويون آهن جڏهن ته 4.5 ميگاواٽ بجلي گهر به خارج ڪيو ويو آهي. جنهن سان ان منصوب عوام لاءِ بي لاڀ ثابت ٿيندو، سپريم ڪورٽ ۾ گاج ڊيم جي اڏاوت بابت داخل پٽيشن ۾ گاج ڊيم تي62 ارب خرچ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جن مان 16 ارب خرچ ٿي چڪا آهن ۽ باقي 46 ارب رپيا خرچ ٿيڻا آهن. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ٻڌايو ويو آهي ته ڊيم جو ڪم 51 سيڪڙو مڪمل ٿي ويو آهي باقي 49 سيڪڙو ڪم رهيل آهي جنهن تي سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت، واپڊا ۽ سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته خرچ ڪيل 16 ارب ضايع نٿا ڪري سگهجن گاج ڊيم کي جنهن کي به پئسا ڏيڻا آهن ڏئي ۽ منصوبو مڪمل ڪري سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ڏنل حڪم کي 10 ڏينهن کان مٿي جو عرصو گذرڻ باوجود گاج ڊيم جي رهيل ڪم کي ٺاهڻ لاءِ ڊيم ٺاهيندڙ ڪمپني جو ڪو ماڻهو آيو آهي نه وفاقي ۽ سنڌ حڪومت نه ئي واپڊا وارن ڪو تحرڪ ورتو آهي.
ميهڙ ۾ غربت ۽ بيروزگاري سبب نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو
ميهڙ(ن پ ا)ميهڙ لڳ ڳوٺ سوڀو خان مگسي ۾22 ورهين جي نوجوان سجاد پٽ خدابخش لنڊ غربت ۽ بيروز گاري کان تنگ ٿي گهر ۾ پيل زهريلي زرعي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو، آپگهات ڪندڙ نوجوان کي ڳوٺ سوڀو خان مگسي جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آھي،خودڪشي ڪندڙ نوجون سجاد لنڊ جي والد جو چوڻ ھو ته بيروز گاري ۽ غربت سبب گهرو حالتن کان سندس پٽ ڪجه وقت کان پريشان ۽ مايوس رهندو هو ،جنهن کان پوءِ ھن گهر ۾ پيل زهريلي زرعي دوا پي ڇڏي، جنهن سبب هو فوت ٿي ويو.
دادو ۾ ايس يو پي اڳواڻن جو زين شاهه تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف مظاهرو
دادو (ن پ ا) دادو ۾ محمد چنو ۽ زاهد حسين قاضي جي اڳواڻي ايس يو پي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هنيو ۽ مطالبو ڪيو آهي ته سيد زين شاھ سميت آبادگارن تي داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سندن احتجاج جو سلسلو جاري رهندو