fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

عمران حڪومت لاءِ نئون ڏچو، 5 سالن ۾ ساڍا 37 ارب ڊالر پرڏيهي قرضن جي ادائگي، انتظام مسئلو

هلندڙ مالي سال 2018-19 ۾ هڪ ارب 78 ڪروڙ وياج سوڌو 9 ارب ڊالرز ادا ڪرڻا پوندا: وفاقي حڪومت جو ناڻو کاتو

مالي سال 2019-20 ۾ 8 ارب ۽ 2020-21 ۾ 7 ارب ڊالر کان وڌيڪ قرض ۽ وياج واپس ڪرڻو پوندو

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) تحريڪ انصاف جي موجوده وفاقي حڪومت کي پنهنجي پنج سالا مدت دوران ڳاٽي ٽوڙ غير ملڪي قرضن جي مد ۾ رقم ادا ڪرڻي آهي. موجوده حڪومت کي سال 2022-23تائين غير ملڪي قرضن جي مد ۾ 37 ارب 63 ڪروڙ 37 لک 60 هزار ڊالر ادا ڪرڻا آهن. وفاقي ناڻي کاتي مالي سال 2022-23 تائين پرڏيهي قرضن جي ادائگي جي حوالي سان لکت ۾ تفصيل پيش پارليامينٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيا. اُنهن تفصيلن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان کي پرڏيهي قرضن ۽ اُن تي وياج جي مد ۾ هلندڙ مالي سال 2018-19 کان مالي سال 2022-23 تائين مجموعي طور تي37 ارب 63 ڪروڙ 37 لک 60 هزار ڊالرز ادا ڪرڻا پوندا. وفاقي سرڪار کي اُن قرض ۽ وياج جي مد ۾ هلندڙ مالي سال 2018-19 دوران 9 ارب 5 ڪروڙ 99 لک 80 هزار ڊالر ادا ڪرڻا پوندا، جن ۾ 7 ارب 27 ڪروڙ 28 لک نوي هزار ڊالر قرض جي رقم ۽ 1 ارب 78 ڪروڙ 70 لک60 هزار ڊالر وياج جي مد ۾ شامل آهن. اهڙي ريت مالي سال 2019-20 ۾ 8 ارب 17 ڪروڙ 32 لک ڊالر غير ملڪي قرض جي مد ۾ ادا ڪرڻا پوندا، جنهن ۾ 6 ارب 68 ڪروڙ 51 لک 20 هزار قرض جي اصل رقم ۽ هڪ ارب 48 ڪروڙ 80 لک 60 هزار ڊالر وياج جي مد ۾ رقم شامل آهي. ناڻي کاتي طرفان پارليامينٽ کي مهيا ڪيل تفصيلن موجب پاڪستان کي سال 2020-21 ۾ مجموعي طور تي 7 ارب 45 ڪروڙ 55 لک 20 هزار ڊالر ادا ڪرڻا پوندا، جن ۾ 6 ارب 17 ڪروڙ 35 لک 80 هزار ڊالر قرض جي اصل رقم جڏهن ته 1 ارب 28 ڪروڙ 19 لک 40 هزار ڊالر وياج جي رقم شامل آهي. اُن کانسواءِ مالي سال 2021-22 ۾ پاڪستان کي پرڏيهي قرضن جي مد ۾ 6 ارب 45 ڪروڙ 26 لک 80 هزار ڊالر ادا ڪرڻا پوندا، جن ۾ 5 ارب 35 ڪروڙ 50 لک 80 هزار ڊالر قرض ۽ 1 ارب 9 ڪروڙ 76 لک 10 هزار ڊالر وياج جي رقم شامل آهي. ناڻي کاتي موجب مالي سال 2022-23 ۾ پاڪستان کي پرڏيهي قرضن جي مد ۾ 6 ارب 49 ڪروڙ 23 لک 70 هزار ڊالر ادا ڪرڻا آهن، جنهن ۾ 5 ارب 54 ڪروڙ 10 لک 50 هزار ڊالر قرض ۽ 95 ڪروڙ 13 لک 2 هزار ڊالر وياج جي رقم شامل آهي. مجموعي طور تي پاڪستان غير ملڪي قرضن جي مد ۾ مالي سال 2018-19 کان مالي سال 2022-23تائين اصل قرض جي مد ۾ 31 ارب 2 ڪروڙ 77 لک 20 هزار ڊالر جڏهن ته وياج جي مد ۾ انهي عرصي دوران مجموعي طور تي 6 ارب 60 ڪروڙ 59 لک 70 هزار ڊالر ادا ڪندو. جيڪا مجموعي طور تي پرڏيهي قرضن جي ڪل رقم 37 ارب 63 ڪروڙ 37 لک 60 هزار ڊالر ٿئي ٿي، جيڪا تحريڪ انصاف جي حڪومت کي پنهنجي دور حڪومت جي مد ۾ ادا ڪرڻي آهي.

نيب قانون ۾ تبديلي جي ضرورت آهي:ذلفي بخاري

لنڊن (م ڊ) وزيراعظم جي خاص معاون زلفي بخاري چيو آهي ته نيب ۾ منهنجي خلاف انڪوائري تمام جلد ختم ٿي ويندي، ذلفي بخاري پاران پاڪستان پريس ڪلب يوڪي انٽرنيشنل جي وفد سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته نيب قانون ۾ تبديلي ۽ سمورن ادارن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي.
لاهور ۾ ڪيمپ جيل ۾ حراست دوران لاڏاڻو ڪري ويندڙ سرگوڌا يونيورسٽي لاهور ڪيمپس جي سي اي او ميان جاويد جي حوالي سان ڳالهائيندي ذلفي بخاري جو چوڻ هو ته پروفيسر جي هٿڪڙيون لڳل فوتگي جو واقعو ڏکوئيندڙ آهي. پنهنجي خلاف نيب انڪوائري بابت ذلفي بخاري جو چوڻ هو ته تمام جلد نيب ۾ منهنجي انڪوائري ختم ٿي ويندي. اوورسيز پاڪستانين جي حوالي سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي خاص معاون جو چوڻ هو ته اوور سيز پاڪستانين جا مسئلا وزيراعظم جي ايجنڊا ۾ پهرئين نمبر تي آهن. ذلفي بخاري چيو ته صرف پي ٽي آءِ جو نه سمورن اووسيز پاڪستانين جو وزير آهيان، وزيراعظم به سمورن اوورسيز پاڪستانين کي گڏ کڻي هلندو.

فاٽا کي جلدبازي ۾ ڪي پي ۾ ضم ڪيو ويو : نورالحق قادري

پهرين گڏيل سڌارا آڻي پوءِ فاٽا کي ضم ڪرڻ گهرجي ها: مذهبي معاملن وارو وزير

فاٽا جي ضم ٿيڻ جو ثمر حاصل ڪرڻ لاءِ قبائلي عوام کي گڏ ٿيڻو پوندو

ڪي پي ڪي (م ڊ) مذهبي معاملن بابت وفاقي وزير نورالحق قادري فاٽا جي خيبرپختونخواهه ۾ ضم ٿيڻ کي جلدبازي قرار ڏئي ڇڏيو، وفاقي وزير پير نورالحق قادري پاران تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ ضم جلدبازي ۾ ڪيو ويو، جنهن سبب قبيلن ۽ حڪومت ٻنهي کي ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته پهريان گڏيل سڌارا ۽ پوءِ ضم ٿيڻ گهرجي ها ۽ هاڻوڪين حالتن ۾ قبائلي ضلعن ۾ ڪوبه قانون لاڳو ناهي، پير نورالحق قادري جو چوڻ آهي ته ضم ٿيڻ جي ثمر مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ قبيلن کي گڏ ٿيڻو پوندو. هن جو چوڻ هو ته افغانستان پنهنجي سرزمين تان ٻاهرين سازشن جو خاتمو يقين بڻائي.

نواز-زرداري لاءِ اڄ ڳرو ڏينهن: سموريون نظرون عدالتن تي کتل

ميان نوازشريف فيصلو ٻڌڻ لاءِ احتساب ڪورٽ ويندو، سپريم ڪورٽ ۾ آصف زرداري پيش نه ٿيندو: وڪيل

نواز شريف ۽ آصف زرداري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نوازشريف ۽ زرداري لاءِ اڄ ڳرو ڏينهن، فيصلا ڪهڙا ايندا؟ سموريون نظرون عدالتن تي کُتل، اڳوڻو وزير اعظم ميان نواز شريف آزاد هوندو يا ٻيهر جيل حوالي ٿيندو بابت فيصلو سڀاڻي ٿيندو. اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس جو محفوظ فيصلو احتساب عدالت سڀاڻي ٻڌائيندي. نواز شريف پاران فيصلو ٻڌڻ لاءِ احتساب عدالت وڃڻ جو فيصلو. سيڪيورٽي جا انتظام سخت. تفصيل موجب اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس جو محفوظ ٿيل فيصلو احتساب عدالت جو جج ارشد ملڪ سڀاڻي ٻڌائيندو. اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف احتساب عدالت طرفان محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌڻ لاءِ احتساب عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ميان نواز شريف سڀاڻي پنهنجي ڪوھ مري ۾ قائم رهائشگاھ کان فيصلو ٻڌڻ لاءِ عدالت پهچندو. العزيزيه ريفرنس ۾ 22 ۽ فليگ شپ ريفرنس ۾ 16 شاهدن جون شاهديون قلمبند ڪيون ويون. احتساب عدالت ۾ نواز شريف خلاف ريفرنسز ۾ مجموعي طور تي 183 ٻڌڻيون ٿيون. ميان نواز شريف جن مان 130 ٻڌڻين دوران احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو، جن ۾ 70 ڀيرا احتساب عدالت جي جج محمد بشير ۽ 60 ڀيرا احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ اڳيان پيش ٿيو. احتساب عدالت جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. هڪ هزار کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم وڪيلن سوڌو مسلم ليگ (ن) جي ڪل پندرنهن اڳواڻن کي فيصلو ٻڌڻ لاءِ عدالت ۾ وڃڻ جي اجازت ملندي، ذريعن موجب هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ رينجرس کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سپريم ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي، جي آءِ ٽي رپورٽ پڌري ٿيڻ جو امڪان آهي، چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ مني لانڊرنگ ڪيس جي لاهور رجسٽري ۾ سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري سڀاڻي عدالت ۾ پيش نه ٿيندو، سندس قانوني ٽيم پيش ٿيندي، جنهن ۾ فاروق ايڇ نائيڪ، سردار لطيف کوسا ۽ ٻيا شامل آهن، ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي چڪي آهي، جيڪا امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته عدالت ڌرين حوالي ڪندي، لطيف کوسا جو چوڻ آهي ته رپورٽ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ پنهنجي قانون حڪمت عملي جوڙينداسين، سپريم ڪورٽ ۾ سڀاڻي ڇا ٿيندو، ان بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي، ٿيندو ته ايئن آهي ته رپورٽ ڌرين کي ڏئي نئين تاريخ ڏني ويندي آهي.

مني لانڊرنگ خلاف قدم کڻون پيا، لٽيل دولت ڏيهه آڻبي: نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال

خود احتسابي ضروري آهي، ان سان ئي ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان جو خواب ساڀيان ٿيندو

نيب عدالتن ۾ 900 ارب جي ڪرپشن جا 1210 ڪيس آهن، جن کي انجام تي پهچائبو
جسٽس (ر) جاويد اقبال

اسلام (بيورو رپورٽ) قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس جاويد اقبال ڪرپشن خلاف عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ بدعنواني اڏوهي کان وڌي ناسور بڻجي چڪي آهي جنهن جي پاڙ پٽڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته گيلپ ۽ گيلاني سروي موجب 59 سيڪڙو ماڻهو نيب تي اعتماد ڪن ٿا، جڏهن ته عالمي اقتصادي فورم جي پرسيپشن انڊيڪس جي موجوده رپورٽ موجب پاڪستان 107 نمبر تي آيو آهي. هن چيو ته اسان مان هر هڪ بدعنواني جو خاتمو چاهي ٿو پر بدعنواني جو واحد حل خود احتسابي آهي. جيڪڏهن اسان خود احتسابي تي عمل ڪندي بدعنواني، اقرباپروري ۽ رشوت وٺڻ کان پاسو ڪنداسين ته ان سان نه رڳو بدعنواني ختم ٿيندي پر ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان واري خواب جي به ساڀيا ٿيندي. نيب چيئرمين چيو ته مني لانڊرنگ روڪڻ لاءِ اپاءُ ورتا پيا وڃن. هن چيو ته ملڪ مان لٽيل ۽ مني لانڊرنگ ذريعي ٻاهرين ملڪن ڏانهن منتقل ڪيل رقم قانون موجب دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پاڪستان واپس آندي ويندي. هن چيو ته نيب قانون ۽ ضابطن مطابق پنهنجي ڪم ڪار ۾ طريقي کي اينٽي ڪرپشن بابت اثرائتي حڪمت عملي تحت بهتري آندي آهي. جنهن ۾ شڪايتن جي تصديق کان انڪوائري ۽ انڪوائري کان جانچ ۽ احتساب عدالت ۾ قانون مطابق ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ ڏهن مهينن جو وقت مقرر ڪيو آهي. سمورين ميگا ڪرپشنز جي جاچ پڙتال، انڪوائرين، شهادتن ۽ قانونن جي مطابق انجام تائين پهچايو ويندو. نيب چيئرمين چيو ته ميگا ڪرپشن جي ڪيسن کي منتقي انجام تائين پهچائڻ نيب جي پهرين ترجيح آهن. نيب 179 ميگا ڪرپشن جي ڪيسن مان 105 ڪيسن کي منتقي انجام تائين پهچائيندي بدعنواني جا ڪيس احتساب عدالتن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. هن چيو ته نيب سفيد پوش ميگا ڪرپشن جي ڪيسن جي تحقيقات مڪمل شاهدين، دستاويزي ثبوتن ۽ قانون جي مطابق سائنسي بنيادن تي ڪرڻ ۾ يقين رکي ٿي. نيب جي احتساب عدالتن ۾ هن وقت بدعنواني جي 1210 ريفرنسن جون ٻڌڻيون ٿي رهيون آهن جن جي ماليت اٽڪل 900 ارب روپيا آهي. نيب چيئرمين چيو ته مفتي احسان مضاربه ڪيس اسلام آباد جي نيب عدالت ۾ داخل ڪرايو هو. عدالت سڳوري مفتي احسان کي مضاربه ڪيس ۾ 10 سال قيد ۽ 9 ارب روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي جيڪو نيب طرفان ڪيس جي بهترين طريقي سان پيروي سبب نيب اهو ڪيس کٽيو. نيب مضاربه ۽ مشارڪي اسڪينڊلن ۾ ملوث 34 جوابدارن جي گرفتاري کان علاوه ٻاهرين ملڪ ڀڄي ويل مضاربه ۽ مشارڪه اسڪينڊلن ۾ گھربل وڌيڪ جوابدارن کي انٽرپول وسيلي واپس آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

احتساب قبول آهي، انتقام ڪارروائي تي مزاحمت ڪنداسين: نفيسه شاهه

اسان کي خبر آهي ته حڪومت کي ميثاق جمهوريت کان تڪليف ڇو آهي

عمران احتساب لاءِ عليمه خان، عليم خان ۽ جهانگير ترين کي پيش ڪري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اطلاعات واري سيڪريٽري ڊاڪٽر نفيسه شاھ مطالبو ڪندي چيو آهي ته عمران خان احتساب لاءِ عليمه خان، عليم خان ۽ جهانگير ترين کي پيش ڪري. هن چيوته سڀني جواحتساب قبول آهي. انتقامي ڪارروائي تي مزاحمت ڪنداسين. نفيسه شاھ چيو ته اسان کي خبر آهي ته حڪومت کي ميثاق جمهوريت کان تڪليف ڇو آهي. هن چيو ته عمران خان جنرل حميد گل سان گڏجي محترمه بينظير ڀٽو خلاف سازشون ڪندو رهيو. سازشي ۽ ليڊر ۾ فرق آهي. نفيسه شاھ چيو ته چندو چوري ڪرڻ واري کي عوام ليڊر نه ٿي مڃي. هن چيو ته عمران خان جعلسازي ڪري اقتدار ۾ آيو آهي.

نوازشريف اسلام آباد آهي يا لاهور ۾؟: ليگي قيادت بي خبر

نواز ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب به نوازشريف جي شيڊول کان بي خبر رهي

طارق فضل چوڌري نوازشريف جي اسلام آباد ڪڏهن لاهور ۾ موجودگي ٻڌائيندو رهيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي لاهور کان اسلام آباد پهچڻ بابت نون ليگ جي ترجمان ۽ نون ليگ جي اسلام آباد جي قيادت به بي خبر رهي. مسلم ليگ (ن) جي ذريعن اسلام آباد جي صحافين کي ميان نواز شريف جي شهباز شريف سان ملاقات لاءِ روانو ٿيڻ بابت اطلاع ڏنا ته اسلام آباد جي صحافين نواز شريف جي شيڊول بابت آگاھ ڪندڙ اڳوڻي مملڪتي وزير طارق فضل چوڌري سان رابطو ڪيو ته طارق فضل چوڌري چيو ته ميان نواز شريف لاهور ۾ آهي ۽ هو آچر ڏينهن اسلام آباد نه ايندو پر هو سومر ڏينهن اسلام آباد ايندو. ٿوري دير کانپوءِ نون ليگ جي ذريعن صحافين کي اهو ٻڌايو ته ميان نواز شريف اسلام آباد ۾ منسٽر انڪليو اندر شهباز شريف جي رهائشگاھ تي پهچي چڪو آهي جتي سندن ملاقات شروع ٿي وئي آهي. ان بعد نون ليگ جي واٽس ايپ تي ٺهيل بيٽ رپورٽر گروپ ۾ طارق فضل چوڌري کي آگاھ ڪندي ٻڌايو ته ميان صاحب، شهباز شريف وٽ پھچي چڪو آهي ته طارق فضل چوڌري، گروپ ۾ ميسيج ڪيو ته 200 سيڪڙو تصديق سان چوان ٿو ته ميان نواز شريف اسلام آباد نه آهي ۽ هو لاهور ۾ آهي. ٿوري دير کانپوءِ طارق فضل چوڌري ۽ نون ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب پنهنجي بي خبري جو اعتراف ڪندي تصديق ڪئي ته ميان نواز شريف لاهور کان اسلام آباد پهچي چڪو آهي ۽ سندس شهباز شريف سان ملاقات ٿي رهي آهي.

جي آءِ ٽي جو آصف ۽ فريال کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ کي سفارش جو فيصلو: ذريعا

آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر

ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) ميگا مني لانڊرنگ ڪيس بابت جي آءِ ٽي اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي نااهل قرار ڏيڻ سوڌو 23 مختلف ريفرنسز داخل ڪرائڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ کي سفارش ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل بئنچ سڀاڻي سُپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ميگا مني لانڊرنگ اسڪينڊل جي ٻڌڻي ڪئي ويندي. ٻڌڻيءَ دوران جي آءِ ٽي طرفان ميگا مني لانڊرنگ اسڪينڊل بابت سُپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ جي حوالي سان عدالت کي آگاهه ڪيو ويندو. ذريعن موجب سڀاڻي سُپريم ڪورٽ ۾ ميگا مني لانڊرنگ اسڪيندل جي حوالي سان جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي سربراهه طرفان پ پ پ پارليامنٽيرينز جي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي نااهل قرار ڏيڻ جي سفارش ڪئي ويندي، جڏهن ته ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ تي مختلف ڪرپشن ۽ غيرقانوني طور اثاثا ٺاهڻ جي حوالي سان ثبوتن بابت عدالت کي آگاهه ڪيو ويندو. ذريعن موجب سُپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ٻڌڻيءَ دوران جي آءِ ٽي طرفان عدالت کي مني لانڊرنگ، غير قانوني بئنڪ اڪائونٽس ذريعي رقمن جي منتقلي، زمينن جي غيرقانوني منتقلي ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي حوالي سان اهم ثبوتن بابت آگاهه ڪيو ويندو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته جي آءِ ٽي سربراهه طرفان مجموعي طور 23 ريفرنسز داخل ڪرڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ کي سفارش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

خاموش ڇو آهيو؟ بلاول ڀٽو ميڊيا ترجمانن تي ناراض ٿي ويو، سرگرم ٿيڻ جي ھدايت

بلاول پارٽي جي سمورن ترجمان جو اجلاس سڏائي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو

پارٽي خلاف ميڊيا مهم هلي پئي، پر ترجمان خاموش آهن؟
بلاول ڀٽو

ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي قيادت خلاف ميڊيا مهم ۽ پارٽي ترجمانن جي ماٺ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي گذريل ڏينهن بلاول هائوس ۾ پارٽي جي سمورن ترجمانن ۽ ميڊيا مئنيجرن جو اجلاس سڏايو. اجلاس ۾ مصطفيٰ نواز کوکر سميت مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري مولا بخش چانڊيو، اطلاعات واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، پارليامينٽرين جي سيڪريٽري عاجز ڌامراهه، بلاول هائوس ميڊيا سيل جي انچارج فدا ڍڪڻ، بلاول ڀٽو جي ترجمان عثمان غازي، اڳوڻي صوبائي وزير ناصر شاهه، بلاول هائوس جي ترجمان جميل سومرو، سرندر وراسائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ بلاول ڀٽو پارٽي جي سمورن ترجمانن، ميڊيا مئنيجرن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پارٽي خلاف وڏي پئماني تي ميڊيا مهم هلي رهي آهي، پر انفارميشن سيڪريٽري ۽ ترجمان ڇو خاموش آهن؟. ذريعن بلاول ڀٽو پارٽي ترجمانن کي هدايت ڪئي ته ميڊيا سان رابطن ۾ رهندي پارٽي جو موقف پهچائڻ ۾ وسان نه گهٽائين.

مني لانڊرنگ: جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي پڌري ٿيڻ جو امڪان

رپورٽ جو جائزو وٺڻ بعد قانوني حڪمت عملي جوڙينداسين، خبر ناهي عدالت ۾ ڇا ٿيندو:لطيف کوسا

اڳوڻو صدرآصف زرداري

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي، جي آءِ ٽي رپورٽ پڌري ٿيڻ جو امڪان آهي، چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ مني لانڊرنگ ڪيس جي لاهور رجسٽري ۾ سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري سڀاڻي عدالت ۾ پيش نه ٿيندو، سندس قانوني ٽيم پيش ٿيندي، جنهن ۾ فاروق ايڇ نائيڪ، سردار لطيف کوسا ۽ ٻيا شامل آهن، ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي چڪي آهي، جيڪا امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته عدالت ڌرين حوالي ڪندي، لطيف کوسا جو چوڻ آهي ته رپورٽ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ پنهنجي قانون حڪمت عملي جوڙينداسين، سپريم ڪورٽ ۾ سڀاڻي ڇا ٿيندو، ان بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي، ٿيندو ته ايئن آهي ته رپورٽ ڌرين کي ڏئي نئين تاريخ ڏني ويندي آهي.

آزاد عدليا نوازشريف خلاف آزاد فيصلو ڪندي: شاهه محمود قريشي

پاڙيسرين سان رابطا وڌائڻا پوندا، سڀاڻي کان افغان، ايران چين ۽ روس ويندس

ملتان (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آزاد عدليا نوازشريف بابت فيصلو آزادي سان ڪندي، هن وقت جيڪي ڪيس هلي رهيا آهن، اهي تحريڪ انصاف ناهن ٺاهيا، ملتان ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته علائقائي ملڪن جي دوري تي وڃي رهيو آهيان، سڀاڻي افغانستان ويندس، ان کانپوءِ ايران، چين ۽ روس جو دورو ڪندس، چئني ملڪن جو دورو ٻن ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، انهن ملڪن جي سربراهن سان رابطا منشور جو حصو آهن، پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته پاڙيسرين سان رابطا وڌائڻا پوندا، پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ ضروري آهي ان سان ملڪ کي فائدو ٿيندو، روزگار جا موقعا به وڌندا، هن چيو ته بدقسمتي سان ماضي جي حڪومتن پرڏيهي سيڙپڪاري تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ خوشحالي ۽ امن اچڻ کانپوءِ وسيلا هٿيارن بدران غربت جي خاتمي تي خرچ ڪنداسين.

سڀني جون نظرون اڄوڪي فيصلي تي کتل آهن: فواد چوڌري

وفاقي وزير فواد چوڌري

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سڀني جو نظرون اڄوڪي فيصلي تي کتل آهن، ڪيس سڌو آهي ته سعودي عرب ۽ دبئي ۾ نواز شريف ۽ سندس ٻارن جون ملڪيتون آهن، جڏهن ته سوال اهو آهي ته ملڪيتون ٺاهڻ لاءِ پئسو ڪٿا آيو، جنهن جو جواب ڏيڻ کان هيءَ لنوائي رهيا آهن.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته جنهن عمر ۾ ٻارن جا سڃاڻپ ڪارڊ ناهن ٺهندا، نواز شريف جا ٻار ان عمر ۾ ارب پتي ٿي ويا، ٽيلنٽڊ ماءُ پيءُ ٻارن جي اڪائونٽ ۾ پئسا وڌا، هيءَ بليڪ ميلر جو گروپ آهي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته هيءَ ڪهڙو اصول آهي ته وڏي ڀاءُ جي اڪائونٽ جو آڊٽ ننڍو ڀاءُ ڪرائيندو، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ رڳو ٻنهي ڀائرن جي ڪيسز تي ڳالهيون ٿينديون آهن، ڪير مهانگائي ۽ عوامي مسئلي تي ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي.
هن چيو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف جي سياست ختم ٿي چڪي آهي، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ اتحاد ضرور ڪن، سڀ گڏجي“ٺگز آف پاڪستان اتحاد ٺاهين.
فواد چوڌري چيو ته جهڙي ريت ڀارت ۾ ٺگز آف هندوستان ناڪام ٿي، اهڙي ريت پاڪستان ۾ ٺگز آف ڀارت فلاپ ٿيندي.
سڌ سماءَ واري وزير چيو ته آصف زرداري چئي رهيو آهي ته هو معصوم آهي، هن ڪجهه به ناهي ڪيو، گذريل 15 سالن ۾ ٿيل ڦرلٽ ڪنهن جن ڪئي هوندي، جيڪڏهن آصف زرداري، نواز شريف ۽ شهباز شريف معصوم آهن ته بدمعاش ڪير آهي؟
فواد چوڌري چيو ته آصف زرداري عوام کي روڊن تي اچڻ جي اپيل ڪري رهيو آهي، هيءَ پنهنجي ملڪيت بچائڻ لاءِ ماڻهن کي احتجاج تي مجبور ڪري رهيا آهن، پاڪستان ۾مسئلو قانونسازي نه پر عملدرآمد آهي، نيب درست ڪم ڪري رهيو آهي، پر وڌيڪ سڌارن جي ضرورت آهي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته سڀني جون نظرون سڀاڻي واري فيصلي تي کتل آهن، حڪومت ڪرپٽ عنصرن کي بخش نه ڪندي.

احتساب عدالت جو امڪاني فيصلو: نواز شريف ۽ شهباز شريف قانوني توڙي سياسي معاملن تي صلاح مشورا ڪيا

نواز ۽ شهباز وچ ۾ ملاقات، عدالتي فيصلي بعد قانوني رستو اختيار ڪرڻ تي اتفاق: ذريعا

آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو کي اپوزيشن ليڊر جي چيمبر ۾ چانهه جي دعوت ڏني ويندي: ذريعا

اسلام آباد ( م ڊ ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ شهبازشريف وچ ۾ ملاقات دوران عدالتي فيصلي بعد قانوني رستو اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ حڪمت عملي طئي ڪرڻ لاءِ آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو کي اپوزيشن ليڊر جي چيمبر ۾ چانهه جي دعوت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، مريم نواز چيو آهي ته نوازشريف کي عوام کان پري رکڻ لاءِ ٿيندڙ فيصلا بي بنياد مفروضن جي پيداوار آهن، مان سندس ڪارڪن بڻجي انصاف لاءِ ڪردار ادا ڪنديس.
نوازشريف اسلام آباد جي منسٽر انڪليو پهچي سب شهبازشريف جي جيل قرار ڏنل گهر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، جنهن دوران العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنسز جو سڀاڻي ايندڙ امڪاني فيصلي جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي.
ملاقات دوران نيب ريفرنسز سميت پارٽي معاملن ۽ ملڪي جي ٻين اهم معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ذريعن موجب ملاقات دوران نوازشريف ۽ شهبازشريف اتفاق ڪيو ته احتساب عدالت جي فيصلي بعد قانوني رستو اختيار ڪيو ويندو ۽ فيصلو خلاف اچڻ جي صورت ۾ پارليامينٽ اندر احتجاج ڪيو ويندو.
ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ ملاقات دوران پيپلزپارٽي سميت مختلف اپوزيشن جماعتن ساب به رابطن جي حوالي سان ويچاريو ويو.
ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ملاقات دوران اتفاق ڪيو ويو ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو کي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جي چيمبر ۾ چانهه جي دعوت ڏني ويندي،
نوازشريف جي نياڻي مريم نواز اسلام آباد روانگي کان اڳ ساڻس مخاطب ٿيندي چيو ته مان اوهان جي ڪارڪن بڻجي انصاف لاءِ ڪردار ادا ڪندي رهنديس.
مريم نواز پنهنجي والد نوازشريف کي چيو ته اوهان کي عوام کان پري رکڻ وارا فيصلا بي بنياد مفروضن جي پيداوار آهن.

خضدار ۾ پاڪ فوج جي ميزباني ۾ اسپورٽس گالا منعقد

اسپورٽس گالا ۾ فٽبال، ٽينس، ڪرڪيٽ، بيڊمنٽن ۽ ميراٿون جا مقابلا

اسپورٽس گالا جو مقصد صحتمند سهولتن کي هٿي وٺرائڻ آهي: آءِ ايس پي آر

اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪ فوج جي ميزباني ۾ خضدار ۾ رنگا رنگ اسپورٽس گالا منعقد ڪيو ويو، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اسپورٽس گالا جو مقصد صحتمند جي سهولتن کي هٿي وٺرائڻ آهي.
آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب خضدار ۾ رنگا رنگ اسپورٽس گالا منعقد ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 3500 کان وڌيڪ شاگردن حصو ورتو، تقريبن دوران فٽبال، ٽينس، ڪرڪيٽ، بيڊ منٽن ۽ ميراٿون جا مقابلا ٿيا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اسپورٽس گالا جون تقريبون ٻن هفتن تائين جاري رهنديون ۽ اسپورٽس گالا منعقد ڪرڻ جو مقصد صحتمند جي سهولتن کي هٿي وٺرائڻ آهي.

اسلام آباد ۾ ڦورن جي هڪ عورت تي وحشياڻي تشدد واري وڊيو وائرل

اسلام آباد (رپورٽر) اسلام آباد ۾ ڦر مزاحمت تي جوابدارن پاران عورت تي تشدد ڪيو ويو .واهه ڪيٽ واري علائقي ۾ ڦورن عورت کان سونا زيو ڦرڪيا مزاحمت تي برقو پهريل عورت تي تشدد ڪيو ويو .جنهن جي ويڊيو پڻ منظرعام تي اچي وئي آهي جوابدار اڃا گرفتار نه ٿي سگهيا آهن .