fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

پنجاب ۾ بسنت خلاف پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ واري درخواست رد

اسلام آباد(م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار پنجاب حڪومت جي بسنت واري اعلان خلاف پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جي آڏو مقامي شهري شيراز ذڪا درخواست ۾ اپيل ڪئي ته پنجاب بسنت ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ماضي ۾ پتنگ بازي سبب فوتگيون ٿيون ۽ شين کي نقصان رسيو آهي ان ڪري ان تي پابندي لڳائي وڃي. چيف جسٽس پاڪستان درخوست تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل رد ڪندي چيو ته حڪومت هن وقت تائين بسنت ملهائڻ جي لاءِ ڪو به نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو، جڏهن جاري ٿيندو تڏهن ان کي ڏسنداسين.

العزيزيه فيصلي خلاف ن ليگ جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن العزيزيه ريفرنس جي فيصلي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مسلم ليگ ن العزيزيه ريفرنس ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي خلاف فيصلي کي چيلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان لاهور ۾ نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز جي خواجا حارث سان 5 ڪلاڪ طويل ملاقات به ٿي، جنهن ۾ قانوني معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب جلد خواجا حارث جي ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي ويندي ۽ سزا جي خلاف پٽيشن جي تياري بعد مريم نواز ۽ خواجا حارث جي هڪ ٻي ملاقات به ٿيندي.

پي پي جا 3 وزير پڪڙبا، زرداري سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو: فيصل واوڊا

اسلام آباد (بيورورپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا چيو آهي ته پي پي جا ٽي وزير پڪڙجڻ وارا آهن، جي آءِ ٽي اسان ناهي بڻائي زرداري جي خلاف جي آءِٽي سپريم ڪورٽ بڻائي ۽ اڄ زرداري سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته اسان کي هر هر ساڳي ڳالهه ڪرڻ جي عادت ناهي. اي سي ايل ۾ جنهن جو نالو وڌو ويو آهي اُها هڪ ڊگهي فهرست آهي ۽ ان ۾ بلاول جو نالو به شامل آهي. هن چيو ته اِهو ئي حڪومت جو ڪم هو اسان ته رڳو ادارن جي هدايت تي عمل ڪيو آهي. هن چيو ته اميد آهي ته جلد ئي زرداري جي معاملي تي سچائي سامهون اچي ويندي پر ان جي نااهلي بابت ڪجهه به نٿا چئي سگهون پر اِهو ضرور آهي ته جلد ئي جيل ڀرجڻ شروع ٿي ويندا. اڄ نواز شريف جي باري ۾ جاري بيان تي ڳالهائيندي هن چيو ته نواز شريف جي دولت جي ڪري سندس پٽ اڄ پاڪستان ناهن آيا عدالت ۾ پيش ناهن ٿيا. نواز شريف هڪ ملڪ کي ٻه ارب ڊالرن جي آڇ ڪئي هئي. هن چيو ته نواز شريف مون کي آفر ناهي ڏني.

ڪو حيا آهي ڪو شرم آهي، مرادعلي شاهه استعيفيٰ ڏئي: شيخ رشيد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي هاڻي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ڪو حيا هوندو آهي ڪو شرم هوندو آهي، ڪرپٽ ماڻهن جي احتساب تائين ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته مارچ کان اڳ سمورا گندا آنا گڏ ٿي ويندا، 30 مارچ تائين ٻهارو ڦري ويندو. هن چيو ته آصف زرداري پٽ بلاول کي استعمال ڪري رهيو آهي، افسوس آهي ته بلاول به پنهنجي والد جي سياست پويان لڪي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته آصف زرداري جو ٻيو گهر جيل آهي، آصف زرداري جيل وڃي سمورن ڏوهارين سان واسطا قائم ڪيا، شهباز شريف جي معاملي تي وزيراعظم سان ڳالهائيندس. شيخ رشيد چيو ته چيف جسٽس ريلوي تي ٿورو ڪيو آهي، هن ڪيترائي سال پراڻن ڪيسن جي فيصلي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،ريلوي 28 سالن بعد اڄ ٻيهر زنده ٿي آهي، جڏهن ته رائل پام بابت فيصلو 4 جنوري تي اسلام آباد ۾ ٿيندو.

پيپلز پارٽي مراد علي شاهه جي استعيفيٰ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(م ڊ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مون کي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وجهڻ جو مقصد اِهو آهي ته صوبو بلڪل به ڪم بند ڪري ڇڏي، حڪومت چاهي ئي نٿي ته ڪو ڪم ڪيو وڃي ڇو ته هنن کي ڪم ڪرڻ اچي ئي نٿو. خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته مون ٻڌو آهي ته منهنجو نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو آهي پر هن وقت تائين فهرست ناهي ڏٺي، جڏهن کان وڏو وزير بڻيو آهيان تڏهن کان سرڪاري دورن کان سواءِ ڪيڏانهن به ناهيان ويو.  هن چيو ته منهنجي مٿان اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ جو الزام آهي پر مون وٽ ڪي اختيار آهن ئي نه جنهن کي آئون غلط استعمال ڪيان. پ پ اڳواڻ چيو ته هي ڪرڪيٽ جي راند ناهي پر سياست آهي، اي سي ايل ۾ نالو وجهڻ بيوقوفي ظاهر ڪندو آهي. حڪومت طرفان استعيفيٰ واري مطالبي جي حوالي سان سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته قانون ۾ ڪٿي لکيل آهي ته اي سي ايل ۾ نالو اچي وڃي ته استعيفيٰ ڏيڻي پوندي آهي؟ ڪهڙي قانون جي تحت استعيفيٰ گهري رهيا آهيون؟ هن وڌيڪ چيو ته اسان کي حڪومت جي خلاف ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت ناهي، انهن جون پنهنجون حرڪتون ئي اهڙيون جيڪي هنن کي ڪيرائي ڇڏينديون. گورنر راڄ جي حوالي سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته اِهي سڀ ڳالهيون رڳو ڳالهيون آهن، جيستائين وفاق ٺيڪ ڪم ڪندي ان جو ساٿ ڏينداسين جتي نه ڪندي اتي مخالفت ڪنداسين. پروگرام ۾ ڳالهائيندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته هن ملڪ ۾ ڪافي عرصي کان پوءِ جمهوريت آئي آهي، ڪيترين ئي ڪوششن کان پوءِ ملڪ ۾ هي سسٽم بڻيو آهي. وزير اعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي هن چيو ته عمران خان هڪ ڪٺ پتلي وزير اعظم آهي، حڪومت پنهنجي ناڪامي کي لڪائڻ جي لاءِ اهڙو ماحول بڻائي رهي آهي ته عوام باقي معاملن ۾ وچڙهيل رهي ۽ حڪومت کان ڪو به سوال نه ڪري، پي ٽي آءِ حڪومت ايتري عرصي ۾ ڪجهه ڊليور ناهي ڪيو. هن چيو ته پارليامينٽ هڪ وڏو ادارو آهي، ان کان وڏي ٻي ڪهڙي عدالت آهي، حڪومت معاملن کي پارليامينٽ ۾ ڇو نٿي کڻي اچي؟ پ پ اڳواڻ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن استعيفيٰ گهرڻ جي ڳالهه آهي ته عمران خان سڀني کان پهرين پاڻ استعيفيٰ ڇو نٿو ڏئي؟ اسان به هن کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيون ٿا. ان موقعي تي ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته اليڪشن ۾ ماڻهو گهڻيون ڳالهيون ڪري ويندا آهن، تحريڪ انصاف به عوام سان ڪيترائي واعدا ڪيا هئا پر هن وقتت ائين ڪجهه به نظر نه پيو اچي. هن چيو ته حڪومت پنهنجي ناڪامين کي لڪائڻ جي لاءِ مخالف ڌر کي ٽارگيٽ ڪري رهي آهي پر ثبوتن جي تحت ڪو به الزام ٿابت ناهي ٿيو ان ڪري حڪومت کي گهرجي ته ثبوتن کان سواءِ نه ڳالهائي، پاڪستان پيپلز پارٽي قانون جي تحت جدوجهد ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيستائين ڪو به الزام عدالت ۾ ثابت نٿو ٿي وڃي تيستائين ڪنهن کي جوابدار قرار نٿو ڏئي سگهجي، اسان حڪومت تي ڪو به جهيڙو نٿا چاهيون ان ڪري ان کي نظرانداز ڪري رهيا آهن، حڪومت کي گهرجي ته ملڪ جي اصلي مسئلن ڏانهن ڌيان ڏئي نه ته ڪرپشن بابت ويٺي روئندي رهي.

لاهور ۾ شادي هال بند ڪرڻ جي وقت ۾ هڪ ڪلاڪ واڌ جو حڪم

لاهور(م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته شادي هالن جي وقت ۾ هڪ ڪلاڪ واڌ ڪئي وڃي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ شادي هالن جي وقت ۾ هڪ ڪلاڪ واڌ بابت چيف جسٽس پاڪستان، لارڊ ميئر ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاهور جي وچ ۾ مڪالمو ٿيو. چيف جسٽس ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته لارڊ صاحب توهان شادي هالن جي وقت ۾ هڪ ڪلاڪ واڌ ڇو نٿا ڪيو؟ چيف جسٽس چيو ته هيڏانهن شام 8 کان رات 10 وڳي تائين شادي هالن جو وقت هوندو آهي ۽ هوڏانهن ٽريفڪ جام ٿيندي آهي، عورتون تيار ٿي سٺا ڪپڙا پائي جتن ڪنديون آهن ۽ ٽريفڪ ۾ ڦاٿل رهنديون آهن جڏهن شادي هال پهچنديون آهن ته بتيون ئي بند ٿي وينديون آهن. چيف جسٽس چيو ته شادي جي تقريب جي وقت ۾ پٺيان هڪ ڪلاڪ گهٽ ۽ اڳيان هڪ ڪلاڪ وڌائي ڇڏيو. ان موقعي تي ميئر لاهور چيو ته شادي جي تقريب جي وقت ۾ تبديلي جو اختيار به ڊي سي لاهور جو آهي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پٽ توهان ان تي غور ڪيو ۽ شادي هالن جي وقت ۾ هڪ ڪلاڪ واڌ ڪيو.

حڪومت جو جنوري جي وچ ۾ مني بجيٽ آڻڻ جو اعلان

اسلام آباد (رپورٽر) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جنوري جي وچ ۾ مني بجيٽ آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. وزير اعظم هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته مني بجيٽ ريونيو پيدا ڪرڻ جي لاءِ ناهيون آڻي رهيا. آءِ ايم ايف جي شرطن بابت ناڻي واري وزير ٻڌايو ته آءِ ايم ايف جي شرطن کان وڌيڪ سڌارن جي رفتار ۽ رخ اهم آهي، ناڻي واري وزارت هن وقت تائين جيڪي به فيصلا ڪيا، انهن جو آءِ ايم ايف جي شرطن سان ڪو به تعلق ناهي. اسد عمر جو چوڻ هو ته پي آءِ اي ۽ اسٽيل مل جي بحالي جي لاءِ جنوري جي آخري تائين پلان سامهون اچي ويندو، اِهو طئي ٿي ويندو ته ٻنهي ادارن کي ڪيئن بحال ڪيو وڃي، انهن ادارن جي بحالي جي لاءِ گرينڊ حڪمت عملي بڻائي رهيا آهيون.

سنڌ اين ايف سي لاءِ ميمبر نامزد ڪيو آھي : اسد عمر

اسلام آباد )رپورٽر)آخرڪار سنڌ درڪار اين ايف سي ڪميشن لاءِ ميمبر نامزد ڪري ڇڏيو آھي سنڌ صوبي مان نامزدگي بعد وفاقي ناڻي وزارت اٺين اين ايف سي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ ڏھين اين ايف سي ڪميشن قائم ڪرڻ لاءِ سمري صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي اماڻي ڇڏي آھي ناڻي وزير اسد عمر صحافين سان ڳالهائيندي چيو آھي ته سنڌ صوبي مان نامزدگي ملي آھي اين ايف سي ڪميشن قائم ڪرڻ لاء سمري صدر کي اماڻي آھي جيئن صدر اين ايف سي ڪميشن قائم ڪري ٿو ،اين ايف سي ڪميشن جو فوري اجلاس طلب ڪيو ويندو هن چيو ته مان ارڙھين ترميم جي حق ۾ آھيان آئين تحت صوبن جو وسيلن ۾ موجود حصو گهٽ نٿا ڪري سگهون پر تمام وڏا خرچ هاڻي به وفاق جي ذمي آھن ارڙھين ترميم تحت جيڪي شعبا صوبن کي مليا آھن انهن تي صوبن کي خرچ ڪرڻ گهرجي ان حوالي سان اين ايف سي ڪميشن ۾ صوبن سان گالھ ٻول ٿيندي ياد رهي ته سنڌ صوبي کان سوا باقي ٽي صوبا اين ايف سي ڪميشن ۾ پهنجا ميمبر نامزد ڪري چڪا ھئا رڳو سنڌ صوبي مان نامزدگي باقي هئي جيڪا ٿي وئي آھي.

شهبازشريف نواز دور جي آڊٽ اعتراضن کان ڌار، معاملو ذيلي ڪاميٽين حوالي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي پهرين اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) جي دور حڪومت جي آڊٽ اعتراضن کان پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شهباز شريف الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪندي مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي آڊٽ اعتراضن کي ڏسڻ لاءِ 3 سب ڪميٽيون ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پبلڪ ڪائونٽس ڪميٽي جو پهريون اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ سيد نويد قمر، شيري رحمان، حنا رباني کر، رانا تنوير، فخر امام، شيخ روحيل اصغر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سيڪريٽريٽ پاران ڪميٽي کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي دائري ۽ ڪم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته چوڌري نثار علي خان جي دوري ۾ 9 آڊٽ رپورٽون قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويون. چوڌري نثار علي خان جي دور ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جا 404 اجلاس ٿيا، ان جي دور ۾ 117 ارب 89 ڪروڙ 40 لک روپين جون وصوليون ڪيون ويون جڏهن ته نديم افضل چن جي سربراهي دوران پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جا 174 اجلاس ٿيا ۽ 30 ارب 90 ڪروڙ 30 لک روپين جون وصوليون ڪيون ويون. نديم افضل چن جي سربراهي ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ نيب کي 33 ۽ ايف آءِ اي کي 13 مامرا انڪوائري لاءِ موڪليا. سيد خورشيد احمد شاهه جي دوري ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي 456 اجلاس ڪيا، ان دور ۾ 355 ارب 60 ڪروڙ روپيا وصول ڪيا ويا. سيد خورشيد احمد شاهه جي دور ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي 168 مامرا نيب ۽ 56 مامرا ايف آءِ اي کي جاچ لاءِ اماڻيا. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي نيب کان سومر يا اڱاري تي انهن ڪيسن بابت ٿيل اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. جڏهن ته اجلاس ۾ ايف آءِ اي جون گريڊ 19 کان گهٽ گريڊ 18 جو آفيسر شريڪ ٿيڻ تي پبلڪ اڪائونٽس جي ميمبرن سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي هدايت ڪئي ته آئينده اجلاس ۾ ڪنهن به وزارت جو گريڊ 19 جو گهٽ آفيسر شرڪت لاءِ نه اچي. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مسلم ليگ (ن) جي دور حڪومت جي آڊٽ اعتراضن جي جائزي لاءِ 3 کان 4 سب ڪميٽيون ٺاهيون وينديون. شهباز شريف جو چوڻ هو ته مسلم ليگ (ن) جي دور جي آڊٽ اعتراضن کي مان نه ڏسندس جيڪو طئه ٿيو آهي ته ان تي عمل ڪنداسين اسان جي دور جي آڊٽ پيرائن جي جائزي لاءِ سب ڪميٽيون ٺاهيون وينديون. هن چيو ته پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد لاءِ مانيٽرنگ ڪميٽي ٺاهي ويندي، جڏهن ته عوامي نوعيت جي شڪايتن توڙي معامرن تي پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي ڪارروائي ڪندي. پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي سومر ڏينهن آڊٽ پيرائن بابت آڊيٽر جنرل کان بريفنگ طلب ڪري ورتي آهي. اجلاس دوران ڳالهائيندي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شهباز شريف چيو ته اسان جو مشن بنا فرق جي احتساب هوندو، ڪنهن جي به طرفداري نه ڪنداسين. ماضي ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ هي ڪميٽي به غير معمولي اهميت جوڳي آهي. مان اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙ تمام ميمبرن جي آجيان ڪيان ٿو. ڪميٽي جو ڪم قانون مطابق ٽيم ورڪ جي ذريعي ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ميڊيا ۾ خبرون هلائڻ جو فورم نه آهي. اجلاس دوران پي اي سي جي ميمبر فخر امام چيو ته نيب ۽ ايف آءِ اي کي جانچ لاءِ ڪيس موڪلڻ جو طريقيڪار ڇا آهي. تنهن تي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سيڪريٽري کيس ٻڌايو ته اهو پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي صوابديد تي آهي. (ن) ليگ جي روحيل اصغر چيو ته مان اڳ واري پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو ميمبر به هوس جيڪي ڪيس نيب ۽ ايف آءِ اي کي موڪليا ويا هئا ان جو نتيجو ڇا نڪتو. جنهن تي سيڪريٽريءَ ڪميٽي کي ٻڌايو ته هن وقت نيب ۾ 11 ڪيسن جي جانچ ۽ 17 جي انڪوائريون هلندڙ آهن. حنا رباني کر چيو ته گلف ڪلب جا مجرم اڃان تائين گرفتار نه ٿيا آهن نيب ۽ ايف آءِ اي اڄڪلهه گهڻا سرگرم آهن. روحيل اصغر چيو ته ڇا نيب سومر ڏينهن مڪمل رپورٽ ڏيندي يا بھانو بنايو ويندو. جنهن تي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين اڱاري تي نيب کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. اهڙي ريت ان بعد ايف آءِ اي کي به بريفنگ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اجلاس دوران پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي چوڌري نثار ۽ سيد خورشيد شاهه جي دوري ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ڪم بابت تعريف ڪئي.

اي سي ايل ۾ شامل ڪيل 172 نالن ۽ عھدن جي مڪمل فهرست

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) مني لانڊرنگ بابت جاچ جندڙ جي آءِ ٽي جي رپورٽ تحت وفاقي سرڪار جن 72 اهم شخصيتن جي نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا آهن. اُهي هيٺين ريت ترتيبوار ڏنا ويا آهن.
عبدالغني انصاري، اومني گروپ جي عبدالغني مجيد، پنڪ ريزيڊنسي جي عبدالجبار، سنڌ واسي عبدالمومن ڏاهري، چاچڙ اينڊ سنسز جي عبدالقدوس چاچڙ، ابوبڪر، عديل شاهه راشدي، آفتاب حسين پٺاڻ، توانائي جي سيڪريٽري آغا واصف، احسن احسن، سمٽ بينڪ جي صدر احسن رضا دراني، سنڌ بينڪ جي صدر احسن طارق، ايڪسيئن سنڌ ڪول اٿارٽي علي اڪبر ابڙو، ايس اِي سي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر علي عظيم اڪرام، اومني گروپ جي علي ڪمال مجيد، ايم پي اي علي نواز مهر، عامر پٽ محمد الياس، ڪمرشل اينڊ ريٽيل جي سربراهه عامر صديقي، امجد آفتاب ۽ اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد خواجا جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا.
اشفاق احمد لغاري، ٿڌاڻي انٽرپرائيزز جي اشوڪ چتر ٿڌاڻي، اشرف ڊي بلوچ ڪنسٽرڪشن جي شهزاد جتوئي، اڳوڻي صدر ۽ ايم اين اي آصف علي زرداري، حوالا ڊيلر بشارت محمود، سنڌ بينڪ جي صدر بلال شيخ، پ پ چيئرمين ۽ ايم اين اي بلاول ڀٽو زرداري، دائود خان، دائود مورڪس، احسان علي چوڌري، احسن الاهي، سيد عامر شهزاد، فهد حسين، فهد سلطان احمد، فرمان علي، ايم پي اي فريال ٽالپر، غلام حسين، غلام مصطفيٰ ميمڻ، سيڪريٽري لينڊ يوٽلائيزيشن غلام مصطفيٰ ڦل، غلام قادر، غلام النبي، حافظ ربنواز اينڊ ڪمپني جي حافظ ربنواز، حاجي مريد اڪبر، حاجي سراج دين سومرو، حماد شاهد، حارس اينڊ ڪمپني جي حارس ۽ سي اي او ايس ٽي ڊي سي حسن رضا عباسي جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا ويا.
چيئرمين پي ڊي ايس آءِ ڊي حسن ميمڻ، سمٽ بينڪ جي سربراهه حسين لوائي، عمران حيدر، عمران خان پٽ ظهير خان، عمران منصور علي جيواڻي، سنڌ جي توانائي جي وزير امتياز شيخ، مدني ٽي وي جي اقبال احمد خان، عرفان سليمان، جگديش جڳديش، نياز محمد خان اينڊ برادرس جي جهانزيب خان، جسوت ڪمار، ڪامران علي، ڪنول ڪمار، ڊپٽي ڪمشنر ملير قاضي جان محمد، خالد حسين، خالد مسعود چنا، اومني گروپ جي چيف آفيسر خواجا ايم سلمان يونس، خدا بخش ڪرٽيو، خرم نياز، سي اي سو ايم اي ڪنسلسٽنٽ خورشيد جمالي، پنڪ ريزيڊنسي جي اسلم قريشي، ايم عمير، گئليڪسي ڪسنٽرڪشن جي ڊاڪٽر دنشا، مجين فاطمه، بحريه ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض، ڊي جي ايس بي سي اَي منظور قادر ڪاڪا، مسعود نقوي، مسعود الحسن، نيشنل بينڪ جي هيڊ ڪارپوريٽيڊ مسعود ڪريم شيخ، مئراج، محمد منعاف، سنڌ بينڪ جي مينيجر ثروت عظيم، محمد افضل، محمد احسن، محمد اعجاز هارون، محمد اڪمل، ايم اي سي انجنيئرنگ محمد علي چنا جا نالا اي سي ايل جي فهرست ۾ شامل آهن.
اومني گروپ جو محمد عارف خان، محمد اسد علي، نور محمد مغل جو پُٽ محمد اشرف مغل، محمد آصف، محمد فيصل پُٽ عبدالحبيب، محمد حنيف پُٽ شڪور، اومني جو ملازم محمد حسن بروهي، محمد عمران، محمد اقبال، ودود انجنيئرنگ جو محمد طيب اقبال، اوسز ڊرلنگ ڪارپوريشن جو محمد جهانگير يوسف، محمد جلال، محمد جاويد علوي، سنڌ بئنڪ جو مئنيجر محمد اختر احمد، محمد مشتاق پُٽ عبدالعزيز، محمد نعيم، سمٽ بئنڪ جو آپريشن مئنيجر محمد ناصر شيخ، محمد قدير، محمد رديف قريشي، محمد رفيق قريشي، محمد رشيد، محمد ساجد، محمد شبير، محمد شهزاد عالم، محمد سهيل، محمد طاهر محمود، محمد يوسف، وسيم بلڊرز جو محمد وسيم، محمد ياسين، پارڪ لين پرائيويٽ لميٽيڊ جو محمد يونس ڪدوائي، محمد يوسف، محمد يوسف عباسي پُٽ فجو خان عباسي، پنڪ ريزيڊنسي جو محمد يوسف ايڌي، ايم پي اي مڪيش چاولا، اومني گروپ مصطفيٰ ذوالقرنين ماجد، پيرامائونٽ بلڊرز جو نديم احمد خان، سنڌ بئنڪ جو گروپ هيڊ ڪريڊٽ نعيم الطاف ۽ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جو سربراهه نديم انور الياس جا نالا شامل ڪيا ويا آهن.
نديم حاڪم الدين مانڊوي والا، رياض لالجي، نويد اقبال، اومني گروپ جي نازلي مجيد، اومني گروپ جو نمر مجيد خواجه، ايڊيشنل سيڪريٽري فنانس نثار احمد شيخ، اڳوڻو وڏو وزير قائم علي شاهه، رائو محمد خالد، صاحبزاده ذيشان رحمان، سيف الدين، ٽيڪنومين ڪائنيٽڪس پرائيويٽ لميٽڊ جو سيد آصف محمود، سجاول خان، ساجد حسين، ساجد عباسي، سلمان سلمان، سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن ثاقب سومرو، سردار احمد، سعد سُمير، شبير وزير خان، شاهد علي، شاهد علي پُٽ محمد سلطان، شهزاده ڪامران انصاري، شيخ فيض الرحمان پُٽ شيخ منصور الحق، سراج شاهد پُٽ محمد شاهد، ايم پي اي سهيل انور سيال، سيڪريٽري فنانس سهيل راجپوت، نيشنل بئنڪ جو صدر سيد علي رضا، ٽيڪنومين ڪائنيٽڪس پرائيويٽ لميٽيڊ سيد عارف علي، سيد اسد عباس زيدي پُٽ توقير حسين زيدي، سيد ڪاشف رضا پُٽ سيد علي نقي اعجاز، وڏو وزير مراد علي شاهه، سيد نصرت علي پُٽ سيد ثروت علي، علي حسن زرداري پُٽ مير خان زرداري، ايس ٽي ڊي سي ڊائريڪٽر سيد شاهنواز نادر، سيڪريٽري انڊسٽريز سيد ضمير حيدر، ٽيڪنومين ڪائنيٽڪس اومني جو سيد زيشان علي وارسي، طٰحه رضا پُٽ نقي رضا، ايس اي سي پي جو وقت چيئرمين طاهر محمود، ايم بي سي اينڊ سنز جو طارق عزيز چنا، طارق بيگ پُٽ مرزا رب بخش، اي ون انٽرنيشنل جو طارق سلطان، ووڊ انجنيئرنگ جو سي اي او عذير تحسين، سمٽ بئنڪ جو ظهير اسماعيل، ذيشان احمد پُٽ محمد اقبال ۽ ميمبر آر اينڊ ايس (بي او آر) ۽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ايس اي سي پي عابد حسين جا نالا شامل ڪيا ويا آهن.

سنڌ ۾ فارورڊ بلاڪ ٺهي پيو، مراد علي شاهه استعيفا ڏئي: وفاقي وزير

سنڌ مان مني لانڊرنگ ۾ وڏو گند نڪتو، مراد علي شاهه کي استعيفا ڏيڻ گهرجي:شيخ رشيد

پ پ ۾ فارورڊ بلاڪ ٺهي پيو، (فيصل واوڊا) اي سي ايل ۾ نالا وجهڻ ايگزيڪيوٽو جو فيصلو آهي عدليا جو نه:فواد چوڌري
شيخ رشيد ۽ فيصل واودا پريس ڪري رھيا آھن

لاهور/ ڪراچي (م ڊ) وفاقي وزير وڏي وزير مراد علي شاهه کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سنڌ ۾ جلد فارورڊ بلاڪ ٺهڻ جي دعويٰ، لاهور ۾ ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد فيصل واوڊا سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران اهم مطالبو ڪيو، شيخ رشيد چيو آهي ته ڪو شرم هوندو آهي، ڪو حيا هوندو آهي، مراد علي شاهه کي هاڻي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، ايترو وڏو گند نڪتو آهي، ايترو بدبودار مواد نڪتو آهي جو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مزار به اڄ ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي، هن چيو ته هنن چورن کي 7 سال سزا ملي، اسانجي ڪرپشن ثابت ٿئي ته 14 سال سزا ملڻ گهرجي، اسان چاهيون ته هر ان شخص جي جاچ ٿيڻ گهرجن جا احتساب عدالت ۾ ڪيس آهن، هن چيو ته بلاول جي تقرير تي گهڻو پريشان آهيان، منهنجو خيال هو ته هو وڏو ٿي ويو آهي پيءُ جي پچ تي نه کيڏندو، پيءُ جي سياست جي واٽ نه وٺندو پر آصف زرداري پٽ کي استعمال ڪري رهيو آهي، هن چيو ته آصف زرداري جو ته جيل ٻيو گهر آهي، هن جي ڏوهن ۾ پي ايڇ ڊي ٿيل آهي، زرداري جا پوري دنيا جي ڏوهارين سان رابطا آهن، اها ڳالهه آئون ذميواري سان چوان ٿو پر آصف زرداري بلاول کي استعمال پيو ڪري، جنهن تي افسوس آهي، شيخ رشيد چيو ته هنن ملڪ لٽيو آهي، هر طرف بک ۽ بدحالي آهي، ان موقعي تي فيصل واوڊ ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي ۾ فارورڊ بلاڪ ٺهي سگهي ٿو، ماڻهو رابطي ۾ آهن، هن چيو ته نوازشريف عدليا ۽ فوج کي بدنام ڪيو، نواز مودي جو وڏو دوست آهي، ايل او سي تي فائرنگ ۾ به نوازشريف ملوث هو، ڊان ليڪس ياد آهي، هن ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال تي ڳالهائيندي چيو ته علي رضا عابدي جي واقعي تي افسوس آهي، ڪراچي ۾ امن امن کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو، دهشتگرن کي انجام تائين پهچائينداسين. هن چيو ته ڪراچي ۾ ڪجهه ماڻهن کي واڇ ڪري ٻيهر اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اها ناڪام ٿي، شهر جو امن خراب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، هوڏانهن سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نواز ۽ زرداري جي ڪرپشن جو ڪاٿو تمام وڏو آهي، هنن حڪومتي اختيارن کي غلط استعمال ڪري پئسا ٺاهيا ويا، وفاقي وزير فواد چوڌري هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ي سي ايل ۾ نالو شامل ڪرڻ ايگزيڪٽو جو فيصلو آهي، عدليا جو نه، نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش رڳو ايف آءِ اي نه پر جي آءِ ٽي جي آهي، گهرو وزارت جي ذريعي ايجنسي نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي، هن چيو ته انويسٽيگيشن ايجنسيون فيصلو ڪنديون آهن ته نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻو آهي يا نه، هن چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف نيب جا وڏا ڪيس ناهن، ٻن وزيرن الزام تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

اوگرا پاران پيٽرول ساڍا 9 ۽ ڊيزل 15 رپيا لٽر سستو ڪرڻ جي سفارش

لائيٽ اسپيڊ ڊيزل 2 رپيا ۽ گاسليٽ 25 پئسا سستو ڪرڻ جي تجويز

اوگرا پاران سمري وفاقي سرڪار حوالي، فائنل منظوري ناڻي وزارت ڏيندي

اسلام آباد (رپورٽر) اوگر پيٽرول ساڍا 9 رپيا في ليٽر سستو ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، اوگرا جنوري کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ۾ 15 رپين تائين لاٿ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي، اها سمري وفاقي سرڪار کي اماڻي وئي آهي، اوگرا طرفان اماڻيل سمري ۾ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 15 رپين گهٽائي جي سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته لائيٽ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا، گاسليٽ جي قيمت ۾ 25 پئسا گهٽتائي جي سفارش ڪئي وئي، ناڻي واري وزارت 31 ڊسمبر تائين پيٽروليم قيمتن بابت فيصلو ڪندي.

سُپريم ڪورٽ: پاڪستان ۾ اسڪول هلائيندڙ تُرڪ تنظيم دهشتگرد قرار

پاڪ ترڪ ڪيگ ايجوڪيشن فائونڊيشن جا اڪائونٽس منجمد ڪرڻ جو حڪم

وفاقي حڪومت تنظيم جي 28 اسڪولن جا انتظام ترڪي سان معاهدي پٽاندڙ پاڻ سنڀالي: سُپريم ڪورٽ

اسلام آباد (رپورٽر) سُپريم ڪورٽ پاڪستان ۾ پاڪ تُرڪ ڪيگ انٽرنيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيندي وفاقي سرڪار کي حڪم ڏنو آهي ته وفاقي حڪومت پاڪستان ۾ هن تنظيم تحت هلندڙ 28 اسڪولن جا انتظام پاڪستان ۽ ترڪي جي حڪومتن وچ ۾ ٿيل معاهدن پٽاندڙ سنڀالي. سُپريم ڪورٽ طرفان لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ تنظيم جا سمورا اڪائونٽس منجم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ڪيگ انٽرنيسنل ايجوڪيشن فائونڊيشن جا سمورا اڪائونٽس منجمد ڪيا وڃن، جڏهن ته حڪومت کي فتح الله تنظيم کي به ڪالعدم قرار ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

آرمي چيف 22 دهشتگردن جي ڦاھي سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف 22 دهشتگردن کي موت جي سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي، آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا 22 خطرناڪ دهشتگردن جي موت جي سزا منظوري ڪئي آهي، آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي ڪاررواين ۾ پاڪ فوج جي 19 جوانن سميت 176 ماڻهو شهيد ٿيا هئا، 217 ماڻهو زخمي ٿيا هئا، جڏهن ته فوجي عدالت ۾ ٻن جوابدارن کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي ازاد ڪيويو، آرمي چيف 15 وڌيڪ سزا مليل دهشتگردن کي جيل موڪلڻ جي به منظوري آهي.

سنڌ مان رڙيون اچن پيون،مني لانڊرنگ خلاف آپريشن جو اعلان

ساليانو 10 ارب جي مني لانڊرنگ ٿئي پئي، آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي جلدي ناھي: عمران خان

وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (رپورٽر) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سنڌ مان ڪالهه کان رڙيون اچڻ شروع ٿي ويون آهن، مني لانڊرنگ خلاف ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو آپريشن ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، وزيراعظم آفيس ۾ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان مان ساليانو 10 ارب ڊالرز جي مني لانڊرنگ ٿئي ٿي، سمورن مسئلن جو سبب بي انتظامي آهي، ماضي ۾ بنيادي ڍانچي جي سڌاري تي ڪنهن به ڌيان نه ڏنو، هن چيو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جا جلدي ناهي، آءِ ايم ايف بهتر شرطن تي پاڪستان کي قرض ڏيندو، واضع ڪريان ٿو هاڻي ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جو بحران ناهي، مني بجيٽ عوام دشمن نه هوندي، غربت جي خاتمي جي وڏي پروگرام جو جلد اعلان ڪندس، هن چيو ته ڀارت ۾ هاڻي پاڪستان سان بهتر لاڳاپن تي بحٿ شروع ٿي ويو آهي.