fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

پاڪستان ۾ 2 هم جنس پرست عورتن جو ڪيس پهريون ڀيرو سامهون

لاهور جي مناوان واسڻ صوبيا پنهنجي سهيلي شيزا کي زال طور پاڻ سان ترسايو

ناري کي وارث واپس وٺي ويا، مناوان ٿاڻي تي والدين خلاف اغوا ڪيس داخل ڪيو ويو

لاهور (م ڊ) لاهور ۾ ٻن هم جنس پرست عورتن جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو. سيشن ڪورٽ لاهور ۾ مناوان جي صوبيا پنهنجي سهيلي شيزا کي زال بڻائي پاڻ سان گڏ رکيو. والدين جي ناري کي واپس آڻڻ تي صوبيا ٻيهر شيزا کي وٺي پاڻ سان گڏ رهايو. مناوان ٿاڻي ۾ سندس والدين خلاف اغوا جو ڪيس داخل پڻ ڪرايو ويو. صوبيا ۽ شيزا مناوان جون رهواسڻ آهن، شيزا جي ماءُ عاصمه موجب شيزا هڪ مدرسي ۾ ويندي هئي جتي صوبيا شيزا سان دوستي ڪري ورتي، سندن ايڏي وڌي وئي جو ٻئي هڪ ٻئي کانسواءِ نه رهنديون هيون، شيزا جي گهر کاڻ وڃڻ تي خبر پئي ته صوبيا کيس زال بڻائي رکيو آهي. هن چيو ته هوءَ شيزا کي واپس وٺي آئي ته کيس جواب ڏنو ويو ته اها سندس گهرواري آهي، کيس نه ٿي ڇڏي سگهي، هن منهنجي ۽ خاندان خلاف مناوان ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آهي. هوڏانهن خانگي ٽي وي چينل موجب صوبيا جيماءُ عاصمه ۽ ٻين ڀاتين ٻنهي جون تصويرون کڻي سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيا، عدالت ۾ بابر علي ايڊووڪيٽ ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪئي، سندس چوڻ آهي ته عورت عورت سان شادي نه ٿي ڪري سگهي، اسلامي قانون اجازت نه ٿو ڏئي، پوليس والدين خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪيو. ايڊيشنل سيشن جج انوکي ڪيس ۾ والدين ۽ سڄي خاندان جون وقتي ضمانتون 7 جنوري تائين منظور ڪندي مناوان پوليس کان رپورٽ طلب ڪئي.

سُپريم ڪورٽ: پاڪستان ۾ اسڪول هلائيندڙ تُرڪ تنظيم دهشتگرد قرار

پاڪ ترڪ ڪيگ ايجوڪيشن فائونڊيشن جا اڪائونٽس منجمد ڪرڻ جو حڪم

وفاقي حڪومت تنظيم جي 28 اسڪولن جا انتظام ترڪي سان معاهدي پٽاندڙ پاڻ سنڀالي: سُپريم ڪورٽ

اسلام آباد (رپورٽر) سُپريم ڪورٽ پاڪستان ۾ پاڪ تُرڪ ڪيگ انٽرنيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيندي وفاقي سرڪار کي حڪم ڏنو آهي ته وفاقي حڪومت پاڪستان ۾ هن تنظيم تحت هلندڙ 28 اسڪولن جا انتظام پاڪستان ۽ ترڪي جي حڪومتن وچ ۾ ٿيل معاهدن پٽاندڙ سنڀالي. سُپريم ڪورٽ طرفان لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ تنظيم جا سمورا اڪائونٽس منجم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ڪيگ انٽرنيسنل ايجوڪيشن فائونڊيشن جا سمورا اڪائونٽس منجمد ڪيا وڃن، جڏهن ته حڪومت کي فتح الله تنظيم کي به ڪالعدم قرار ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

نئن گاج ڊيم جي اڏاوت: سُپريم ڪورٽ وفاقي سرڪار کان ٽائيم شيڊول طلب ڪري ورتو

جيڪڏهن عدالت مداخلت نه ڪري معاملا رولڙي جو شڪار ٿي ويندا آهن: چيف جسٽس

سنڌ سرڪار کي منڇر ڍنڍ سبب منصوبي تي خدشا آهن: وفاقي سرڪار
گاج ڊيم

اسلام آباد ( ن پ ا ) سپريم ڪورٽ وفاقي سرڪار کان نئن گاج ڊيم جي اڏاوت بابت ٽائيم شيڊول طلب ڪري ورتو.
سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ نئن گاج ڊيم جي اڏاوت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران وفاقي وزير خسرو بختيار ۽ فيصل واوڊا پيش ٿيا، چيف جسٽس چيو ته اوهان کي افتتاح ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي، اسان کي ڊيم جي اڏاوت جو ٽائيم فريم ڏيو.
وفاقي وزير خسرو بختيار چيو ته پاڻي وسيلن کي خاص اهميت ڏئي رهيا آهيون، ڀاشا ۽ مهمند ڊيم به اسان جي ترجيح ۾ شامل آهن، سنڌ سرڪار کي منڇر ڍنڍ سبب منصوبي تي خدشا آهن، چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن عدالت مداخلت نه ڪري معاملا رولڙي جو شڪار ٿي ويندا آهن.
وفاقي وزير خسرو بختيار چيو ته نئن گاج ڊيم لاءِ ناڻي ۽ پاڻي بجلي وارين وزارتن سان رابطو ڪري رهيا آهيون، چيف جسٽس چيو ته ڪابينا ڇا جي هوندي آهي، اوهان پنهنجي ساٿي وزير سان سڌي ڳالهه ڪري سگهو ٿا، پاڻي ۽ صحت جي معاملن ۾ دير برداشت نه ڪيو ويندو، سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ کڻي هلو.
چيف جسٽس هدايت ڪئي ته بيوروڪريسي جي معاملن جي ڪري معاملو رولڙي جو شڪار نه ٿئي

جعلي اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس سومر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪندي

سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( ن پ ا ) سپريم ڪورٽ ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ايندڙ سومر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪندي اڳوڻي صدر آصف زرداري سميت نوٽيس جاري ڪيا ويا.
سپريم ڪورٽ ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ۽ جسٽس اعجاز الاحسن تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ 31 ڊسمبر سومر ڏينهن ڪندي.
سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف زرداري، سندس ڀيڻ فريال ٽالپر، بحريه ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض، زين ملڪ، انور مجيد، عبدالغني مجيد، نمر مجيد ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، اٽارني جنرل، جي آءِ ٽي سربراهه ۽ ميمبرن، پراسيڪيوٽر جنرل نيب، آءِ جي سنڌ، آءِ جي جيلز کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا.

سڄي پنجاب ۾ بنا هيلمٽ وارن کي پيٽرول ڏيڻ تي پابندي

هيلمٽ نه پائيندڙ موٽرسائيڪل سوارن کي پيٽرول نه ڏنو وڃي: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور ( م ڊ ) لاهور هاءِ ڪورٽ سڄي پنجاب ۾ بنا هيلمٽ وارن موٽرسائيڪل سوارن کي پيٽرول ڏيڻ تي پابندي لڳائيندي پيٽرول ڏيندڙ پمپس سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
لاهور هاءِ ڪورٽ هيلمٽ جي استعمال کي يقيني بڻائڻ لاءِ نئون حڪم جاري ڪري ڇڏيو، سڄي پنجاب ۾ هيلمٽ نه پائيندڙ موٽرسائيڪل سوارن کي پيٽرول نه ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس علي اڪبر قريشي حڪم ۾ چيو ته بنا هيلمٽ وارن موٽرسائيڪل سوارن کي ڪنهن به پيٽرول پمپ تي پيٽرول نه ڏنو وڃي.
جسٽس علي اڪبر حڪم ڏنو ته بنا هيلمٽ وارن موٽرسائيڪل سوارن کي پيٽرول فراهم ڪندڙ پمپس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ پمپس کي سيل ڪيو وڃي.

”سائل رُلي ويا“ ملير ۾ قانون جا محافظ ۽ قانوندان آمهون سامهون، ايس ايس پي ملير جي نگراني ۾ ڌُرين وچ ۾ اڄ ڳالھيون ڪرائڻ جو فيصلو

ملير بار طرفان ايس ايڇ او کي نه هٽائڻ جي صورت ۾عدالتي ڪارروائين جي بائيڪاٽ جو چتاءُ

شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او زيادتي ڪئي آهي: وڪيل سڪندر شر

ملير (ن پ ا) ملير جي شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او طرفان ملير بار جي نائب صدر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ کيس گرفتار ڪرڻ کانپوءِ پوليس ۽ وڪيلن ۾ پيدا ٿيل تڪرار شدت اختيار ڪري ويو. ملير بار ڪائونسل ايس ايڇ او معطل نه ٿيڻ جي صورت ۾ اڄ به عدالتي ڪارروائين جي بائيڪاٽ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او نيڪ محمد کوسو ملير بار جي نائب صدر ۽ سينيئر وڪيل سڪندر شر خلاف شراب نوشي جو ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪري ورتو. ملير بعد ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ ڇاپو هڻي پوليس طرفان باندي بڻايل وڪيل کي ڇڏائي ورتو. روزاني ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي وڪيل سڪندر شر چيو آهي ته ايس ايڇ او شاهه لطيف ٽائون کيس انتقامي ڪارروائين جو نشانو بڻائي رهيو آهي. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ عمر ماروي ڳوٺ ۽ گرين سٽي سوڌو ملير جي مختلف علائقن مان ڦر ٿيل گاڏين جي حوالي سان ڊي ايس پي کي اطلاع ڏيڻ تي ايس ايڇ او نيڪ محمد کوسو مڇرجي پيو، جنهن بعد مون تي شراب نوشي جو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب ايس ايس پي پوليس توڙي وڪيلن کي معاملي تي ڳالهائڻ کان روڪيندي چيو آهي ته اڄ ڌُرين وچ ۾ ڳالهيون ڪري معاملو نبيريو ويندو. وڪيل سڪندر شر چيو آهي ته ايس ايڇ او شاهه لطيف ٽائون کي عهدي تان هٽائڻ تائين هڙتال ۽ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ختم نه ڪيو ويندو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن به وڪيلن طرفان پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو هو. گذريل ڏينهن وڪيلن طرفان عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪرڻ سبب ڪيترن ئي ڪيسن جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي ۽ سائل ٻڌڻين جي انتظار ۾ رُلي ويا. ذريعن چيو آهي ته اڄ به جيڪڏهن عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ جاري رهيو ته ملير ڊسٽرڪٽ ڪورٽ سوڌو ضلعي جي ٻين عدالتن ۾ به ڪيترائي ڪيس التوا جو شڪار ٿي ويندا.

ريلوي جي زمين تي هائوسنگ سوسائٽيز ٺاهڻ تي پابندي لاڳو

سپريم ڪورٽ رائل پام ڪلب لاهور جي انتظاميا کي ٽوڙي ڇڏيو

رائل پام وارا ايترا بااثر آهن جو اڌ ملڪ انهن جي ڳالهه مڃندو آهي: چيف جسٽس
سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري

لاهور( م ڊ ) سپريم ڪورٽ ريلوي جي زمين تي هائوسنگ سوسائٽيز ٺاهڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي، لاهور جي رائل پام ڪلب جي انتظاميه کي ٽوڙي سمورو رڪارڊ تحويل ۾ وٺڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ريلوي جي زمين ليز تي ڏيڻ خلاف پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت رائل پام بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي سمورن حڪمن کي غير اثرائتو ڪندي حڪم ڏنو ته ريلوي بابت ڪو به رڪارڊ پام ڪلب مان ٻاهر نه ويندو.
سپريم ڪورٽ رائل پام لاهور جي انتظاميه کي ٽوڙي فرگوسن چارٽرڊ ڪمپني کي ڪلب جي نئين انتظاميه قرار ڏئي ڇڏيو ۽ ان کي سمورو ريڪارڊ فوري طور پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ جو حڪم ڏنو.

ڪنڌڪوٽ ۾ قبرستان جي ڀت جو ڪم مڪمل ڪرڻ جو حڪم

ڪنڌڪوٽ(ن پ ا) ڪنڌڪوٽ جي عدلات سهرياڻي قبرستان کي ڀت ڏيڻ وارو ڪم مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سول جج محمد اشرف ڏاهراج واٽر ڪميشن سربراهه جسٽس (ر) امير هاني مسلم جي هدايت تي معاملي تي ٻڌڻي ڪئي. ايس ڊي او بلڊنگ نظير احمد ملڪ، ٺيڪيدار رانا عبدالغفار راجپوت پيش ٿيا. عدالت ٻنهي عملدارن کي 5 جنوري تي ڪم مڪمل ڪري لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. عدالتي حڪم ۾ اهو به چيو ويو ته جيڪڏهن ڏنل تاريخ تائين ڪم مڪمل نه ٿيو ته عملدارن کي جيل موڪليو ويندو.

ڪنڌڪوٽ جي عدالت پاران قتل ڪيس جي ٽن جوابدارن جي ضمانت رد

ڪنڌڪوٽ (ن پ ا)فرسٽ ايڍيشنل سيشن جج مسٽرنديم بدرقاضي جي عدالت قتل ٿيل عورت سرتاج خاتون جي ڪيس ۾ ضمانت تي ٽن جوابدارن گل محمد،پرويز ۽ محمد بخش گولو جي ضمانت رد ڪري ٽنھي جوابدارن کي شڪارپور جيل اماڻي ڇڏيو .مذڪوره ڪيس نمبر172“ 2016 قتل ڪيس ۾ مقتولا جو مڙس سچل گولو پڻ فريادي آھي،جنھن جو ڪيس ھلندڙھو .جنھن تي عدالت ٽنھي جوابدارن کي جيل موڪلي ڇڏيو.

ملير جي جج جو ٿاڻي تي ڇاپو: وڪيل سڪندر شر بازياب: ھڙتال، عدالتي ڪارروائين جو بائڪاٽ

پوليس خلاف جمعي تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان، عدالتي ڪارروائين جو بائڪاٽ ڪبو

ملير پوليس سڪندر شر کي گرفتار ڪري قانون جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا آهن: ملير بار ايسوسيئيشن

ملير (رپورٽر(جوڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 9 ملير آصف اڪبر شاھ لطيف ٿاڻي تي ڇاپو ھڻي باندي بنايل ملير بار جي نائب صدر سينيئر وڪيل سڪندر شر کي بازياب ڪرائي ورتو ۽ ايس ايڇ او شاھ لطيف کي رڪارڊ سميت سيشن ڪورٽ ملير طلب ڪيو،ان واقعي خلاف وڪيلن ملير ڪورٽ آڏو هاءِ وي تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو.جنھن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.مظاھرين وڪيلن چيو ته شاھ لطيف پوليس بي ڏوھي وڪيل اڳواڻ کي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪري گرفتار ڪيو .جنھن کي عدالتي ڇاپي بعد بازياب ڪرايو ويو آھي.انھن چيو ته پوليس گردي ڪنھن به صورت قبول نه ڪئي ويندي ۽ ايس ايڇ او شاھ لطيف نيڪ محمد کوسو کي معطل ڪري سندس خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف ايس ايڇ او شاھ لطيف صحافين کي ٻڌايو ته پوليس لينڊ گريبر راجا آصف کي گرفتار ڪيو ھو جنھن تي ۲۵ ايف آء آر داخل آھن .انکي ڇڏائڻ لاء وڪيل رات جو شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي ٿاڻي تي آيو ۽ پوليس سان بدتميزي ڪئي گھٽ وڌ ڳالھايو. جنھن کانپوءِ وڪيل اڳواڻ کي گرفتار ڪري ميڊيڪل ڪرايو ويو، ميڊيڪل رپورٽ ۾ پڻ نشو ثابت ٿيو آھي, هن چيو ت مون ڪو به غلط قدم نه کنيو آھي قانون جي دائري ۾ رھي قانوني ڪاروائي ڪئي آھي. ٻئي طرف ملير بار پاران واقعي خلاف ٽي ڏينهن هڙتال جو اعلان ڪيو آھي.

ملير ۾ جج ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻايل بار جي نائب صدر کي بازياب ڪرائي ورتو

جوڊيشل مئجسٽريٽ 9 آصف اڪبر جو شاهه لطيف ٿاڻي ڇاپو، باندي بڻايل وڪيل سڪندر شر بازياب

سينيئر وڪيل جي گرفتاري خلاف وڪيلن سخت احتجاج ڪندي هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، ٽريفڪ معطل

ملير (ن پ ا ) جوڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 9 ملير آصف اڪبر شاھ لطيف ٿاڻي تي ڇاپو ھڻي باندي بنايل ملير بار جي نائب صدر سينيئر وڪيل سڪندر شر کي بازياب ڪرائي ورتو ۽ ايس ايڇ او شاھ لطيف کي رڪارڊ سميت سيشن ڪورٽ ملير طلب ڪيو ان واقعي خلاف وڪيلن ملير ڪورٽ آڏو هاء وي تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو.جنھن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.مظاھرين وڪيلن چيو ته شاھ لطيف پوليس بي ڏوھي وڪيل اڳواڻ کي ڪوڙي ايف آء آر داخل ڪري گرفتار ڪيو .جنھن کي عدالتي ڇاپي بعد بازياب ڪرايو ويو آھي.انھن چيو ته پوليس گردي ڪنھن به صورت قبول نه ڪئي ويندي ۽ ايس ايڇ او شاھ لطيف نيڪ محمد کوسو کي معطل ڪري سندس خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف ايس ايڇ او شاھ لطيف صحافين کي ٻڌايو ته پوليس لينڊ گريبر راجا آصف کي گرفتار ڪيو ھو جنھن تي ۲۵ ايف آء آر داخل آھن .انکي ڇڏائڻ لاء وڪيل رات جو شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي ٿاڻي تي آيو ۽ پوليس سان بدتميزي ڪئي گھٽ وڌ ڳالھايو. جنھن کانپوء وڪيل اڳواڻ کي گرفتار ڪري ميڊيڪل ڪرايو ويو ، ميڊيڪل رپورٽ ۾ پڻ نشو ثابت ٿيو آھي،هن چيو ته مون ڪو به غلط قدم نه کنيو آھي قانون جي دائري ۾ رھي قانوني ڪاروائي ڪئي آھي.

ارشد پپو قتل ڪيس جي هڪ جوابدار جي ضمانت منظور، ٻئي جي رد ٿي وئي

سنڌهاءَ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي ،عدالت چاند خان نيازي جي ضمانت منظور جڏهن ته جوابدار ذاڪر ڊاڊا جي رد ڪئي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءَ ڪورٽ ۾ ارشد پپو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران عدالت هڪ جوابدار چاند خان نيازي جي ضمانت منظور ڪري ورتي جڏهن ته ساڳي ڪيس ۾ هڪ ٻئي جوابدار ذاڪر ڊاڊا جي ضمانت رد ڪئي وئي .ارشد پپو ڪيس ۾ 2 جوابدار يوسف بلوچ ۽ جاويد بلوچ پهريان ئي ضمانت تي آزاد ٿيل آهن .جاچ آفيسر عدالت کي استدعا ڪئي ته جيستائين ڪيس جي مرڪزي جوابدار عذير بلوچ کي ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش نٿو ڪيو وڃي تيستائين جوابدارن جي ضمانت منظور نه ڪئي وڃي جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان ان ڳالهه جي ضانت ڏيو ٿا ته ايندڙ ٻڌڻي تائين عزير بلوچ ۽ اکين ڏٺن شاهدن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو ..؟ جنهن تي جاچ آفيسر يامين گجر چيو ته هو ان جي ضمانت نٿو ڏئي سگهي .جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته عزير بلوچ جي آءِ ٽي آڏو ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته هن پنهنجي پيءُ جي قتل جو بدلو وٺڻ لاءِ ارشد پپو کي قتل ڪيو .جڏهن ته ٻين جوابدارن جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته سندس موڪل واقعي واري هنڌ تي موجود نه هئا مٿن ڪوڙو الزام مرهيو ويو آهي جنهن کانپوءِ هڪ چڻي جي ضمانت منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي منظور ڪئي وئي .

ملير بار جي نئين چونڊيل باڊي پاران ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ججن جي مان ۾ آجياڻو

ملير (رپورٽ: ناز شر) ملير بار جي نئين چونڊيل باڊي پاران ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ملير مشتاق احمد لغاري , ايڊيشنل سيشن جج شفيع محمد پيرزادو ۽ ٻين معزز ججز جي مان ۾ تقريب منقعد ڪئي ويئي, ملير بار کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ملير مشتاق احمد لغاري چيو ته ملير بار ۽ جوڊيشري هڪ گهر جي ڀاتين وانگر آھن, ٻنهي ۾ بهتر تعلق سان غريب ماڻھن کي تڪڙو انصاف ملي سگهندو, سيشن جج چيو ته انصاف جي حصول لاء منهنجا دروازا هر ماڻھون لاء کليل آھن, انصاف ميرٽ تي ڪيو ويندو, سيشن جج ملير مشتاق احمد لغاري چيو ته ملير بار پاران ڏنل اعزاز ۽ مان تي خوشي ٿي آھي ملير جي وڪيلن جون سائلن کي انصاف ڏيارڻ لاء ڪيل ڪوششون قابل تعريف آھن, ملير بار ۽ جوڊيشري گڏجي ڪم ڪندا ته ان سان عام ماڻهون کي جلد انصاف ملندو۽ بهتر نتيجا ملي سگهندا, ملير بار جي نئين چونڊيل صدر رائو زاهد خطاب ڪندي چيو ته ملير بار ۽ جوڊيشري ۾ بهتر تعلقات جا خواهشمند آھيون, ملير جي ججز لاء وڏو احترام ۽ عزت آھي, بار جي نئين چونڊيل جنرل سيڪريٽري فدا خان خطاب ڪندي چيو ته ملير بار ۽ جوڊيشري ۾ محبت, عزت ۽ احترام وارو رشتو آھي جنهن کي اسين هر صورت ۾ قائم رکنداسين, تقريب ۾ ملير جي وڪيلن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

علي محمد مهر ۽ علي گوهر مهر کي اغوا معاملي تي سپريم ڪورٽ جا نوٽيس

ڪراچي(رپورٽر)سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري وفاقي وزير علي محمد مهر ۽ سندس ڀاءَ علي گوهر مهر کي اغوا معاملي ۾ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن،سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ درخواستگذار قمبر علي شاهه پنهنجي درخواست ۾ چيو آهي ته علي محمد مهر،سندس ڀاءُ علي گوهر مهر ٻين ماڻهن سان گڏجي 2015 ۾ سندس گهر تي حملو ڪيو،حملي وقت انهن سان ٻيا به ڪيترائي ماڻهو گڏ هئا،هنن منهنجي ٻن ڀائرن فرمان علي شاهه ۽ عمران علي شاهه کي اغوا ڪيو،جيڪي اڃا تائين بازياب نه ٿيا آهن،هن درخواست ڪئي ته سندن مٿان اغوا جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.جسٽس مقبول جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ علي محمد مهر سندس ڀاءُ علي گوهر مهر ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

ايان علي ڪٿي آهي؟ چيف جسٽس جو پڇاڻو

ماڊل ايان علي

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سپر ماڊل آيان علي بابت پڇاڻو ڪيو ته آيان ڪٿي آهي؟ جنهن تي وڪيل وراڻيو ته آيان علي بيمار آهي ۽ هوءَ پرڏيهه ۾ علاج لاءِ ترسيل آهي، جنهن تي چيف جسٽس سواليه انداز ۾ چيو ته جيڪڏهن ڪير بيمار ٿي پرڏيهه وڃي ٿو ته ان کي واپس آڻڻ جو ڪهڙو طريقو آهي؟