علي بابا اليون پهرين بئٽنگ ڪندي المهراڻ کي 183 رنس جو ٽارگيٽ ڏنو
المهراڻ ٽيم جا سمورا رانديگر 167 رنس تي ڍير، ڪپتان به ٽيم کي نه کٽرائي سگهيو
شاهپور جهانيان (ن پ ا) شاهپورجهانيان ۾ علي بابا اليون ڪرڪيٽ ٽيم المهراڻ اليون کي شڪست ڏئي “شھيد صدام حسين ڏاهري ميموريل ڪرڪيٽ ڪپ ٽورنامينٽ ” جو فائنل کٽي ورتو. شاهپورجهانيان جي النور ڪرڪيٽ گرائونڊ تي شھيد صدام حسين ڏاهري جي ياد ۾ ڪرايل ڪرڪيٽ ڪپ ٽورنامينٽ جي فائنل مئچ علي بابا اليون ۽ المهراڻ اليون وچ ۾ ٿي. علي بابا ٽيم ٽاس کٽڻ بعد پهرين بئٽنگ ڪئي ۽ مقرر 10 اوورز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي المهراڻ ٽيم کي 183 رنس جو ٽارگيٽ ڏنو. مليل ٽارگيٽ پورو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ المهراڻ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ربنواز گُل مسلسل 3 چوڪا هڻي هيٽرڪ ڪئي پر مجموعي طور تي ٽيم ڪو ٻوٽو نه ٻاري سگهي. اهڙي ريت المهراڻ ڪرڪيٽ ٽيم جا سمورا رانديگر 167 رنسن تي پويلين ڀيڙا ٿي ويا. ٽورنامينٽ ڪميٽي طرفان ڪامياب ٽيم جي ڪپتان فداحسين ڏاهري ۽ رنر ٽيم جي ڪپتان ربنواز گل ڏاهري کي انعامن سان نوازيو، اهڙي ريت ٻين رانديگرن کي به بهترين راند کيڏڻ تي انعام ڏنا ويا.
ضلعي انتظاميه والدين کي راضي ڪرڻ مختلف ادارن کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو
نئين سال ۾ ڦڙا پيارڻ جي حدف ۾ به گهٽتائي، ايڊريس مٽائيندڙ ٻار به ڦڙن کان محروم
حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو)حيدرآباد جي ضلعي انتظاميا سال 2018ع ۾به پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪاري 2هزار خاندانن کي راضي ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، ڦڙا پيئڻ کان قاصر ٻارن جي والدين کي راضي ڪرڻ لاءِ نئين سال ۾ نئين حڪمت عملي جوڙي مخلتف ادارن کان مدد وٺڻ جو فيصلو، هدف ۾ به ٽي هزار ٻارن جي گهٽتائي. حيدرآباد جي ضلعي انتظاميا پاران سال 2018ع جي دوران ٽي لک 36 هزار ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو هو، جنهن ۾ سال 2019ع جي لاءِ گهٽتائي آڻي اهو هدف 3 لک 32 هزار 263 مقرر ڪيو ويو آهي. گذريل سال دوران 3 هزار ٻارن کي پوليو جون ٽيمون ڳولڻ ۾ ناڪام رهيون، جڏهن ته ضلعي انتظاميا جون ٽيمون پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪاري 2 هزار خاندانن کي سڄي سال دوران راضي ڪرڻ ۾ پڻ ناڪام رهيون، ان سلسلي ۾ضلعي انتظاميا اهڙن خاندانن کي راضي ڪرڻ لاءِ چئمبر آف ڪامرس، پوليس ۽ ٻين ادارن کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ضلعي انتظاميا پاران پوليو مهم جي لاءِ ضلعي جي 54 يونين ڪائونسلن ۾ هڪ هزار موبائيل ٽيمون، 117 فڪسڊ ٽيمون ۽ 23 ٽرانزٽ ٽيمون جوڙيون آهن، جنهن ۾ 890 ليڊي هيلٿ ورڪرس به شامل هونديون. پوليو مهم لاءِ 11 تعلقا سپروائيزر ۽ 83 يونين ڪائونسل ميڊيڪل آفيسر پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندا. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد سيد اعجاز علي شاه جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس به ٿيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ايندڙ سال 21 جنوري کان پوليو مهم شروع ٿيندي، جنهن ۾ مقرر ڪيل حدف وارن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا. گڏجاڻي ۾ چيو ويو ته ايندڙ مهم دوران سو سيڪڙو نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءِ جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندڙ والدين کي راضي ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪوشش ڪئي ويندي، ان سلسلي ۾ چيمبر آف ڪامرس جي نمائندي کي اپيل ڪئي وئي ته سندن ادارو پوليو جي خاتمي جي لاءِ ضلعي انتظاميا سان سهڪار ڪري. پوليو جي ٽيمن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ضلعي پوليس جي انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي ته شهر جي ٽرانزٽ پوائنٽس تي مستقل طور پوليس مقرر ڪئي وڃي، ته جيئن شهر مان ايندڙ ويندڙ ٻارن کي به پوليو جا ڦڙا پياري سگهجن، ٻئي طرف ڊي ايڇ او حيدرآباد ڊاڪٽر نسرين ميمڻ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته گذريل سال جي حدف ۾ ٽي هزار ٻار اهڙا هئا، جيڪي پنهنجي مستقل پتي تي نه پئي رهيا، ان ڪري هو پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رهجي ويا، جڏهن ته 2000 ٻار اهڙن خاندانن جا آهن، جن پوليو کان بچاءِ جا ڦڙا نه پيتا، هاڻي انهن کي راضي ڪرڻ لاءِ نئين حڪمت عملي جوڙي وئي آهي.
سلمان خان بالي ووڊ باڪس آفيس جو به سلطان، تڪراري به رهيو
سلو ڀائي درجنين بالي ووڊ جون مشهور ۽ ڪامياب فلمون ڪري چڪو
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جو سلطان سلمان خان 53 ورهين جو ٿي ويو آهي. سلمان خان 27 ڊسمبر 1965ع ۾ سليم خان جي گهر ڄائو. هن بيوي هو تو ايسي سان پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪئي پر سندس پهرين ڪامياب فلم جنهن ۾ هن هيرو طور ڪم ڪيو اها ميني پيار ڪيا” هئي جيڪا 1989ع ۾ ريليز ٿي هئي. ميني پيار ڪيا، ڀارت سان گڏ عالمي سطح تي ڪامياب ٿي. ان کانپوءِ سلمان خان باغي، صنم بيوفا ۽ ٻيون فلمون ڪري بالي ووڊ ۾ پير ڄمايو. انداز اپنا اپنا باڪس آفيس تي ناڪام ٿي پر نقادن پاران سلمان جي ان فلم ۾ اداڪاري جي ساراهه ٿي. سلمان خان 2009ع کانپوءِ وڏيون ڪاميابيون ماڻيندو رهيو آهي، جنهن جي شروعات وانٽڊ سان ٿي. سلمان خان دبنگ فلم پڻ ڪيترائي رڪارڊ ٽوڙيا. سلمان جي ايندڙ فلم ڀارت جلد ريليز ٿيندي، جڏهن ته هو پنهنجي ڪيريئر ۾ جيل ڪاٽي چڪو آهي، جڏهن ته مختلف اداڪارائن سان سندس لاڳاپا پڻ خبرن ۾ رهيا آهن.
ڪلب جو نه ڪل وقتي صدر نه ئي جنرل سيڪريٽري، 5 سالن کان چونڊون نھ ٿيون
مستقل سيڪريٽري به ڪنڊائتو، ڊاڪٽر ھادي جتوئي پاران اليڪشن ۾ سرگرم نھ ٿيڻ جو فيصلو
حيدرآباد(رپورٽ:فيض کوسو)حيدرآباد ۾ وڏن ماڻهن جو ڪلب جيم خانه، صدر جاويد جوڻيجي جي انتقال کانپوءِ انتظامي طور ايڊهاڪ بنياد تي هلندڙ، ڪلب جا انتظامي معاملا وقتي صدر ۽ وقتي سيڪريٽري جي حوالي ٿي ويا، مستقل سيڪريٽري اڍائي سالن کان آفيس کي تالو لڳائي ڪنڊائتو ٿي ويو، جڏهن ته اسٽي آرڊر هجڻ ڪري ڪلب جي انتظامي ۽ مينيجنگ ڪاميٽي جي چونڊ گذريل پنجن سالن نه ٿي سگهي،
مليل ڄاڻ موجب 2013ع ۾ جيم خاني جي ٿيل چونڊ ۾ سيڪريٽري جي عهدي تي حاجي نثار ميمڻ ۽ صدر جي عهدي تي مرحوم جاويد جوڻيجو ڪامياب ٿيا هئا،جن جي اختلافن کانپوءِ نثار جوڻيجو سيڪريٽري جي آفيس ڇڏي ڪنڊائتو ٿي ويو هو، سندس ان عمل کانپوءِ مينجنگ ڪاميٽي وقتي طور ساجد ڀٽو کي سيڪريٽري مقرر ڪيو هو، جيڪو هاڻي ڪلب جا معاملا سنڀالي ٿو، جڏهن ته جاويد جوڻيجي جي انتقال سبب صدر وارو عهدو نائب صدر جي حوالي ٿي ويو آهي، جيم خانا ڪلب جي ذريعن موجب بينڪن ۾ مالي معاملن جي ڏي وٺ جي حوالي سان ٽن عهديدارن جون صحيحون هلن ٿيون، جن ۾ صدر، سيڪريٽري ۽ خزانچي شامل هجن ٿا، هن وقت ڪلب جو نه ته ڪل وقتي صدر آهي ۽ نه ئي ڪل وقتي سيڪريٽري موجود آهي،جنهن سبب ڪلب جي مالي معاملن جي حوالي سان انيڪ سوال اٿي پيا آهن.
ڪلب جي چونڊيل سيڪريٽري حاجي نثار ميمڻ جو چوڻ آهي ته هو مرحوم جاويد جوڻيجي سان اختلافن جي ڪري اڍائي سال اڳ ڪلب جي سيڪريٽري جي آفيس خالي ڪري چڪو آهي، جنهن کانپوءِ هن سيڪريٽري جي عهدي تي ڪا به چونڊ ناهي ٿي سگهي، هن چيو ته جيم خاني جي آئين مطابق وقتي سيڪريٽري جي ڪا به گنجائش موجود ناهي، ان جي باوجود ڪلب جا معاملا وقتي سيڪريٽري جي حوالي آهن،
جيم خانا جي وقتي سيڪريٽري ساجد ڀٽو جو چوڻ آهي ته کيس مينيجنگ ڪاميٽي وقتي سيڪريٽري مقرر ڪيو هو، ان ڪري هو مالي معاملن سميت ڪلب جي سمورن انتظامي مسئلن کي به ڏسي رهيو آهي
هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته ڪلب جي پنجن ميمبرن عارف پاشا، غلام حسين ميمڻ، الهڏتو شر، مرحوم ڊاڪٽر انور لغاري ۽ غلام سرور قريشي جيم خانا ڪلب کي آئين پٽاندر نه هلائڻ ۽ اضافي ميمبر شپ ڪرڻ واري معاملي خلاف سنڌ هاِءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ پٽيشن داخل ڪئي هئي، جنهن عدالت ڪلب جي چونڊن جي حوالي سان به اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو، جنهن سبب پنجن سالن کان ڪلب جي انتظامي ۽ مينيجنگ ڪاميٽي جي چونڊ نه ٿي سگهي آهي، انهي ڪري ڪلب ۾ انتظامي حوالي سان پڻ وڏا سوال اٿي رهيا آهن.
پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ڪلب جي خزانچي ڊاڪٽر شمس شيخ ٻڌايو ته ڪلب معمول موجب هلي رهيو آهي ۽ سمورا ڪم آئين پٽاندر ٿي رهيا آهن، ڪلب پنهنجي ڪل وقتي سيڪريٽري جي ٽن ميٽنگن ۾ نه اچڻ جي ڪري هن کي هٽائي ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ مينجنگ ڪاميٽي ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ کڻندڙ ميمبر ساجد ڀٽو کي وقتي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو هو، جيڪو بينڪ جي چيڪن تي به صحيح ڪرڻ جو مجاز آهي،
ڪلب جي سيڪريٽري طور چونڊيل حاجي نثار جو چوڻ هو ته هو جلدي ڪلب جي پيٽرن ان چيف سان ملاقات ڪري، کيس صورتحال ڪري آگاهي ڏيندو ۽ ان جي صلاح جي روشني ۾ هو پنهنجون وڌيڪ سرگرميون شروع ڪندو، ڪلب جي هڪ ميمبر عارف پاشا ٻڌايو ته ڪلب جي آئين ۾ وقتي سيڪريٽري جي ڪا به گنجائش ناهي ۽ صدر جي فوت ٿيڻ سبب ڪلب جا مالي معاملا ضرور مونجهاري جو شڪار ٿيندا.
جاويد جوڻيجي جي روايتي مخالف ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي چونڊن ۾ سرگرم نه ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو
حيدرآباد:جيم خاني ڪلب جي صدر مرحوم جاويد جوڻيجي جي روايتي حريف ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي هاڻي ڪلب جي چونڊن ۾ سرگرم نه ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جيم خانا ڪلب جي چونڊن ۾ بنهه سرگرم رهندڙ ۽ مرحوم جاويد جوڻيجي جي روايتي حريف ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي جو چوڻ آهي ته مڙس جي مرڻ کانپوءِ بيواه به هلندي رهندي آهي ۽ جيم خانا جو ڪاروهنوار به هلي پيو، هن چيو ته هاڻي هو جيم خانا جي چونڊن ۾ حصو نه وٺندو ۽ پنهنجي ٻني ٻاري جي ڪم ۾ مصروف ٿي ويو آهي.
ڏينگڙو واهه تي آرڊي 46 وٽان واهه جي ڪپر تي بيٺل وڻ وڍيا پيا وڃن، آبپاشي عملو به موجود
وڻن جي واڍي ماحول دشمني آهي،عملدارن خلاف به ڪارروائي ڪنداسين: آبپاشي انجنيئر
گهوٽڪي(ن پ ا) گهوٽڪي ڀرسان ڏينگڙو واه تان وڻن جي وڍي جاري آپباشي جي عملي جي نگراني ۾ وڻ وڍيا پيا وڄن ڳوٺاڻن جو الزام، گهوٽڪي ڀرسان ڏينگڙو واھ جي آرڊي 46 وٽان سري عام ڏينهن ڏٺي جو واھ جي ڪپر تان ٻٻر جا وڻ وڍيا پيا وڃن ڳوٺاڻن غلام محمد کوسو امان الله کوسو صحافين سان ڳالهندي چيو ته آبپاشي عملدار داروغي امان الله سومري جي موجودگي ۾ ڏينگڙو واهه جي ڪپرن تي موجود ٻٻر جي وڻن جي واڍي ڪرائي پئي وڃي. آبپاشي انجنيئر چيو آهي ته وڻن جي واڍي ڪندڙن خلاف ڪارورائي ڪئي ويندي ۽ جيڪي آبپاشي عملدار ملوث آهن، اُنهن کي به بخش نه ڪيو ويندو.
عبدالجبار ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي، علاج لاءِ پئسا نه آهن: وارث
وس آهر علاج ڪرائڻ باوجود نوجوان جي حالت بهتر ناهي ٿي: وارث
ڪڙيو گهنور (ن پ ا ) 10ڪڙيو گهنور ۾ ذهني توازن وڃائي ويٺل نوجوان کي وارثن 10 ورهين کان زنجيرن ۾ قيد ڪري رکيو ،سندس حالت انتهائي خراب آهي ، سندس وارثن سرڪار ۽ سرندي وارن کان علاج ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي
ڪڙيو گهنور باءِ باس روڊ تي جهوپڙي اڏي ويٺل 80 ورهين جو اکين کان نابين علي بخش ماڇي ذهني توازن وڃائي ويٺل پٽ عبدالجبار جو وس آهر علاج ڪرايو پر فرق نه پوڻ تي انهن نوجوان کي زنجيرن ۾ ٻڌڻ کي ئي بهتر سمجهيو . نوجوان عبدالجبار اڄ به کلي آسمان هيٺان هر تتي ٿڌي کي برداشت ڪندو نظر اچي ٿو هو لوهي سنگهرن ۾ ٻڌل آهي سندس حالت ڏسڻ سان انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي پوي ٿو نوجوان جي حالت حيوانن کان به بدتر آهي نوجوان جي والد اکين کان نابين علي بخشجو چوڻ آهي ته سندس پٽ جو ذهني تواز صحيح ناهي گهر جو اله تله وڪرو ڪري پٽ جو علاج ڪرايم پر ٽڪي جو فائدو نه ٿيو هن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته نوجوان جو علاج ڪرايو وڃي ته جئين هو زندگي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ سندس خدمت ڪري سگهي.