متاثر ڌر جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج، پوليس خلاف نعريبازي
جيڪب آباد)ن پ ا)صدر ٿاڻي جي حد ۾ جوابدارن جي مبينا حملي جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، متاثرن احتجاج ڪندي جوابدارن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.
صدر ٿاڻي جي حد بقاپل لڳ جوابدارن مبينا طور رند برادري جي گهر تي ڪاهه ڪري حملو ڪيو، جنهن دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ نظيران، بشيران، مھيم رند، رفيق احمد ، علي دوست، خالد حسين، حاجي محبت ۽ الھداد رند شامل آهن.
متاثر رند برادري جي ماڻھن پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي دانھيو ته حملي ۾ مرھٽا برادري جا ماڻهو ملوث آهن، جوابدار بااثر هئڻ سبب صدر پوليس ڪارروائي کان لنوائي رهي آهي ۽ ويتر پوليس اسان کي گرفتار ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي.
واضح رھي ته گذريل ڏينهن به ٻنھي ڌرين ۾ ٻارن جي ڳالھه تان جھيڙو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿيا ھئا
نوابشاهه(رپورٽ: اياز ڏاھري) وفاقي سرڪار مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ڄاڻايل نوابشاھ جي فوتي زميندار مومن ڏاھري جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪري ڇڏيو، اومني گروپ کي ٻانڌي شوگر ملز لاءِ پنهنجي زمين ڏيندڙ مومن ڏاهري 10 ڊسمبر تي وفات ڪري ويو ھو، اي سي ايل لسٽ ۾ نالو ڏسي سندس وارث حيرت ۾ اچي ويا.
فوتي مومن ڏاهري جي ڀاءُ رئيس عبدالغفار ڏاهري پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو تھ منهنجي ڀاءُ مومن ڏاهري اومني گروپ کي 145 ايڪڙ زمين خريد ڪري ڏني هئي، جنهن جي اومني گروپ ڪجهه ادائيگي ڪئي هئي، جڏھن تھ ڪجهه رقم اڃا رھيل آهي. ھن چيو تھ منهنجي ڀاءُ جي 14 ايڪڙ زمين پڻ شوگر ملز جي قبضي هيٺ آهي، جنھن جي رجسٽري پڻ ٿيل ناھي، هن چيو ته اسين پهريان ئي ڏکايل آهيون پر مرحوم ڀاءُ جو نالو اي سي ايل لسٽ ۾ ڏسي وڌيڪ ڏک ٿيو آهي، اسان خانداني زميندار آهيون، اسان پنهنجي پراپرٽي وڪرو ڪئي آھي ڪا ڪرپشن نه ڪئي آهي.
انٽار ڪٽيڪ (دلچسپ نيوز) آمريڪي رانديگر ۽ مهم جُو ڪولن او بريڊي سرد خطي انٽارڪٽيڪا پار ڪري هڪ نئون اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو.
آمريڪي ميڊيا موجب ڪولن پنهنجي سفر ۾ 932 ڪلوميٽر جو تمام ڏکيو فاصلو 54 ڏينهن ۾ طئي ڪيو ۽ ان سان گڏ هڪ ٽرالي سان ٻڌل 170 ڪلوگرام سامان کي به گهليو.
اهڙي ڪارنامي تي سڄي دنيا ۾ کيس پذيرائي ملي رهي آهي ۽ ماڻهو ڪولن جي وڏي همت مان تمام گهڻو متاثر ٿيا.
ڪولن سمهڻ بنا آخري ڀيرو لڳاتار 32 ڪلاڪن تائين سفر ڪيو ۽ تازو 125 ڪلوميٽر جو فاصلو طئي ڪيو، جنهن کي انٽارڪٽيڪ جي ميراٿن ڊوڙ قرار ڏنو. ڪارنامو سرانجام ڏيڻ بعد ڪولن پنهنجي وارثن کي روئيندي پيغام ڏنو ته هو هڪ ڪمري ۾ بند ٿي ان مهم تي سوچيندو رهيو ۽ ڪم ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو.
ٺيڪيدار 2 سالن کان ڪم اڌ ۾ ڇڏي گم.اختياريون نوٽس وٺي ڪم مڪمل ڪرائين.رانديگر
اوٻاوڙو(ن پ ا)اوٻاوڙو ڪروڙين رپين جي لاڳت سان منظور ڪرايل اسپورٽس ڪمپليڪس جو ڪم 7 سال گذرڻ باوجود مڪمل نھ ٿي سگھيو. ٺيڪيدار ڪم اڌ ۾ ڇڏي ٻن سالن کان غائب ٿي ويو آهي ۽ جنهنڪري نوجوان گهٽين ۽ ٻئي هنڌ راند کيڏڻ تي مجبور آهن، هتان جي نوجوانن وٽ فٽبال، ڪرڪيٽ، بيڊمينٽن، والي بال، هاڪي ۽ ٻين راندين لاءِ ڪو به ميدان نه آهي ۽ هوڏانهن رانديگرن ۽ اوٻاوڙو جي شھرين امجد علي ڀٽي، خادم حسين ڀٽي، جميل احمد سومرو، سرفراز احمد مھر، اڪرم ڀٽي، زاهد حسين عباسي، شاهنواز عباسي، ملڪ بھارام، نادر شر، سجاد حسن ڀٽي، بخت علي ڀٽي ۽ ٻين“پنهنجي اخبار”سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران منظور ڪيل اسپورٽس ڪمپليڪس جو ڪم 7 سال گذرڻ باوجود به مڪمل نه ٿي سگهيو آهي ۽ اسان کي راندين لاءِ ڪو به ميدان ناهي جو اسان پنهنجون صلاحتيون اجاگر ڪري سگهون. اسان سنڌ حڪومت،راندين جي وزير ۽ ٻين اعلي اختيارين کي اپيل ڪيون ٿا ته اوٻاوڙو شهر ۾ 7 سال اڳ سنڌ حڪومت پاران منظور ڪيل اسپورٽس ڪمپليڪس جلد تيار ڪرائي ڏنو وڃي ته جئين اسان راندين ذريعي پنهنجي ملڪ قوم ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪري سگهون. .
اڳوڻي صوبائي وزير تعليم ڄام مھتاب حسن ڏهر“پنهنجي اخبار”سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٺيڪيدار جي نااهلي سبب اهيو اسپورٽس ڪمپليڪس 7 سال گذرڻ باوجود به مڪمل نه ٿي سگهيو آهي ۽ ٺيڪيدار ڪافي وقت کان غائب آهي جنهن لاءِ مون سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ سيد ناصر شاھ سان رابطو ڪيو آهي جلد ان اسپورٽس ڪامپليڪس کي مڪمل ڪرائي رانديگرن کي پنهنجون صلاحيتون اجاگر ڪرڻ لاءِ ميدان مھيا ڪيو ويندو ته جيئن اوٻاوڙو جا نوجوان گهٽين بدران اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ راند کيڏي پنهنجون صلاحيتون اجاگر ڪري سنڌ جو نالو روشن ڪن. ھوڏانھن ٺيڪيدار سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نھ ٿي سگھيو.
ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان جي ناليواري آل رائونڊر ۽ هاڻوڪي وزيراعظم عمران خان جي روايتي حريف ڀارت خلاف شاندار بالنگ اسپيل کي 36 سال مڪمل ٿي ويا.
27 ڊسمبر 1982 تي ڪراچي ٽيسٽ دوران 66 ورهين جي عمران خان ڀارت خلاف 60 رنسن عيوض 8 وڪيٽون ورتيون هيون، جڏهن ته ميچ ۾ 79 رنسون ڏئي 11 ڀارتي رانديگرن کي پويلين جي راهه ڏيکاري هئي.
پاڪستان ان ميچ ۾ ڀارت کي اننگز ۽ 86 رنسن تان شڪست ڏني هئي.
عمران خان جي شاندار بالنگ کي 36 سال پورا ٿيڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي ٽوئيٽر هينڊل تي ان ڏهاڙي کي ياد ڪندي عمران جي شاندار بالنگ جو ڏينهن ملهايو.
ڪوٽڙي (رپورٽ: ڌڻي بخش باريجو )ڪوٽڙي ۾ بلائينڊ ٽي 20 ڪرڪيٽ سپر ليگ جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو، ڪي پي ۽ پنجاب ميچون کٽي ورتيون.
پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ هلندڙ بلائيند ڪرڪيٽ سپر ليگ جي چوٿين ڏينهن ڪي پي 7 وڪيٽن تان بلوچستان ۽ پنجاب وڪيٽن تان سنڌکي شڪست ڏني. پهرين ميچ ۾ بلوچستان ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پهرين بيٽنگ ڪندي بلوچستان 7 وڪيٽن جي نقصان تي 245 رنسون ٺاهيون، بلوچستان جي بيٽسمين بدر علي 43 بالن تي 99 رنسون ٺاهيون، اڪرم خان 43 بالن تي 71 رنسون ٺاهيون. ڪي پي جي بالرن مجيب 2 وڪيٽون ورتيون، گڀر، شاهزيب ۽ آصف هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي، جڏهن ته رانديگر رن-آئوٽ ٿيا.
جواب ۾ خيبر پختونخوا ٽيم ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 18 اوورن هدف ماڻي ميچ کٽي، بيٽسمين اعجاز علي89، ايوب خان 61 رنسون ٺاهيون بلوچستان طرفان بالر اڪرم 2 وڪيٽون ورتيون.
ٻي ميچ ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي ٽيمن ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. سنڌ ٽيم مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 205 رنسون ٺاهيون، سنڌ جي بيٽسمين راشد علي 55،ثناء الله 37 ۽ هارون 30 رنسون ٺاهيون.
پنجاب طرفان محسن علي، ڪامران ۽ ياسر هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ پنجاب ٽيم 19 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي گهربل هدف ماڻي ميچ کٽي. نثار علي 46بالن تي 14چوڪن جي مدد سان سينچري اسڪور ڪري ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار نڀايو. جڏهن ته اڪمل به 36 رنسون ٺاهيون. سنڌ طرفان انيس جاويد هڪ وڪيٽ ورتي.
ڀارت جي هڪ علائقي ۾ ماڻهو ڪوئا شوق سان کائين ٿا آسام جي علائقي ۾ ماڻهو ڪوئي جو گوشت وڌيڪ وٺن ٿا
دسپور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارتي رياست آسام ۾ هڪ اهڙو علائقو آهي، جتي ماڻهو ڪوئي جو گوشت وڏي شوق سان کائن ٿا ۽ گوشت کي حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهن جي رش لڳل رهي ٿي. آسام جي شهر ڪماري ڪاٽا ۾ علائقي واسي ڪوئي جو گوشت وٺڻ اچن ٿا، جيڪو مرغي کان وڌيڪ وڪرو ٿئي ٿو. دڪاندار سوين تازو پڪڙيل ڪوئا ڳوٺن مان خريد ڪري اچن ٿا، جيڪي هٿو هٿ بازار ۾ وڪرو ٿي وڃن ٿا. ڪماري ڪاٽا ڀوٽان جي سرحد ڀرسان وارو علائقو آهي، جتي تازن ڪوئن سان گڏ ڪوئن جو پڪل گوشت پڻ ملي ٿو. سياري ۾ خاص ڪري ڪوئن جي گوشت جي ڊمانڊ وڌي وڃي ٿي. ڪوئي جي گوشت جو گلو 400 پاڪستاني روپين ۾ وڪرو ٿئي ٿو، جيڪو مرغي کان ٻين تي مهانگو آهي. ڳوٺاڻا رات جي وقت ڪوئن کي پڪڙن جي ڪوشش ڪن ٿا.
نئون ديرو(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي ورڪرز جي ناهيد خان ۽ ڊاڪٽر صفدر عباسي ڪارڪنن جي وڏي قافلي سان ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضريون ڀري گلن جون چادرون چاڙهي فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڪارڪنن جذباتي انداز ۾ “زندهه هي بي بي زندهه هي”، “تيري قاتل زندهه هين – بي بي هم شرمنده هين”. مزار تي حاضري کانپوءِ ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان کي شهيد بي بي جي جمهوري جدوجهد کي ياد ڪرڻ گهرجي ۽ اهو به ياد رکڻ گهرجي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جيڪا کيس سياسي سوچ ڏني ان تي 30 سالن تائين ثابت قدم رهي. زندگيءَ کي خطرو هئڻ باوجود هڪ ڏينهن لاءِ به پوئتي نه هٽي. هن چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي سياست بلاول ڀٽو زرداريءَ جي مستقبل کي خطرن ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ منهنجي دعا آهي ته ان جي راهن ۾ جيڪي به پٿر آهن انهن کان بچي اڳتي قدم وڌائي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ناهيد خان چيو ته شهيد بي بي اسان جي ليڊر، استاد ۽ سڀ ڪجهه هئي جيڪا اڄ اسان جي وچ ۾ نه آهي. پر جيڪا ان جي سوچ ۽ فلسفو هو اهو اڄ به زندهه آهي. اڄ جهڙيءَ طرح غربت وڌي رهي آهي ۽ سياسي فضا آلوده ٿيندي پئي وڃي ۽ جهڙيءَ طرح ڌرتي سياستدانن لاءِ تنگ ٿيندي پئي وڃي، مان سمجهان ٿي ته اڄ هن دور ۾ شهيد محترمه جهڙي ليڊر جي ملڪ کي تمام گهڻي ضرورت آهي. هن چيو ته هن ملڪ کي اڄ نيشنل ليڊر جي تمام گهڻي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي ۽ جيڪي به ليڊر هن وقت آهن اهي فقط پنهنجي تڪن يا علائقن جا ليڊر نظر اچن ٿا چئني صوبن جي زنجير واري علامت ڪنهن ۾ به نظر نٿي اچي. جيڪا به ملڪ ۾ جمهوريت آهي اها شهيد بينظير ڀٽو جي ڪري ئي آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو گهڻو وقت اڳ ۾ طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي جنهن تي تنقيد ڪئي وئي ۽ اڄ آمريڪا جي چوڻ تي طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي.
مهروز اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب پهريان بيٽنگ ڪندي 137 رنسون ٺاهيون
ملير (ن پ ا) ملير جي شيدي ڳوٺ ڪرڪيٽ گرائونڊ تي پاڪ سنڌ پريميئر ليگ 2018 جي ايڊيشن جو ٻيو فائنل مقابلو مهروز اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب ۽ الواجد اسپورٽس وچ ۾ ٿي گذريو، پهرين بيٽنگ ڪندي 10 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي مهروز ڪرڪيٽ ڪلب 137 اسڪور ٺاهيو، جنهن ۾ جمشيد 34، آصف وساڻ 23 ۽ رحمان 18 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. جواب ۾ بيٽنگ ڪندي الواجد اسپورٽس ڪرڪيٽ ڪلب 6 وڪيٽن جي نقصان تي 107 اسڪور تي ڍير ٿي وئي. رنر اپ ٽيم طرفان منظور 34، اذام 19 رنسون ٺاهيون. فائنل تقريب ۾ مهمان خاص ڄام محمد خان، عبدالهادي جوکيو، حبيب زيب خاصخيلي، رمضان خاصخيلي، جان عالم جوکيو، جاويد جوکيو، عظيم خاصخيلي، لياقت بلوچ، شاهجان بلوچ، يامين خاصخيلي سميت ٻين سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ۽ ڪرڪيٽ جي شوقينن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي رانديگرن چيو ته ملير جا رانديگر پنهنجي مدد پاڻ راندين جا ميدان سجائي رهيا آهن، ملير اندر هزارين ڪرڪيٽ جا شوقين آهن پر حڪومت توڙي ضلعي انتظاميا ڪوبه سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته ملير ۾ راندين جا گرائونڊ تباهه ٿيل آهن، جيڪي رانديگر پنهنجي مدد پاڻ تحت خرچ ڪري انهن کي ٺهرائين ٿا. هنن سنڌ حڪومت ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته ملير ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن سان سهڪار ڪيو وڃي ۽ راندين جا ميدان بحال ڪري ڏنا وڃن.
پهرين ٽيسٽ ۾ زخمي هارث سهيل جي جڳهه تي شان مسعود کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو
سينچورين (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سينچورين جي سپر اسپورٽس پارڪ ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ميچ سرفراز احمد ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان طرفان محمد عباس، شاداب خان ۽ هارث سهيل زخمي هئڻ ڪري ٽيسٽ ميچ ۾ شرڪت نه ڪري سگهيا، جڏهن ته فخر زمان فٽ ٿي ٽيم جو حصو هوندو. سينچورين جي پچ بالرن لاءِ سازگار ٻڌائي پئي وڃي، جيڪا تيز ۽ بائونسي آهي، جڏهن ته پچ تي بال سوئنگ ٿيڻ جا امڪان پڻ آهن. پاڪستان جي ٽيم ۾ فخر زمان، امام الحق، اظهر علي، اسد شفيق، شان مسعود، بابر اعظم، سرفراز احمد، حسن علي، ياسر شاهه، محمد عامر ۽ شاهين آفريدي شامل هوندا. ڏکڻ آفريڪا طرفان ڊيل اسٽين کي پنهنجي ملڪ طرفان سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ وڪيٽ جي ضرورت آهي، جنهن سان ڊيل اسٽين شان پولاڪ جو 422 وڪيٽن جو رڪارڊ ٽوڙيندو.
پاڪستان 8 سالن کانپوءِ ساڳي گرائونڊ تي ٽيسٽ ميچ کيڏندو وڪيٽ فاسٽ بالرن لاءِ سازگار هوندي، بيٽنگ ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ اهم
سينچورين (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ مقابلو ڪندا، سينچورين جي سپر اسپورٽس پارڪ ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ميچ 1 وڳي شروع ٿيندي. پاڪستان طرفان محمد عباس زخمي هئڻ ڪري ٽيسٽ ميچ ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو، جڏهن ته فخر زمان فٽ ٿي ٽيم جو حصو هوندو. سينچورين جي پچ بالرن لاءِ سازگار ٻڌائي پئي وڃي، جيڪا تيز ۽ بائونسي آهي، جڏهن ته پچ تي بال سوئنگ ٿيڻ جا امڪان پڻ آهن. پاڪستان جي ٽيم ۾ فخر زمان، امام الحق، اظهر علي، اسد شفيق، حارث سهيل، بابر اعظم، سرفراز احمد، حسن علي، ياسر شاهه، محمد عامر ۽ شاهين آفريدي شامل هوندا. ڏکڻ آفريڪا طرفان ڊيل اسٽين کي پنهنجي ملڪ طرفان سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ وڪيٽ جي ضرورت آهي، جنهن سان ڊيل اسٽين شان پولاڪ جو 422 وڪيٽن جو رڪارڊ ٽوڙيندو.
بوسٽن (شوبز ڊيسڪ) آمريڪي رياست ميسا چوسٽس ۾ آسڪر ايوارڊ ماڻيندڙ اداڪار ڪيون اسپيسي تي 18 ورهين جي نوجوان سان بدفعلي الزام ۾ فرد لاڳو ڪيو ويو آهي.
نانٽڪيٽ جي مقامي عدالت ۾ ان ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 7 جنوري تي ڪئي ويندي، جڏهن ته اسپيسي جي وڪيل اڃا تائين عدالت کي ڪو به جواب ناهي ڏنو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪيون اسپيسي تي الزام آهي ته هن 2 سال اڳ 18 ورهين جي نوجوان کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو هو.
گذريل سال نومبر مهيني ۾ هڪ ٽي وي چينل جي صحافي هيدر الزام هنيو ته سندس 18 ورهين جي پٽ کي اسپيسي 2016 جي جولاءِ مهيني ۾ بدفعلي جو نشانو بڻايو.
باڪسنگ ٽيسٽ سينچورين ۾ سڀاڻي کيڏي ويندي، ٽيمن جي پريڪٽس پاڪستان پهريون ڀيرو باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ حصو وٺندو، ڪاميابي لاءِ پرعزم
سينچورين (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ سيريز جي شروعات سڀاڻي کان ٿيندي. ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ٽيسٽ سينچورين ۾ باڪسنگ ڊي کان شروع ٿيندي. پاڪستان پهريون ڀيرو باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ حصو وٺندو. پاڪستان بينوني ۾ پريڪٽس ميچ ۾ ڪاميابي کانپوءِ پراعتماد آهي، جڏهن ته محمد عباس ۽ شاداب خان جي زخمي ٿيڻ سبب پاڪستان ڏکيائين جو شڪار ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته فخر زمان فٽ ٿي ٽيم ۾ شامل ٿي ويو آهي. پاڪستان پاران ٽي فاسٽ بالرن سان گڏ ياسر شاهه کي ميدان ۾ لاهيندو. ٻي پاسي ڏکڻ آفريڪا طرفان ويرون فلينڊر جي جڳهه تي ڊيني پيٽرسن کي شامل ڪيو ويو آهي. سينچورين جي سپر اسپورٽس پارڪ ۾ پاڪستان پاران گذريل ٻن سيريز ۾ ٻه ٽيسٽ ميچ هارايا هئا، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جو سپر اسپورٽس پارڪ ۾ رڪارڊ شاندار رهيو آهي، 23 ميچن ۾ 18 ٽيسٽ ميچن ۾ پروٽيز ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، کيس صرف ٻن ٽيسٽ ميچن ۾ شڪست ملي آهي.
اسلام ڪوٽ (ن پ ا)روينيو انتظاميه پاران حد دخلين خلاف آپريشن شروع،انتظاميه اسلام ڪوٽ باءِ پاس تي حددخلين خلاف آپريشن ڪندي بااثرن بجاءِ غريبن جا اجها پٽ ڪري ڇڏيا،انتظاميه روڊ کان سوين فوٽ پري اڏيل جهوپڙا به ڊاهي ڇڏيا،روينيو انتظاميه پاران اسلام ڪوٽ ۾ حددخليون هٽائڻ جي لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو،انهي سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شنڪر لال مختيارڪار عبدالغفار لاکير جي اڳواڻي ۾ روينيو ۽ ميونسپل عملي پاران وڏي مشينري ذريعي مٺي اسلام ڪوٽ روڊ کان ڪارروائي شروع ڪرڻ بدران اسلام ڪوٽ ننگرپارڪر روڊ تي اونڌهيو لڪ کان آپريشن شروع ڪري غريبن جا گهر ڊاهڻ شروع ڪيا،صبح سوير کان شروع ڪيل آپريشن سڄو ڏينهن جاري رهيو،روينيو انتظاميه پاران شهر جي باء پاس روڊ جي سينٽر جي ٻنهي پاسن کان هڪ سو ڏھ فوٽ جي ماپ ۾ ايندڙ اڏاتون هٽائڻ بجاءِ ٻه سئو فوٽ پري اڏيل غريبن جي اجهن ۽ جهوپڙين کي به ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو،متاثر دانهون ڪندا رهيا پر انتظاميه ڪنهن جي به نه ٻڌي،متاثر رهواسين پ پ ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي آڏو به سخت احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته انتظاميه پنهنجي ڪيل فيصلي تان ڦري ويئي آهي،انتظاميه پهرين ٻڌايو ته روڊ جي سينٽر کان 110 فوٽ جي ايريا اندر ايندڙ اڏاوتون هٽايون وينديو.اسان انهي تي عمل ڪرڻ لاء تيار هئاسين،پر انتظاميه طئه ٿيل ماپ کان مٿي 2 کان 3 سئو فوٽ تائين ڪاروائي ڪري اسان جا گهر توڙي جگهيون ڊاهي رهي آهي ،پ پ ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي چيو ته ڪنهن سان به زيادتي ٿيڻ نه ڏبي،انتظاميا سان ڳالهايون ٿا،جيڪا به ڪاروائي ٿي اهو قانون مطابق ۽ برابري جي بنيادن تي ڪئي وڃي،ٻي پاسي مختلف سياسي سماجي ڌرين پاران اڄ پرامن ڌرڻو هڻڻ جو سڏ ڏنو ويو آهي،انهي سلسلي۾ پ پ پ اڳواڻ سيد ڀورل شاھ رابطي تي ٻڌايو ته اسان هڪ گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن حاجي عاقيل لنجو،شريف هنگورجو،وڪيل غلام مصطفئ هنگورجو،سهراب راهمون،حاجي ثناءُالله راهمون،گۡل شير وسائيپوٽو،علي نواز مهراڻپوٽو،محسن لنجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اڄ ڊي سي ٿرپارڪر خلاف اسلام ڪوٽ جي ٽائون موڙ تي پرامن احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو،اڄ پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو،انهيءَ لاءِ اسان واپاري ڀائرن کي به عرض ڪيو آهي ته اهي به اسان جو ساٿ ڏين ۽ ضرورت پئي ته شٽر بند هڙتال به ڪئي ويندي،
ڊي ايف او طرفان پوليس اهلڪارن سان گڏ آپريشن ڪيو ويو، ڦٽيءَ جو فصل ڀيلي قبضو ختم ڪرايو ويو
گهوٽڪي (ن پ ا) سپريم ڪورٽ جي حڪم تي گهوٽڪي جي لال پير ٻيلي مان قبضا ختم ڪرائڻ لاء ڊي ايف او طرفان پوليس پوليس اهلڪارن سان گڏ آپريشن ڪيو ويو. اختيارين طرفان ڪيترن ئي ايڪڙن تي ٻڌل وونئڻن جو فصل ڀيلي قبصو ختم ڪرايو ويو. رابطو ڪرڻ تي ڊسٽرڪٽ فاريسٽ آفيسر واجد علي سولنگي صحافين سان ڳالهندي چيو ته ٻيلي جي زمينن تان قبضا سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ختم ڪرائي رهيا آهيون. اختيارين طرفان آپريشن کان اڳ ٻيلي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا. ڊي ايف او موجب لال پير ٻيلي جي ٽوٽل 13 هزار ايڪڙ زمين آھي، جنهن مان 1500 سئو ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو ويو هو.