باقراڻي (ن پ ا) باقراڻي ۾ ڪجھھ مھينا اڳ ابڙا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ فائرنگ دوران بيڏوھھ قتل ٿيل پورھيت جي قتل جو علي آباد انڙ ھائوس تي نبيرو ٿيو. جي ڊي اي اڳواڻ عدنان الطاف حسين انڙ جي سر پئنچي ۾ ٿيل نبيري ۾ جوابدار ڌر مٿان 20 لک نوجوان جي قتل جو ڏنڊ ۽ تڏو ميڙ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڏنڊ جي رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، ڌرين فيصلو قبول ڪري ورتو. 6 مھينا اڳ باقراڻي مک بازار ۾ ابڙا برادري جي ٻن ڌرين پير بخش عرف واگھ ابڙو ۽ نياز ابڙو جي ڌرين وچ ۾ جھيڙي دوران ھٿيارن جا منھن کوليا ويا ھئا، جنھن سبب مرغي وڪرو ڪندڙ 25 ورھين جو پورھيت صابر عرف گڊو ڪنڀر قتل ٿي ويو ھو. پورھيت جي قتل جو نبيرو ٿي ويو آھي، ڌرين فيصلو قبولي ورتو.
6 مھينا اڳ فائرنگ ۾ پورھيت جي قتل جو نبيرو، 20 لک ڏنڊ مقرر
شھر جي مک بازار ۾ ابڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ فائرنگ دوران پورھيت قتل ٿيو ھو
جي ڊي اي اڳواڻ عدنان الطاف انڙ جي سرپئنچي ھيٺ نبيرو ٿي ويو، ڌرين فيصلو قبولي ورتو
سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ سڀاڻي ٿيندي
سکر، نوشهرو فيروز، پير جوڳوٺ، قاضي احمد، ٽنڊي باگي ۾ ننڍي چونڊ جي تياري مڪمل
پولنگ اسٽيشنن تي پوليس ۽ رينجرز اهلڪار مقرر، چونڊ سامان پرزائيڊنگ آفيسرن حوالي
ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، ان حوالي سان سکر، نوشهرو فيروز، پير جوڳوٺ، قاضي احمد، ٽنڊي باگي ۾ ننڍي چونڊ جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي. پولنگ جو سامان چونڊ عملي کي ڏنو ويو آهي، جڏهن ته پولنگ اسٽيشنز ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويندو.
ان سلسلي ۾ سکر ۾ صرف هڪ يونين ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 4 تي اليڪشن ٿيندي، جنهن ۾ جنرل ڪائونسلر جي لاءِ 5 اميدوارن پيپلز پارٽي جي اميدوار گل محمد خان، تحريڪ انصاف جي اميدوار نعيم محمد خان ۽ آزاد اميدوارن بابر علي، شاهد حسين ۽ محمد فاروق اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن.
قاضي احمد جي پاڙيسري يونين ڪائونسل گھرام مري ۾ پڻ ھڪ سيٽ جنرل ڪائونسلر وارڊ نمبر 3تي اليڪشن ٿيندي. جتي ايس يو پي جي نامزد اميدوار محمد موسي ا جوڻو ۽ پ پ جي نامزد اميدوار نياز حسين مھر ۾ اصل مقابلو آهي. ٽنڊوباگو جي يو سي خانبهادر مير غلام محمد ٽالپر جي اڳوڻي چئرمين سيد عاقيل شاه بخاري جي وفات بعد خالي ٿيل چئرمين جي سيٽ تي سڀاڻي ضمني چونڊ ٿي رهي آھي. جتي جي ڊي اي جي اميدوار محمد موسي زنگيجو ۽ پ پ جي حاجي علي احمد نظاماڻي وچم مقابلو ٿي رهيو آھي.
نوشهروفيروز جي يونين ڪائونسل ڪوٽ ستابو جي چيئرمين لاءِ ضمني چونڊ ٿيندي،. اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جو اميدوار آصف علي عالماڻي جو مقابلو آزاد اميدوار مير محمد عالماڻي ۽ آزاد اميدوار اختر علي عالماڻي سان آهي. پ پ اميدوار آصف علي عالماڻي کي تير جو نشان، مير محمد عالماڻي کي ٻڪري جو نشان ۽ اختر علي عالماڻي رڍ جو نشان الاٽ ڪيا ويا آھن. جڏهن ته پولنگ جا انتظام سنڀالڻ لاءِ 3 ڊي ايس پيز 7 سب انسپيڪٽر 9 اي ايس آءِ ۽ 150 پوليس اهلڪارن جي ڊيوٽي لڳائي وئي آھي. ٽائون ڪاميٽي احمدپور جي ڪائونسلر ۽ يوسي راهوجه جي چيئرمين جي خالي سيٽن تي سڀاڻي چونڊون ٿينديون . وارڊ نمبر 4 جي خالي ٿيل ڪائونسلر ۽ يونين ڪائونسل راهوجه جي چيئرمين جي خالي ٿيل سيٽ تي پ پ جي محمد بخش ميتلو ۽ جي ڊي اي جي سراج الدين کنڀڙو ۽ يوسي راهوجه ۾ پ پ جي ڌڻي بخش جاگيراڻي ۽ جي ڊي اي جي ڪريم الدين ملڪ وچ ۾ مقابلا ٿيندا.
استادن جي لانگ مارچ رنگ لاتو،سرڪار پاران سندن مطالبا منظور
اسپيشل سيڪريٽري تعليم غلام عباس کيڙو ساڻن ملاقات ڪري مطالبا تسليم ڪيا
استادن جي 12 مطالبن مان 10 مطالبا منظور ڪيا آهن:اسپيشل سيڪريٽري تعليم
ملير (ناز شر) آل سنڌ پرائمري ٽيچرز ايسوسي ايشن جي جدوجهد رنگ لاٿو، استادن جا سمورا مطالبا منظور، تعليم کاتي جو اسپيشل سيڪريٽري غلام عباس ڏيٿو، ڊائريڪٽر سيڪنڊري ڪراچي حامد ڪريم استادن جي بک هڙتالي ڪيمپ ملير پريس ڪلب تي پهچي استادن کي جوس پياري هڙتال ختم ڪرائي، ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل سنڌ يونيورسٽي، اين ٽي ايس نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي ۽ اقراءَ پاس استادن کي جلد پڪو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيندو، ان موقعي تي سيڪريٽري اسپيشل غلام عباس ڏيٿو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته استادن جا مطالبا جائز آهن ۽ اڄ اسين ان سلسلي ۾ ملير پريس ڪلب آڏو ويٺل پ ٽ الف جي مرڪزي بک هڙتالي ڪيمپ تي پهچي سڄي سنڌ جي استادن کي يقين ٿا ڏياريون ته انهن سان ڪنهن به قسم جي زيادتي ٿيڻ نه ڏينداسين، استادن جي 12 مطالبن مان 10 مطالبا منظور ڪندي سنڌ يونيورسٽي ۽ اين ٽي ايس پاس ڪندڙ استادن جي پڪي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته باقي رهيل اين ٽي ايس ۽ اقراءَ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن جو نوٽيفڪيشن به 15 ڏينهن اندر جاري ڪيو ويندو، هن چيو ته بايو ميٽرڪ سسٽم ضلعي سطح تي آڻڻ لاءِ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جنهن تي پڻ جلد عمل ڪيو ويندو، هن چيو ته ڪراچي جي پرائمري استادن جا رهيل پروموشن هڪ مهيني اندر ڪري استادن مان بيچيني ختم ڪئي ويندي، ان موقعي تي پ ٽ الف جي مرڪزي صدر حاجي شفيع محمد سٺيو چيو ته سنڌ حڪومت خاص ڪري وزير تعليم سيد سردار شاهه ٿورائتا آهيون جن استادن جي جائز مطالبن کي تسليم ڪندي اڄ اسپيشل سيڪريٽري تعليم غلام عباس ڏيٿو کي استادن جي بک هڙتالي ڪيمپ تي ڳالهين لاءِ موڪليو ۽ استادن جي ڏنل 12 هن نقطن واري چارٽر آف ڊيمانڊ مان 10 مطالبا تسليم ڪيا آهن ۽ سنڌ جي استادن ۾ ڦهليل بيچيني ختم ڪرائي آهي، هن چيو ته ڳڙهي خدا بخش شهيدن جي مزار تان نڪتل لانگ مارچ مطالبن جي مڃتا بعد اڄ باقائدي ختم ڪندي اعلان ٿا ڪيون .
پيرجو ڳوٺ ۾ڪارنهن معاملي تان ڇڪتاڻ،فائرنگ ۾ نوجوان مرڻينگ
ڳوٺ پيارو اڄڻ ۾ اڄڻ برادري جي هڪ ڌر ٻئي ڌر جي نوجوان مٿان فائرنگ ڪري ڏني
مبارڪ اڄڻ گولي لڳڻ سبب زخمي،ڳڻتي جو ڳي حالت ۾ اسپتال منتقل
پيرجوڳوٺ(ن پ ا) پيرڳوٺ لڳ ڪارنهن معاملي تان فائرنگ، گوليون لڳڻ ڪري نوجوان سخت زخمي اسپتال منتقل،ان ڏس ۾ پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ پيارو خان اڄڻ ۾ اڄڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن معاملي تان ڇڪتاڻ ٿي جنهن ۾ هڪ ڌر طرفان فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان مبارڪ اڄڻ سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي واري حالت ۾ خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس حالت ڳڻتي واري ٻڌائي وڃي ٿي. ان ڏس ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته اڄڻ برادري جي دين محمد ۽ مبارڪ اڄڻ واري ڌرين ۾ ڪارنهن معاملي تان ڇڪتاڻ ٿي جنهن ۾ هڪ ڌر جي جوابدار فائرنگ ڪري ڄاڻايل نوجوان کي زخمي ڪيو.
12 مئي سانحو: ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اي ڪلاس ڪيل 65 ڪيسز مان 11 کيس ٻيهر کولي ڇڏيا
11 ئي ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٽو منتقل ڪيا ويا، سڀاڻي ٻڌڻي ٿيندي
12 مئي سانحي جي چئن ڪيسن ۾ ميئر وسيم اختر ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ٿي چڪو
ڪراچي (رپورٽر) 12 مئي سانحي جي اي ڪلاس ڪيل 65 ڪيسن مان 11 ڪيس ٻيهر کلي ويا، اي ٽي سي ٽو ۾ سڀاڻي ٻڌڻي ٿيندي، ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 12 مئي سانحي جي 65 اي ڪلاس ڪيسن مان 11 ڪيس ٻيهر کولي اي ٽي سي ٽو منتقل ڪري ڇڏيا، ڪيسن جون فائلز به اي ٽي سي ٽو منتقل ڪيون ويون، سڀاڻي ٻڌڻي ٿيندي، 12 مئي سانحي جي چئن ڪيسن ۾ ميئر ڪراچي وسيم اختر سميت 21 جوابدار نامزد آهن، جن مان وسيم اختر ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ٿي چڪو آهي، واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ 12 مئي سانحي جي اي ڪلاس ڪيل 65 ڪيسن جو ٻيهر جائزو وٺڻ جو حڪم ڏنو هو