اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته مني لانڊرنگ ڪيس کي ڏسجي ته نوازشريف ويچارو آهي، جي آءِ ٽي رپورٽ ڇرڪائي ڇڏيو آهي، اومني گروپ ذريعي سنڌ حڪومت استعمال ٿي، مراد علي شاهه به ان معاملي ۾ ملوث آهي، اسلام آباد ۾ فواد چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم جي صلاحڪار بيريسٽر شهزاد اڪبر جو چوڻ هو ته جي آءِ ٽي رپورٽ سنڌ ۾ زرداري سسٽم کي بي نقاب ڪيو، سنڌ جا ماڻهو زرداري سسٽم کان واقف آهن، اسان گري لسٽ ۾ ڇو آهيون، جي آءِ ٽي رپورٽ ڏسي خبر پئجي وڃي ٿي، جعلي اڪائونٽس ذريعي پئسا هڪ کان ٻي ۽ ٻي کان ٽئين کي منتقل ٿيا، اومني گروپ کي خريدڻ بعد سنڌ حڪومت ان انڊسٽري لاءِ اسڪيم ڪڍندي هئي، مختلف شعبن جي سسبڊي مد ۾ 60 ارب رپيا جعلي اڪائونٽس ۾ منتقل ڪيا ويا، اومني جي اثاثن جي ڪل رقم 15 ارب کان وڌيڪ نه هئي، اثاثا وڌيڪ ڏيکاري اومني گروپ کي سنڌ بينڪ ۽ نيشنل بينڪ کان 54 ارب رپين جو قرض ڏنو ويو، جي آءِ ٽي رپورٽ مطابق ڪيس جو مرڪزي ڪردار آصف زرداري آهي،بلاول لاءِ 27 ٻڪرن جي قرباني به جعلي اڪائونٽ مان ڪئي وئي، فريال ٽالپر جي ڊفينس واري گهر ۽ زرداري جي نوابشاهه واري گهر لاءِ رقم به جعلي اڪائونٽ مان ڏني وئي.
جوهي ڀرسان ڪانڌين کان ڦرلٽ، احتجاج، اطلاع باوجود پوليس نه پهتي
دادو(رپورٽر) جوهي جي حاجي لنڪ روڊ تي حادثي ۾ فوت ٿيل ميان ڏتو کوسو جو مڙھ سول اسپتال دادو کان ڪاڇي جي باز مال کوسو نيو پئي ويو ته جوهي ڀرسان حاجي خان لنڪ روڊ تي 12 هٿياربند ڦورن ايمبولنس ۽ ان سان گڏ موٽر سائيڪلن تي ويندڙ ڳوٺاڻن کي هٿيارن جي زور تي روڪي 2 موٽر سائيڪلون ۽ 8 موبائيل سيٽ ڦر ڪري ڀڄي ويا آهن فوتي ڳوٺاڻي جي وارثن پاران جوهي پوليس کي اطلاع ڏنو پر پوليس ٻن ڪلاڪن تائين واقعي واري هنڌ نه پهتي ڳوٺاڻن محبوب ، اعجاز کوسو ، شريف لنڊ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ميت سان گڏ هئڻ باوجود،انسانيت کان ڪريل ڦورن کائن ڦر ڪئي آهي ٻئي طرف ايس ايس پي دادو پرويز احمد عمراڻي جو چوڻ آهي اهڙي واقعي جو اطلاع آهي جلد پوليس واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري ڦر ڪيل سامان واپس ڪرائيندي.
نوازشريف کي فليگ شپ ريفرنس مان ٽيڪنيل طور بري ڪيو ويو: فواد چوڌري
آصف زرداري ۽ نوازشريف بي نقاب ٿي ويا، نواز جي دفاع لاءِ سندس ٻار به نه آيا
اومني ذريعي سنڌ حڪومت کي استعال ڪيو ويو، ان معاملي ۾ مراد شاهه به ملوث آهي

اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آصف زرداري ۽ نوازشريف اڄ بي نقاب ٿي ويا،فليگ شپ ريفرنس ۾ نوازشريف کي ٽيڪنيڪل بنيادن تي بري ڪيو ويو، وفاقي وزير پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته دنيا جي ڪرپٽ ماڻهن ۾ نوازشريف جو نالو آهي، پاناما ڪيس کي انجام تي پهچائڻ لاءِ عمران خان جي قيادت ۾ ڊگهي جدوجهد ڪئي، هن چيو ته نوازشريف پرڏيهه ۾ اولاد جي نالي تي مڪليتون خريد ڪيون، حسن نواز جي گرفتاري کانپوءِ فليگ شپ ريفرنس اڳتي وڌندو، پاناما ڪيس اپريل ۾ سامهون آيو هو، نوازشريف کي تمام وڏو موقعو مليو،پر ڪنهن به فورم تي وضاحت نه ڪري سگهيو،نوازشريف جي دفاع لاءِ ٻار به نه آيا، اومني گروپ ذريعي سنڌ حڪومت کي استعمال ڪيو ويو، ان سموري معاملي ۾ مراد علي شاه به ملوث آهي.
نيب نوازشريف کي وٺي اڊيالا رواني، سڀاڻي ڪوٽ لکت منتقلي جو امڪان
اسلام آباد (م ڊ) نيب ٽيم نوازشريف کي وٺي احتساب عدالت کان اڊيالا جيل رواني ٿي وئي، العزيزيه ريفرنس ۾ احتساب عدالت مان سزا ملڻ کانپوءِ نيب باقائده طور اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف کي حراست ۾ وٺي عدالت کان اڊيالا جيل وٺي وئي، ذريعن موجب نوازشريف کي سڀاڻي صبح جو اڊيالا جيل کان ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو ويندو.
”نواز شريف کي ڪوٽ لکپت جيل ۾ رکيو وڃي“ عدالت جو حڪم
عدالت نواز طرفان اڊيالا جيل کان ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪرڻ واري درخواست منظور ڪئي
اسلام آباد (رپورٽر) اسلام آباد جي احتساب عدالت نواز شريف کي اڊيالا کان ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. نواز شريف کي العزيزيه ريفرنس ۾ سزا ملڻ بعد وڪيل خواجه حارث طرفان نواز شريف کي اڊيالا کان ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي. عدالت درخواست منظور ڪندي نواز شريف کي لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ رکڻ جو هڪم ڏئي ڇڏيو.
سينيٽ ۾ اپوزيشن خلاف ڪاررواين تي احتجاج، پيپلزپارٽي جو واڪ آئوٽ
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر خلاف انتقامي ڪارروايون ڪرڻ تي احتجاج. پيپلز پارٽي جو واڪ آئوٽ، ڪورم جي نشاندهي، اجلاس بنا ڪارروائي جي اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي. سينيٽ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو ته پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان چيو ته هي ايوان ٻُسو ٻُسو لڳي رهيو آهي ڇو ته مخالف ڌر جا ميمبر پنهنجي قيادت سان عدالتن اڳيان جھڪڻ لاءِ عدالتن ۾ موجود آهن. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ پروجيڪٽر ذريعي ڏيکاري وئي، پيپلز پارٽي جي قيادت کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. احتساب جي نالي تي قوم سان مذاق ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون ايف آءِ اي جي عملدارن سان ملاقاتون ڪيون، گواهن سان مليو. هي ڪهڙو مذاق بنايو پيو وڃي. هي ڪهڙي قسم جي جي آءِ ٽي ٺهي آهي. توهان احتساب ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڪيو، پيپلز پارٽي ۽ مخالف ڌر ان لاءِ حاضر آهي. اسان، عوام ۽ عدالتن کي مسلسل جواب ڏيندا رهيا آهيون. هن چيو ته سرگوڌا يونيورسٽي جو پروفيسر سرڪاري تحويل ۾ فوت ٿيو. تدفين وقت سندس جسم زنجيرن سان جڪڙيل هو، ڇا هي مديني جي رياست آهي؟ جتي ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو ۽ ان جي پارٽي کي انصاف نه ٿو ملي. هن چيو ته آصف زرداري 11 سال جيل ڪاٽيو پر سندس خلاف ڪو ڪيس ثابت نه ٿيو پر آئين ٽوڙڻ وارن کي مڪمل ڇوٽ ڏني وئي آهي ته اهي ملڪ کان ٻاهر آهن. احتساب رڳو مخالف ڌر جو ڇو ٿي رهيو آهي؟ وزير اعظم جي فيملي ميمبرن پنهنجا اثاثه ظاهر نه ڪيا. اوهان پنهنجي ملڪيت کي ريگيولر پيا ڪيو. توهان سئو ڏينهن ۾ 50 هزار ماڻهن جا گھر ڊاٺا آهن ۽ هڪ لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو آهي. هنن جا انوکا لاڏلا معافيون حاصل ڪري رهيا آهن، کين ڇوٽ مليل آهي. ايف آءِ اي جي ڊي جي بشير ميمڻ جو ڀاءُ پيپلز پارٽي خلاف چونڊ وڙهي چڪو آهي. هي ڪهڙو احتساب آهي، احتساب جي نالي تي مخالف ڌر کان انتقام ورتو پيو وڃي. هن چيو ته هن ايوان کان ٻاهر جيڪڏهن ائين ٿيندو ته اسان هن ايوان کي ائين بي معنيٰ هلڻ نه ڏينداسين. جنهن تي قائد ايوان شبلي فراز چيو ته هڪ طرفو احتساب ٿيڻ بابت اپوزيشن چرچو بڻايو آهي. نواز شريف پنهنجي حڪومت ۾ نااهل ٿيو ان سان پي ٽي آءِ جو ڪو تعلق نه آهي. نيب چيئرمين پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ مقرر ڪيو. ماضي ۾ انهن جي ڪرپشن تي پڙدو رکيو ويندو هو. پي ٽي آءِ حڪومت ادارن کي مداخلت کان پري رکيو آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته اهي آزادي سان ڪم ڪن. هن چيو ته پيپلز پارٽي 5 سال حڪومت ڪئي ان جي قاتلن کي انجام تائين ڇو نه پهچايو. هن چيو ته آصف زرداري مٿان ڪيس آهن، هي تنهنڪري دٻاءُ رکي رهيا آهن. جنهن تي اپوزيشن سينيٽ مان واڪ آئوٽ ڪري ٻاهر هلي وئي. ان دوران سڌ سماءُ جو وزير فواد چوڌري جواب ڏيڻ لاءِ اٿيو ته پيپلز پارٽي جي سينيٽر سسئي پليجو ڪورم پورو نه هجڻ جي نشاندهي ڪري ڇڏي جنهن تي سينيٽ چيئرمين ايوان جي ڪارروائي روڪي ڳڻپ ڪرائي ته ڪورم پورو نه هيو جنهن ڪري سينيٽ جي ڪارروائي اڌ ڪلاڪ لاءِ ملتوي ڪئي وئي. تيسيتائين سينيٽ چيئرمين حڪومتي ڌر کي مخالف ڌر کي پرچائڻ جي هدايت ڪئي. اڌ ڪلاڪ کانپوءِ سينيٽ جو اجلاس ٻيهر شروع ٿيو. مخالف ڌر اجلاس ۾ اچڻ کان حڪومت کي کتو جواب ڏئي ڇڏيو. جنهن سبب ڪورم پورو نه ٿي سگھيو ۽ سينيٽ جو اجلاس بنا ڪنهن معمول جي ڪارروائي جي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو.
هر شخص کي لڳي ٿو ته مان ئي سڀ کان وڏو آهيان: ڪائره
جي آءِ ٽي رپورٽ جون ڳالهيون ته وزير به ڪندا رهيا آهن: پ پ اڳواڻ
لاهور(م ڊ ) پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته هر شخص کي لڳي ٿو ته مان ئي سڀني کان وڏو آهيان ۽ مسئلي جو حل هُن وٽ آهي، پر مسئلن جو حل رڳو آئين تي عمل ڪرڻ ۾ آهي.
سپريم ڪور لاهور رجسٽري ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي قمر زمان ڪائره چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ اسان لاءِ ڪجهه به نئون ناهي، رپورٽ جون ڪيتريون ئي ڳالهيون اسان وزيرن کان به ٻڌيون، عدالتي پابندي باوجود جي آءِ ٽي رپورٽ ميڊيا تي آئي.
هن چيو ته اسان ٻڌائينداسين ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ پهريان ڪٿي ڪٿي ڏيکاري وئي، سياسي ماڻهن سان گڏجي اها رپورٽنگ ڪئي وئي، جي آءِ ٽي
ڪراچي: چيف سيڪريٽري جي صدارت ھيٺ اجلاس، مختلف کاتن ۾ فوتي ڪوٽا تحت 254 ڀرتيون ڪرڻ جي منظوري
چيف سيڪريٽري ممتاز ساهه جي صدارت ۾ اجلاس ، فوتي ڪوٽا تي ڀرتين جو فيصلو ڪيو ويو
تعليم ۾ 150، صحت کاتي ۾ 38 ۽ گهرو کاتي ۾ 34 ملازم ڀرتي ڪرڻ جي منظوري
ڪراچي ( ن پ ا ) ڪراچي ۾ چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي ساهه جي صدارت هيٺ ٿيل فيصلي ۾ فوتي ڪوٽا تي 254 ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ،جڏهن ته معذور ڪوٽا تي به عمل ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي .اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۾ 150 ، صحت کاتي ۾ 38 ۽ گهرو کاتي ۾ 34 ملازم ڀرتي ڪيا ويندا. چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاهه جو چوڻ هو ته فوتي توڙي معذور ڪوٽا ۾ هاڻ بلڪل به دير برداشت نه ڪنداسين .هن چيو ته ڀرتين واري عمل کي مڪمل طور تي شفاف بنايو ويندو .اجلاس ۾ لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽريز به شرڪت ڪئي .
ڪرمپور ۾ پورهيت جي قتل جو ڪيس تيغاڻي برادري جي 11 ڄڻن خلاف داخل
بجاراڻي – تيغاڻي تڪرار تان 2 ڏينهن اڳ پورهيت علي بجاراڻي قتل ٿيو
نوجوان جي قتل بعد ڌرين ۾ ٺاهه جي تاريخ مقرر ڪرڻ لاءَ رٿيل گڏجاڻي ملتوي
ڪرمپور (رپورٽر)ڪرمپور ۾ بجاراڻي- تيغاڻي خوني تڪرار ۾ ٻه ڏينهن اڳ بيگناه قتل ٿيل پورهيت نوجوان دوست علي بجاراڻي جو قتل ڪيس سندس ڀائيٽي جي فرياد تي تيغاڻي برادري جي 11 جوابدارن خلاف غوثپور ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي .ڪيس ۾ غازي تيغاڻي ، نادر ،ارباب ، واحدبخش ، ثناءالله، علي محمد، محبوب،رحمت الله ۽ ٽن نامعلوم جوابدارن کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو پوليس پاران هڪ جوابدار رحمت الله عرف ٻوڙو تيغاڻي کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي . هوڏانهن گذريل ڏينهن ٻنهي برادرين جي سردارن سردار محبوب علي بجاراڻي ، سردار تيغو خان تيغاڻي ۽ (جسم) چيئرمين رياض چانڊيو ۽ سردار منظور پنهنور جي گڏجاڻي ڪراچي ۾ رٿيل هئي جنهن ۾ خوني جهيڙي جي خاتمي لاء جرڳي جي تاريخ مقرر ڪرڻي هئي پر هن واقعي کان پوء اها گڏجاڻي ڪينسل ڪئي وئي ۽ فيصلي جي تاريخ مقرر نه ٿي سگهي .
آصف زرداري جا گهوڙا مربا کائيندا هئا، 50 سيڪڙو شگر ملون انهن جون آهن: علي زيدي
اسلام آباد ( م ڊ ) وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته آصف زرداري جا گهوڙا صوفن جا مربا کائيندا هئا، سنڌ جون 50 سيڪڙو شگر ملون آصف زرداري ۽ سندس دوستن جون آهن، انهن ملز کي سنڌ بينڪ کان ڳاٽي ٽوڙ قرض ڏياريا ويا، سنڌ بينڪ پنهنجي اصل موڙي کان وڌيڪ قرض ڏنا.
ايان علي ڪٿي آهي؟ چيف جسٽس جو پڇاڻو

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سپر ماڊل آيان علي بابت پڇاڻو ڪيو ته آيان ڪٿي آهي؟ جنهن تي وڪيل وراڻيو ته آيان علي بيمار آهي ۽ هوءَ پرڏيهه ۾ علاج لاءِ ترسيل آهي، جنهن تي چيف جسٽس سواليه انداز ۾ چيو ته جيڪڏهن ڪير بيمار ٿي پرڏيهه وڃي ٿو ته ان کي واپس آڻڻ جو ڪهڙو طريقو آهي؟
ڪراچي ۾ ڪرسمس دوران دهشتگردي جي منصوبابندي ناڪام، 5 گرفتار
ملير پوليس جي مقابلي ۾ 5 دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ، هٿياربه هٿ ڪيا ويا
ملير (ن پ ا ) ملير پوليس طرفان ڪرسمس جي موقعي تي دهشتگرد ڪاررواين جي منصوبه بندي ڪندڙ 5 ڏوهارين کي مقابلي بعد گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي .ايس ايس پي ملير دعويٰ ڪئي آهي ته دهشتگرد ڪرسمس جي موقعي تي دهشتگردي جي منصوبابندي ڪري رهيا هئا ،ڳجهي اطلاع تي پوليس ڪارروائي ڪئي ته پوليس ۽ دهشتگردن ۾ مقابلو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ بعد 5 دهشتگردن امجد نويد ممتاز ، رضوان ۽ مريد کي گرفتار ڪيو آهي. پوليس موجب گرفتار دهشتگردن وٽان دستي بم ۽ ٻيا هٿيار به هٿ ڪيا آهن. ايس ايس پي جو چوڻ هو ته دهشتگردن جي ڪيل فائرنگ ۾ پوليس موبائيل کي به گوليون لڳيون ۽ خوش قسمتي سان مقابلي ۾ حصو وٺندڙ سمورا اهلڪار محفوظ رهيا . جوابدارن تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڪئي وئي آهي .
زرداري،بحريا ۽ اومني گروپن تي ملڪيتن جي خريد ۽ وڪري تي پابندي
سُپريم ڪورٽ آصف زرداري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، 31 ڊسمبر تي جواب طلب
عدالتي حڪم تي جي آءِ ٽي رپورٽ جون ڪاپيز آصف زرداري ۽ اومني گروپ جي وڪيلن حوالي ڪيون ويون

لاهور (م ڊ) سُپريم ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جي آءِ ٽي طرفان رپورٽ پيش ڪرڻ بعد زرداري،بحريا ۽ اومني گروپن تي زمينن جي خريداري ۽ وڪري تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. سُپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ٻڌڻيءَ دوران جي آءِ ٽي جي رپورٽ جو جائزو وٺڻ بعد عدالت آصف زرداري کي نوٽيس جاري ڪندي جي آءِ ٽي رپورٽ تي 31 ڊسمبر تائين جواب ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ٻڌڻيءَ دوران عدالت جي حڪم تي آصف زرداري ۽ اومني گروپن جي وڪيلن کي جي آءِ ٽي رپورٽ جون ڪاپيون ڏنيون ويون. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته لڳي ٿو ته اربين رپين جا کانچا آهن، معاف نه ڪنداسين، اومني گروپ وارن جي مڳي ختم ناهي ٿي، اهي اربين رپيا کائي ويا پوءِ به بدمعاشي ڪري رهيا آهن.
حيدرآباد: رينجرز آفيس ٻاهران دستي بم هٿ ڪيو ويو، علائقي کي ڪڙو

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي مان رينجرز آفيس ٻاهران دستي بم هٿ ڪيو ويو آهي. قاسم آباد ۾ رينجرز جي آفيس ٻاهران شڪي ٿيلهو موجود هجڻ جو اطلاع ڏنو ويو، جنهن بعد بم ڊسپوزل اسڪواڊ پهچي آفيس جو معائنو ڪيو ۽ ٿيلهي مان دستي بم هٿ ڪيو ويو. اُن موقعي تي رينجرز اهلڪارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو ۽ رينجرز آفيس جي چوڌاري گاڏين جي اچ وڃ کي بند ڪيو ويو.
زمينن الاٽمينٽ اسڪينڊل: سنڌ هاءِ ڪورٽ قائم علي شاهه جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي
سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران قائم علي شاهه کي نيب سان جاچ ۾ سهڪار جي هدايت
پي ٽي آءِ سرڪار سياسي مخالفن خلاف ڪارروائي کانسواءِ ڪجهه نه ٿي ڪري: اڳوڻو وڏو وزير
ڪراچي ( ن پ ا ) سنڌ هاءِ ڪورٽ زمين الاٽمينٽ ڪيس ۾ اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي ضمانت منظور ڪري ورتي، کيس جاچ ۾ نيب سان سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، قائم علي شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ سرڪار سياسي مخالفن خلاف ڪارروائي کانسواءِ ڪجهه نه ٿي ڪري.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ملير ندي جي 25 ايڪڙ زمين جي الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ قائم علي شاهه جي درخواست تي ٻڌڻي، قائم علي شاهه جي وڪيل ضمير گهمرو چيو ته جيڪا زمين الاٽ ڪئي وئي هئي، اها رد به ڪئي وئي هئي، نيب جي جاچ غير قانوني آهي.
عدالت اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي 10 لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪندي کيس نيب سان جاچ ۾ سهڪار جي هدايت ڪري ڇڏي.
ٻڌڻي بعد عدالت ٻاهران ڳالهائيندي اڳوڻي وڏي وزير چيو ته زمين الاٽمينٽ وارو معاملو عدالت ۾ آهي تنهنڪري ان تي ڪجهه نه ڳالهائيندس، زمين جي الاٽمينٽ ڪئي وئي هئي پر اها رد ٿي چڪي آهي.
قائم علي شاهه چيو ته ڪيس ۾ ڪجهه به ناهي، پوءِ به نوٽيس موڪليو ويو آهي، حڪومت جي ڪارڪردگي سڀني جي سامهون آهي، سياستدانن خلاف ڪارروائي کانسواءِ ڪجهه نه ٿي ڪري.