fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

محمد سليم رضا لاڙڪاڻي جو نئون ڪمشنر مقرر

نئين ڪمشنر جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو

سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن کاتي لاڙڪاڻي جي نئين ڪمشنر جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جنهن تحت محمد سليم رضا کي لاڙڪاڻو جو ڪشمنر مقرر ڪيو ويو آهي.
ان کان اڳ ڪشمنر لاڙڪاڻي جي واڌو چارج ڪمشنر سکر رفيق احمد ٻرڙو کي وٽ هئي

ڪڪڙن جي ميل تي ڇاپي دوران هٿ آيل پيسن ۽ گاڏين تان اختلاف ٿيا

پوليس جا ٻه عملدار ڏوهارين جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن :سياسي سماجي ڌريون

شڪارپور: ذريعن موجب ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ بين الصوبائي ڪڪڙن جي ميل تي ڇاپي دوران شڪارپور پوليس ڪروڙين رپيا روڪ رقم 100 کان وڌيڪ ڪارون، 180 کان وڌيڪ موٽر سائيڪلون ۽ سوين خفتين کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو هو، جنهن تان ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي صوبيدار ۽ نيوجداري ٿاڻي جي صوبيدار وچ ۾ اختلاف وڌي وڃڻ سبب اغوائن جو سلسلو شروع ٿي ويو ان کان اڳ شڪارپور ضلعي ۾ اغوائن جو سلسلو اٽي ۾ لوڻ برابر هو.
شڪارپور: شڪارپور ضلعي ۾ اغوائن جي وارداتن وڌي وڃڻ ڪري شڪارپور جي سياسي، سماجي ڌرين جي اڳواڻن عادل شيخ، عمير ، فهد شهزاد سولنگي، زاهد ڀنڀرو، محمد قاسم پٺاڻ، سالڪ سومرو ۽ ٻين گهنٽا گهر لکيدر چوڪ تي احتجاج ڪندي چيو ته شڪارپور ۾ مک منصبن تي ويٺل پوليس جا ٻه عملدار شڪارپور ۾ ڏوهارين ۽ قانون جي ويرين جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن جن شڪارپور پوليس کي ٻن واضح گروپن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي اڳواڻن چيو ته ڏوهاري مافيائن ۽ گروپن توڙي سماجي برائين جي اڏن تان ڀتن جي وصولي جهڙن سنگين مامرن تان شڪارپور پوليس ۾ ٻه ڌڙا ٿي چڪا آهن .

صوبيدارن ۾ اختلافن شڪار پور کي ڌاڙيل اسٽيٽ بڻائي ڇڏيو، 2 مهينن ۾ 10 ڄڻا اغوا

خفتين وٽان هٿ آيل ڪروڙين رپين تان ٻن صوبيدارن ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ انڪشاف، ڌاڙيلن کي موقعو ملي ويو، اغوائن ۾ واڌ

شڪارپور شهر ۽ ڀرپاسي ۾ ماڻهو کڻڻ جون وارداتون تيز، لکي، ڳڙهي ياسين ۽ خانپور تعلقن مان به اغوا جا واقعا
شڪارپور ۾ اغوا ٿيل شھري

شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروهي) شڪارپور سڀ کان وڌيڪ اغوائن وارو ضلعو بڻجي ويو، ٻن مهينن اندر 10 ماڻهو اغوا، 9 ڊرامائي انداز ۾ بازياب، هڪ ڀنگ نه ڀرڻ ڪري قتل، ڪڪڙن جي ميل تان خفتين وٽان هٿ آيل ڪروڙين رپين تان ٻن صوبيدارن ۾ اختلافن سبب اغوائن ۾ اضافي ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. شڪارپور ضلعي جي تعقلي خانپور، لکي غلام شاهه، ڳڙهي ياسين سميت ضلعي کان ٻاهران ماڻهن کي اغوا ڪري جوابدار دريائي پٽي جي ڪچي واري علائقي ۾ کڻي وڃن ٿا، جتان کين پوليس ڪجهه وقت کان پوءِ ڊرامائي انداز ۾ بازياب ڪرائي ٿي، گذريل مهينن جي انگن اکرن موجب ڏهن ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو ،جن ۾ عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيل گھوٽڪي واسي ابوبڪر سولنگي ۽ مولا بخش سولنگي، شڪارپور واسي نوجوان شعيب شاهه، رتيديرو واسي زبير بروهي کي اغوا ڪيو ويو، جڏهن ته هٿيارن جي زور تي ميان صاحب واسي محمد حنيف بروهي کي اغوا ڪيو ويو ساڳي ڏينهن تي ڳوٺ بوجا ناپر واسي 14 سالا نينگر اصغر علي ناپر کي اٺن هٿياربندن اغوا ڪيو، لکي غلام شاھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڀرڪڻ ۾ نامعلو هٿيار بند ڌاڙيل ٻن سڳن ڀائرن محمد قاسم ۽ عبدالواحد ڀيو کي اغوا ڪري کڻي ويا، ڪجهه ڏينهن بعد هٿيار جي زور ڳوٺ اسلم بروهي ڀرسان پنهل مارفاڻي ۽ غلام قادر مارفاڻي کي اغوا ڪيو ويو، جن کي شڪارپور پوليس مقابلن جي دعويٰ ڪندي بنا ڪنهن گرفتاري جي مغوين کي ڊرمائي انداز ۾ بازياب ڪرايو، جڏهن ته ميان صاحب واسي محمد حنيف بروهي کي ڀنگ نه ڀرڻ ڪري اغوا بعد بيدري سان قتل ڪيو ويو،
شڪارپور: اغوائن بعد بازياب ٿيل مغوين شعيب شاهه، اصغر علي ناپر، ابوبڪر سولنگي، مولا بخش سولنگي ۽ ٻين “پنهنجي اخبار ” سان ڳالهائيندي چيو ته ڌاڙيل ھنن مٿان سخت تشد ڪندا ھئا، عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيندڙن چيو ته ڇوڪري جي مس ڪال اچڻ بعد ٽن مهينن تائين رابطو رهيو جنهن بعد هو انڊس هاءِ وي تي مڇي ٻنڊو وٽ پهتا ته موٽر سائيڪل سوارن هنن کي اغوا ڪري سندن وارثن کان ڀنگ طلب ڪيو .
شڪارپور: ايس ايس پي شڪارپور ساجد امير صدوزئي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پوليس ۾ پئدا ٿيل ڌڙا بندي کان چڱيءَ ريت واقف آھيان، امن امان سان هٿ چراند ڪندڙن کي معافي نه ڏبي هن وڌيڪ چيو ته مغوين جي بازيابي جي لاءِ هن اي پي سي چين ساڻ ڪري ڪچي اندر آپريشن ڪيو آهي جنهن ۾ هن ٻن اغوا ڪارن کي پڻ گرفتار ڪيو آهي هن وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته پوليس اندر اختلاف ٿيندا رهندا آهن پر عوام کي انهن اختلافن جي ور چڙهڻ نه ڏبو.

سنڌ جي 141 مڪاني سيٽن تي ننڍي چونڊ، پولنگ عمل جاري

ڪراچي، حيدرآباد، سانگهڙ ،شهروفيروز، گهوٽڪي ، عمرڪوٽ،خيرپور،سکر ۽ ٻين ضلعن ۾ به مختلف سيٽن تي ننڍي چونڊ لاءِ ووٽنگ جاري

ميمبرن جي لاڏاڻي ، نااهلي ۽ اسيمبلين ۾ وڃڻ سبب سيٽون خالي ٿيون ، پولنگ جو عمل شام 5 وڳي تائين جاري رهندو
سنڌ ۾ضمني مڪاني چونڊن لا ۽ پولنگ جو عمل جاري

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي 141 بلدياتي سيٽن تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي جيڪو بغير ڪنهن ساهي جو شام جو 5 وڳي تائين جاري رهندو .ياد رهي ته بلدياتي نمائيندن جي فوت ٿيڻ ، نااهلي توڙي اسيمبلين ۾ وڃڻ سبب اهي سيٽون خالي ٿيون آهن .ڪراچي جي 6 ضلعن جي 24 سيٽن تي چونڊ ٿي رهي آهي جنهن لاءِ 183اميدوارن ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي ،3 ميونسپل ڪارپوريشن جون سيٽون به شامل آهن . ملير ضعلي جي 8 ،ڏکڻ ضلعي جي 6، اولهه ضلعي جي 4 سيٽن تي مقابلو ٿي رهيو آهي . ڪراچي سان گڏ سنڌ جي ٻين ضعلن جنهن ۾ حيدرآباد، ميرپورخاص، سانگهڙ ، گهوٽڪي ، شڪارپور ، سکر ، خيرپور ، عمرڪوٽ ۽ نوشهروفيروز ۾ به به چونڊ ٿي رهي آهي .

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گئس جو پريشر گهٽجي ويو،رڌ پچاءُ ۾ ڏکيائيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر )ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گھريلو گيس جو پريشر گھٽجي ويو، رڌ پچاءُ ڪندڙ عورتون سخت پريشان، ان حوالي سان ڪالهه شام کان رات دير تائين خاص طور تي گلشن اقبال، سچل ڳوٺ، سفوران واري علائقي ۽ صدر جي ڪجهه علائقن ۾ گھريلو گيس جو پريشر معمول کان گھٽجي وڃڻ سبب رڌ پچاءُ وارين عورتن کي سخت ڏکيائي پيش آئي. ان سلسلي ۾ شهرين جو چوڻ آهي ته گيس جو پريشر معمول موجب آڻي تڪليفن کان بچايو وڃي.

حڪومت اچڻ وقت سعودي سان لاڳاپا سٺا نه هئا: شاهه محمود

شڪيل آفريدي جي بدلي عافيه جي آزادي جو ڳالهيون غلط آهن: پرڏيهي وزير

حڪومت سعودي عرب ۽ يو اي اِي سان لاڳاپا بهتر ڪري ورتا آهن

ملتان( م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي انڪشاف ڪيو آهي ته اسان جي حڪومت اچڻ وقت سعودي سان لاڳاپا سٺا نه هئا، جڏهن ته شڪيل آفريدي جي بدلي عافيه صديقي جي آزادي واريون خبرون بي بنياد ۽ ڪوڙيون آهن. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف کي اسان شرطن ۾ لچڪ ڏيکارڻي پوندي، اسان کي گهڻيون ڏکيون حالتون مليون آهن، جڏهن اسان آياسين ته سعودي عرب سان تلخيون هلي رهيون هيون پر هاڻ سعودي حڪومت 3 ارب ڊالر پاڪستان کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته متحده عرب امارات سان به گرم جوشي نه پئي وٺي وڃي پر عمران خان يو اي اِي جو دورو ڪيو ۽ انهن جو وفد هتي آيو، ڪم جي لاءِ جاءِ ڏٺي ۽ رپورٽ پيش ڪئي، ايندڙ هڪ کان 2 مهينن ۾ يو اي اِي جو سربراهه پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو، اِهو بهترين پرڏيهي پاليسي جو ثبوت آهي. پرڏيهي معاملن جي حوالي سان آئون اِهو چئي سگهان ٿو ته تبديلي اچي ناهي رهي پر اچي وئي آهي. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جي لاءِ ڪوششون ڪندو رهندو، افغانستان گڏجي ويهڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر اصل فيصلو اُتي جي عوام جو آهي ته ڇا هو گڏجي ويهڻ چاهي ٿي؟ آمريڪا به پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪئي آهي ۽ شرطن کان سواءِ ڳالهين جو آغاز ڪيو آهي، طالبان جي ڪجهه ماڻهن کي ماحول سازگار بڻائڻ جي لاءِ آزاد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ مسلسل ڀارتي جارحيت جاري آهي، پاڪستان ان مسئلي کي هر فورم تي کنيو، عمران خان يو اين جي سيڪريٽري جنرل سان به ڳالهيون ڪيون آهن هو ڪشميرين جي حق خود اراديت جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ وادي ۾ انساني جي سنگين ڀڃڪڙين کي روڪيو وڃي.

ڀڄي ناهيان ويو، نياڻين سان ملڻ آمريڪا ۾ آهيان: خواجه آصف

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه آصف پرڏيهه ڀڄي وڃڻ جي افواهن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته مان پنهنجي نياڻين سان ملاقات لاءِ آمريڪا ۾ آهيان ۽ جلد ئي وطن واپس اچي ويندس. هڪ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته مان هن وقت آمريڪا ۾ موجود آهيان جتي پنهنجي نياڻين سان ملڻ لاءِ آيو آهيان. هن چيو ته ميڊيا تي هلندڙ خبرون بي بنياد آهن ۽ جلد ڏيهه واپس اچي رهيو آهيان. افواهه آهن ته نيب جي گرفتاري کان بچڻ لاءِ خواجه آصف ٻن هفتن کان پرڏيهه ۾ ترسيل آهي.

پي ٽي آءِ ”نو ايڪشن ٽاڪ اونلي“ واري سرڪار آهي: احسن اقبال

نارروال (م ڊ) ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال تحريڪ انصاف حڪومت کي ”نو ايڪشن اونلي ٽاڪ“ واري سرڪار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي خطاب تي ردعمل ڏيندي اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته عمران خان 3 سئو ڏينهن کانپوءِ به اها ئي تقرير ڪندو، ڀلي سڄي اپوزيشن سان جيل ڀري ڇڏيو، تڏهن به اهي ڊيليور نٿا ڪري سگهن ڇو ته حڪومت وٽ نظريو، صلاحيت ۽ روڊ ميپ ناهي. سندس چوڻ هو ته هن حڪومت 125 ڏينهن ۾ گذريل 10 سالن کان وڌيڪ مهانگائي ڪئي آهي ۽ معيشت جو ڦيٿو جام ڪري ڇڏيو آهي، اهي ن ليگ جا منصوبا پنهنجي کاتن ۾ وجهي حڪومت هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

ٽنڊي آدم ويجھو ٽرڪ جي ٽڪر ۾ نينگر فوت

ٽنڊوآدم ( نمائندو ) ٽنڊوآدم حيدرآباد روڊ تي ڳوٺ غازي خان ڪاتيار وٽ تيز رفتار ٽرڪ جي ٽڪر م 8 سالا ٻاررو شڪيل پٽ محمد شريف ڪاتيارٿڏي تي فوت ٿي ويو لاش تعلقه اسپتال آڻڻ بعد ضروري ڪارروائي بعد وارث لاش ڳوٺ غازي خان ڪاتيار کڻائي ويا ٻارڙي جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو سٽي پوليس ٽرڪ ڊرائيور گلباز کي گرفتار ڪري ورتو آهي

ڏانئڻ غربت هڪ وڌيڪ حياتي کسي ورتي، ماتلي ۾ عورت جو آپگهات

ماتلي(ن پ ا) ماتلي ۾ ڏانئڻ غربت هڪ وڌيڪ هوا ڄائي کان حياتي کسي ورتي. ماتلي جي ڳوٺ مونڌرو ڪولھي ۾ ناري نيلان ڪولھڻ ڳچيءَ ۾ رسو ٻڌي آپگهات ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پهچي عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو. رابطو ڪرڻ تي ناري جي وارثن ٻڌايو ته نيلان جي 2 سال اڳ پرتاب سان شادي ٿي، غربت سبب زال مڙس وچ ۾ سدائين جهيڙو ٿيندو رهندو هو.

لاش تي سياست فواد چوڌري ئي ڪري سگهي ٿو: مريم اورنگزيب

عمران ٻن پيشين تي ڪاوڙجي پيو، 165 ڀيرا پيش ٿئي ها ته آپگھاتي حملو ڪري ها

لاهور (م ڊ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته فوت ٿيل ماڻهو بابت اهڙو بيان بيمار ذهنيت ۽ بي حسي جي انتها آهي، لاش تي سياست فواد چوڌري ئي ڪري سگهي ٿو،. فواد چوڌريءَ جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته لاش تي سياست فواد چوڌري ئي ڪري سگهي ٿو، اهڙي قسم جو بيان بيمار ذهنيت ۽ بي حسي جي انتها آهي. هن چيو ته عمران خان صاحب ٻن پيشين تي پنهنجي وڪيل کي ڇنڊ پٽي، جيڪڏهن کيس 165 ڀيرا پيش ٿيڻو پوي ها ته آپگهاتي حملو ڪري ها. سندس چوڻ هو ته ميان جاويد جي لاڏاڻي تي عوامي تنقيد کان بچڻ لاءِ ڦڙتيون ڏيکاريون پيون وڃن، نيب کي ڪنهن فرد جي سماجي رتبي، عزت، بيماري ۽ زندگي سان ڪا به دلچسپي ناهي. مريم اورنگزيب چيو ته شهباز شريف لاءِ ميڊيڪل بورڊ جي تجويز تي مجرماڻي دير ڪئي وئي، نيب طرفان ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ ڏيڻ ۾ ڄاڻي ٻجهي دير ڪئي وئي، اهو رويو ڪينسر مان صحتياب ٿيل مريض بابت اختيار ڪيو پيو وڃي، بار بار نيب کي درخواست ڪئي وئي، ٻن کان اڍائي هفتن جي دير جو جواب ڪير ڏيندو. مسلم ليگ ن جي ترجمان چيو ته جيل کاتي جي بي حسي جو رويو نهايت افسوس جوڳو ۽ مذمت جوڳو آهي، احتساب جي نالي تي انتقامي روين جي افسوس جوڳي تاريخ نه لکي وڃي

چڪ ۾ وچ شهر مان هٿياربند واپاري کان لکين رپيا ڦر ڪري فرار

لکي غلام شاھ(رپورٽ فھيم حيدر منگي ) چڪ شھر جي مين بازار ۾ ٽي نامعلوم هٿياربند هندو واپاري پرائمري استاد پريم چند جي ڪريانا اسٽور تي چڙھائي ڪري دوڪاندارمٿان هٿيارسڌا ڪري ورتا .دوڪاندار کان روڪ رقم ڦر ڪري هٿياربند موٽرسائيڪل تي چڙھي فرارٿي ويا .هندو واپاري کان ڦر جي اطلاع تي چڪ پوليس ۽ سوين شھري پهچي ويا .پوليس ۽ واپاري وچ ۾ بند ڪمري ۾ ڳالهيون پوليس واپس ٿي.آخري اطلاعن تائين هندو واپاري کان ٿيل ڦر جوپتو پئجي نہ سگهيو نہ ئي ڪيس داخل ڪيو ويو .ٻئي طرف وچ شھرمان ٿيل ڦرواقعي جي شھرين پاران سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته چڪ پوليس کان ڦرٿيل رقم واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.

پاڻي ڪميشن سربراهه جسٽس(ر) امير هاني مسلم جيڪب آباد پهتو، منصوبن ۾ دير تي عملدارن کي ڇنڊ

تلائن جي ڀڪن ۾ سيمو،انجنيئر ناھيان پر عقل آهي ته هي سڀ ناقص ڪم ٿيل آهي: هاني

امير هاني مسلم ڊي سي، ميونسپل چيئرمين ۽ ٻين کي 29 ڊسمبر تي ڪراچي گھرائي ورتو

جيڪب آباد (ن پ ا) واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس(ر) امير هاني مسلم جيڪب آباد جي پاڻي منصوبن ۾ ناقص مٽيريل استعمال ۽ ڪوتاهين تي ٺيڪيدار سميت سموري عملدارن کي ڪراچي گهرائي ورتو آهي.
جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم جيڪب آباد پهچي کير ٿر تي تلائن جو دورو ڪيو، جنهن دوران آبپاشي سيڪريٽري جمال شاھ، مڪاني ادارن واري سيڪريٽري خالد حيدر شاھ ٻين ساڻس گڏ هئا.
امير هاني مسلم آڏو رهواسين شڪايتون ڪيون ته تلائن جي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب ڀڪون سيمو ڪري رهيون آهن، جنهن تي جسٽس (ر) امير هاني مسلم عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته مان انجنيئر ناهيان، پر ايترو عقل آهي ته هيءَ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ جو نتيجو آهي.
جسٽس(ر) امير هاني مسلم پاڻي منصوبي سان لاڳاپيل ، ٺيڪيدار، ڪنسلٽنٽ، آفيسرن سميت ڊي سي جيڪب آباد ۽ ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين کي 29 ڊسمبر تي ڪراچي طلب ڪري ورتو آهي.

پاڪستان جي سڀ کان ڊگهي شخص نصير سومري جي حالت لاڳيتي خراب

ڪراچي: نصير سومرو اسپتال ۾ داخل آھي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) پاڪستان جو ڊگھو شخص نصير سومرو ساھ جي بيماري سبب 4 ڏينهن کان ڪراچي جي دارالصحت اسپتال ۾ وينٽيليٽر تي پيل آهي. سندس ڀاءُ رياض سومرو جو چوڻ آهي ته انفيڪشن ۽ ساھ جي تڪليف سبب اسپتال داخل ٿيل نصير سومري جي عيادت يا آٿت ڏيڻ لاءِ ڪو به چونڊيل نمائندو ناهي پهتو. نصير سومرو جي ڀاءُ چيو آهي ته 4 ڏينهن کان نصير سومرو وينٽيليٽر تي پيل آهي.

پيپلزپارٽي هميشه عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي: شهلا رضا

ننڍي ڄمار جي شادين جي حوالي سان قانون جي عملداري لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) صوبائي وزير وومين ڊيولپمنٽ شهلا رضا چيو آهي ته پيپلزپارٽي هميشه عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ برابري واري حقن لاءِ جدوجھد ڪئي آهي پيپلزپارٽي عورتن تي تشدد ۽ سندن حقن جي حق تلفي ڪندڙن خلاف سخت قانوني سازي ڪئي آهي ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو عورتن جي حقن جي علمبردار رهي آهي شهيد راڻي جي عورت جي حقن جي فلسفي کي اسين اڳتي کڻي هلي رهيا آهيون اهڙن خيالن جو اظهار هن ميرپورخاص ۾ وومين اينڊ چائيلڊ پروٽيڪشن سيل ۽ وومين ٿاڻي جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو. انهي موقعي تي ڊي آئي جي ميرپورخاص ثاقب اسماعيل ميمڻ، ايس ايس پي عابد بلوچ ۽ ٻيا پوليس عملدار موجود هئا. هن چيو ته عورتن ۽ ٻارن تي تشدد جي واقعن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت ن ڪيو وينديو ۽ ننڍي عمر ۾ شادين جي حوالي سان پاس ٿيل قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قانون مطابق سخت ڪاروائي ڪئي پئي وڃي. انهي موقعي هن ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کي هدايتون ڏيندي چيو ته عورتن ۽ ٻارن تي تشدد، ننڍي عمر ۾ شادين ۽ عورتن کي حراسان ڪرڻ وارن واقعن ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي. انهي موقعي تي ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص صوبائي وزير کي عورتن ۽ ٻارن تي تشدد، عورتن کي جنسي حراسان ڪرڻ وارين شڪايتن، ڪيسن ۽ پوليس پاران ڪيل ڪاروائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني.