fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

نيب نوازشريف کي وٺي اڊيالا رواني، سڀاڻي ڪوٽ لکت منتقلي جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ) نيب ٽيم نوازشريف کي وٺي احتساب عدالت کان اڊيالا جيل رواني ٿي وئي، العزيزيه ريفرنس ۾ احتساب عدالت مان سزا ملڻ کانپوءِ نيب باقائده طور اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف کي حراست ۾ وٺي عدالت کان اڊيالا جيل وٺي وئي، ذريعن موجب نوازشريف کي سڀاڻي صبح جو اڊيالا جيل کان ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو ويندو.

قتل ڪيس خلاف ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان جي درخواست تي ٻڌڻي پهرين جنوري تائين ملتوي

ڪراچي ( ن پ ا ) سنڌهاءَ ڪورٽ ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان جي سزا خلاف اپيل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران عامر خان جي وڪيل عدالت کي تياري لاءِ ڪجهه وقت ڏيڻ جي استدعا ڪئي جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي جنهن کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي .عامر خان جي وڪيل محمود عالم رضوي عدالت کي استدعا ڪئي ته اڄ اسپيشل بينچ ۾ سندس ڪيس لڳل آهي ان ڪري مهرباني ڪري ڪجهه وقت ڏنو وڃي عدالت وڪيل جي استدعا منظور ڪندي ڪيس جي ڪارروائي پهرين جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي .عامر خان جڏهن ايم ڪيو ايم حقيقي ۾ هو ته ان تي ايم ڪيو ايم اڳواڻ انعم عزيز کي قتل ڪرڻ جي ڪيس ۾ سزا ٻڌائي وئي هئي .ڪيس ۾ سزا خلاف عامر خان 2003 ۾ اپيل داخل ڪرائي .

محمد سليم رضا لاڙڪاڻي جو نئون ڪمشنر مقرر

نئين ڪمشنر جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو

سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن کاتي لاڙڪاڻي جي نئين ڪمشنر جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جنهن تحت محمد سليم رضا کي لاڙڪاڻو جو ڪشمنر مقرر ڪيو ويو آهي.
ان کان اڳ ڪشمنر لاڙڪاڻي جي واڌو چارج ڪمشنر سکر رفيق احمد ٻرڙو کي وٽ هئي

پي ٽي آءِ ”نو ايڪشن ٽاڪ اونلي“ واري سرڪار آهي: احسن اقبال

نارروال (م ڊ) ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال تحريڪ انصاف حڪومت کي ”نو ايڪشن اونلي ٽاڪ“ واري سرڪار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي خطاب تي ردعمل ڏيندي اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته عمران خان 3 سئو ڏينهن کانپوءِ به اها ئي تقرير ڪندو، ڀلي سڄي اپوزيشن سان جيل ڀري ڇڏيو، تڏهن به اهي ڊيليور نٿا ڪري سگهن ڇو ته حڪومت وٽ نظريو، صلاحيت ۽ روڊ ميپ ناهي. سندس چوڻ هو ته هن حڪومت 125 ڏينهن ۾ گذريل 10 سالن کان وڌيڪ مهانگائي ڪئي آهي ۽ معيشت جو ڦيٿو جام ڪري ڇڏيو آهي، اهي ن ليگ جا منصوبا پنهنجي کاتن ۾ وجهي حڪومت هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

غريبن جي روح کي قيد ڪرڻ لاءِ به هٿڪڙيون لڳنديون: فواد چوڌري جي تنقيد

طاقتورن جا گهر به جيل قرار ۽ اهي حڪومت جي آڊٽ به ڪري سگهن ٿا: فواد چوڌري

غريبن جا لاش هٿڪڙيون لڳائي پيش ڪيا ويندا ته جيئن ماڻهو عبرت حاصل ڪن: وفاقي وزير جو بيان

اسلام آباد ( م ڊ ) وفاقي وزير فواد چوڌري ملڪ ۾ اميرن ۽ غريبن خلاف ڪاررواين ۾ متڀيد واري صورتحال تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن اوهان امير ۽ طاقتور آهيو ته اوهان جي شاندار بنگلي کي جيل قرار ڏنو ويندو ۽ اوهان حڪومت جي آڊٽ به ڪري سگهو ٿا، پر جيڪڏهن اوهان غريب آهيو ته موت بعد روح کي قيد ڪرڻ لاءِ هٿڪڙيون لڳل لاش نمائش لاءِ پيش ڪيو ويندو.
پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري اپوزيشن ليڊر شهبازشريف جو نالو وٺڻ کانسواءِ تنقيد ڪندي چيو ته جيڪڏهن اوهان امير ۽ طاقتور آهيو ته ڪو مسئلو ناهي، جمهوريت جي وسيع مفادن خاطر وزيرن جي ڪالوني ۾ اوهان جي شاندار بنگلي کي جيل قرار ڏنو ويندو.
شهبازشريف جَي پي اي سي چيئرمين ٿيڻ کانپوءِ واري صورتحال تي ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته جيڪڏهن اوهان امير ۽ طاقتور آهيو ته حڪومت جي آڊٽ به ڪري سگهو ٿا.

ڊاڪٽر جاويد نيب جي حراست ۾ فوت ناهي ٿيو، تشدد جون خبرون ڪوڙيون آهن: نيب ترجمان

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور جي ڪيمپ جيل ۾ ڊاڪٽر جاويد ميان جي فوت ٿيڻ ۽ هٿڪڙيون لڳل لاش جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ قومي احتساب بيورو کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. نيب لاهور ڊاڪٽر فوت ٿيڻ واري معاملي تي وضاحت جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊاڪٽر جايد ميان ڪيمپ جيل لاهور ۾ قيد هو، سندس جڊيشل رمانڊ ورتل هو. نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر جاويد جي طبيعت خراب هئڻ سبب کيس اسپتال آندو ويو، جتي دل جو دورو پوڻ سبب هن دم ڏئي ڇڏيو آهي. نيب ترجمان ڊاڪٽر جي لاش کي هٿڪڙيون لڳل هئڻ واري معاملي تي موقف اختيار ڪيو ته جڏهن به ڪنهن جوابدار کي اسپتال آندو ويو آهي ته کيس هٿڪڙيون هنيون وينديون آهن. هوڏانهن سوشل ميڊيا تي پڌري ٿيل هٿڪڙين واري تصوير تي مختلف ڌرين سان واڳيل ماڻهو تجزين سان گڏ نيب کان سوال به ڪري رهيا آهن. هڪ شهري سوال ڪيو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر جي طبيعت خراب هئي ته کيس هٿڪڙيون ڇو هنيون ويون ۽ نيب ٻڌائي ته دنيا جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ دل جي مرض ۾ مبتلا قيدي جو هٿڪڙيون هڻي علاج ڪيو ويندو.

ڪراچي ۾ ڪارروائي، ڪالعدم تنظيم جا 2 اهم ڪمانڊر گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي بهادر آباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪري ڪالعدم تنظيم سان واسطو رکندڙ 2 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب، بهادر آباد ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران تحريڪ طالبان سوات گروپ سان واسطو رکندڙ ٻن دهشتگردن صابر ۽ رحمت علي کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته دهشتگرد پوليس چوڪي کي ڌماڪي سان اڏائڻ سميت ٻين دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث آهن، جن جي قبضي مان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن.

سٺا ۽ خراب ڏينهن ڏٺا آهن، اسان تيار آهيون: خورشيد شاهه

جي آءِ ٽي وٽ ثبوت ناهن، رڳو غلط ڳالهيون گهڙيون ويون آهن: پ پ اڳواڻ

عدالتي ٽرائل کان اڳ ميڊيا ٽرائل شروع ڪيو ويندو آهي: خورشيد شاهه

پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته جي آءِ ٽي وٽ ڪي به ثبوت ناهن، رڳو غلط ڳالهيون گهڙيون پيون وڃن، عدالتي ٽرائل کان اڳ ميڊيا ٽرائل شروع ڪيو وڃي ٿو ۽ ميڊيا ٽرائل عدالتي ٽرائل کي ٽيڪ اوور ڪري ويندو آهي پر پيمرا خاموش تماشائي بڻيل آهي، مختلف وقتن تي جي آءِ ٽي رپورٽ ليڪ ٿيندي رهي آهي، ڪراچي ۾ آصف زرداري جي پيشي جي موقعي تي بينڪنگ ڪورٽ آيل خورشيد شاهه ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي، پ پ اڳواڻ چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ اسان ناهي ڏٺي، پر پيپلزپارٽي لاءِ هي سڀ ڪجهه نئون ناهي، اسان آمرن جا تجربا ڪيا، فردِ واحد جي تجربن مان به گذريا آهيون ۽ جسٽس منير کان وٺي جسٽس ثاقب نثار تائين سمورن ججز کي ڏٺو آهي، عدليه جا سٺا ۽ خراب فيصلا به ڏٺا آهن، افتخار چوڌري کي به ڏسي چڪا آهيون، جنهن وردي ۾ ڊڪٽيٽر کي آئين ۾ ترميم جي اجازت ڏني، خپرشيد شاهه چيو ته ميڊيا ٽرائل اسان جي وڏي بدقسمتي آهي، جيڪو ماڻهن جو ذهن ٺاهي ڇڏيندو آهي ۽ ميڊيا ٽرائل عدالتي ٽرائل کي ٽيڪ اوور ڪري ڇڏيندو آهي، پر پيمرا خاموش تماشائي بڻيل آهي، خورشيد شاهه چيو ته عدالتي ٽرائل کان اڳ ميڊيا ٽرائل شروع ڪيو ويندو آهي، پابندي باوجود هلندڙ ڪيسز تي تبصرا ٿيندا آهن