fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

هاءِ ڪورٽ بار حيدرآباد جي چونڊ ۾ نثار دراني گروپ ڪامياب، جگديش مولاڻي گروپ کي شڪست

فرهاد ابڙو نائب صدر، احمد عالماڻي خزانچي، ممتاز عالم لغاري اڳ ئي بنا مقابلي جنرل سيڪريٽري چونڊجي چڪو

حيدرآباد: هاءِ ڪورٽ بار جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل اميدوار

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) هاءِ ڪورٽ بار حيدرآباد جي چونڊن جا غير حتمي غير سرڪاري نتيجا اچي چڪا آهن، جنهن تحت حيدرآباد بار ۾ نثار دراني گروپ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، جڏهن ته جگديش آر مولاڻي گروپ کي شڪست ملي وئي. هاءِ ڪورٽ بار جي چونڊ لاءِ ووٽنگ ٿي. جنهن ۾ صدارت جي عهدي تي نثار احمد دراني جگديش آر مولاڻي گروپ کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ورتي. بار جي نائب صدر جي سيٽ تي فرهاد ابڙو عبد الستار سرڪي کي شڪست ڏئي ڪامياب ٿي ويو. خزانچي جي سيٽ تي احمد عالماڻي ڪاميابي ماڻي جڏهن ته محسن رضا گوپانگ کي شڪست ملي وئي. هاءِ ڪورٽ بار جي لائبريري سيڪريٽري جي چونڊ لاءِ چئن اميدوارن ممتاز عالم لاشاري، بلاول بجير، شاهده پروين ۽ ناصر شيخ ۾ مقابلو ٿيو. مقابلي ۾ ممتاز لاشاري لائبريري سيڪريٽري طور ڪامياب ٿي ويو. صدر طور ڪامياب نثار احمد دراني 457 ووٽ کنيا جڏهن ته جگديش آر مولاڻي 153 ووٽ کڻي سگھيو. نائب صدر فرهاد ابڙو 371 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، سندس مقابلي ۾ عبدالستار سرڪي 236 ووٽ کڻي سگھيو. خزانچي لاءِ بشير احمد عالماڻي 318 ووٽ کنيا، محسن رضا گوپانگ 289 ووٽ کڻي سگھيو، جڏهن ته لائبريري سيڪريٽري لاءِ ممتاز لاشاري 222 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. بار جي چونڊ ۾ جنرل سيڪريٽري ممتاز عالم لغاري اڳ ئي بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪو آهي.

ڏوڪري: گهر جي ڀت ڪرڻ سبب ھڪ ٻار فوت، 2 زخمي

ڏوڪري: معظم ۽ شيراز مڱريو زخمي، زخمين کي تعلقا اسپتال منتقل ڪيو ويو

ڏوڪري ۾ ڀت ڪرڻ سبب زخمي ٿيل ٻارڙا

ڏوڪري( ن پ ا) ڏوڪري باءِ پاس لڳ ڳوٺ مڱريا ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب ھڪ ٻار فوت ٿي ويو، جڏھن تھ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ گھر اندر راند کيڏندڙ 12 سالن جو علي ڏنو چنو ڀت جي ھيٺان اچي دٻجي فوت ٿي ويو، معظم ۽ شيراز مڱريو زخمي ٿي پيا. فوتي ٻارڙي جو لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال ڏوڪري منتقل ڪيو ويو. زخمين ۾ ھڪ ٻارڙي جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ سبب لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو. واقعي جو ڪو بھ ڪيس داخل نھ ٿي سگھيو آھي. پوليس جو چوڻ آھي تھ اتفاقي واقعو پيش آيو آھي، فوتي ٻارڙي جي وارثن اڃا تائين ڪو بھ ڪيس داخل نھ ڪرايو آھي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بار جون چونڊون جاري، رڳو 905 وڪيل ووٽنگ لاءِ اهل قرار

ڪيترن ئي سينيئر وڪيلن جا نالا ووٽر لسٽ ۾ شامل ئي ناهن: جگديش مولاڻي صدارتي اميدوار

سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بار جون چونڊون

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بار ايسوسيئيشن جي چونڊ لاءِ پولنگ جاري آهي، صدارتي عهدي لاءِ نثار دراني ۽ جگديش آر مولاڻي وچ ۾ سخت مقابلي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، 2300 کان وڌيڪ وڪيلن مان رڳو 905 وڪيل ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهندا.
هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي پولنگ صبح نائين وڳي شروع ٿيڻي هئي پر ووٽر لسٽ وقت سر نه ملڻ سبب وقت وڌايو ويو، جنهن بعد پولنگ 10 وڳي شروع ٿي، جيڪا شام 6 وڳي تائين جاري رهندي.
هاءِ ڪورٽ بار جي چونڊن لاءِ 2300 کان وڌيڪ وڪيلن مان 905 وڪيلن کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ اهل قرار ڏنو ويو آهي.
صدارتي اميدوار جگديش مولاڻي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪيترن ئي سينيئر وڪيلن جا نالا ووٽر لسٽ ۾ شامل ئي ناهن، جڏهن ته اليڪشن رولز موجب ووٽر لسٽ 2 مهينا اڳ مڪمل ڪرڻي هئي پر هتي ته پولنگ کان رڳو 4 ڪلاڪ اڳ لسٽ جاري ڪئي وئي آهي، اليڪشن ڪميشن کي معاملي بابت درخواست ڏيڻ باوجود ڪو به ڌيان نه پيو ڏنو وڃي.
هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئشن جي صدارتي عهدي تي نثار دراني ۽ جگديش آر مولاڻي وچ ۾ مقابلي جو امڪان آهي، جڏهن ته لائبريري سيڪريٽري لاءِ چار اميدوار ميدان تي لٿل آهن، خزانچي لاءِ بشير احمد عالماڻي ۽ محسن گوپانگ ۾ سخت مقابلي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، چونڊ جو حتمي نتيجو 24 ڊسمبر تي جاري ڪيو ويندو.

ڳڙهي خيري ۾ جيئي بخاري ٽيم ڪوڏي ڪوڏي ٽورنامينٽ ۾ فاتح

فائنل ۾ جيئي بخاري 1-2 رائونڊن تان جيئي نورل شاهه ٽيم کي شڪست ڏني

ڪوڏي ڪوڏي ميچ جا منظر

ڳڙهي خيرو(ن پ ا)ڳڙهي خيري ۾ سنڌ جي ثقافتي راند ڪوڏي ڪوڏي جا بهترين مقابلا ڪرايا ويا. مشهور درگاھ حيدر شاھ بخاري تي ٿيل هڪ ڏينهن واري ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ جئي بخاري ڳڙهي خيرو ۽ جئي نورل شاھ ڏيئا وڏا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويو.
جيئي بخاري ڳڙهي خيري جي ٽيم 1-2 رائونڊن تان نورل شاهه ٽيم کي شڪست ڏئي فائنل کٽي هوڪرا ڪرائي ڇڏيا.
جئي بخاري ڳڙهي خيرو ٽيم ۾ بابو بلوچ،رحمت الله عرف لالو بليدي،ظفر علي دستي،عبداللطيف بليدي،غلام شبير چهواڻ،محبوب علي چهواڻ،ڪوٽڙو ميرجت ۽ مدد علي چهواڻ شامل هئا، جڏهن ته جئي نورل شاھ ڏيئا وڏا ٽيم ۾ علي نواز سهتو،دشان ڏيئو،جانب سهتو،اختر علي کوسو،سيد جهان شاھ،غلام مصطفيٰ شر،دلشاد سهتو ۽ محمد نواز سهتو شامل هئا.
فاتح ٽيم کي ٽرافي ۽ انعامي رقم ڏني وئي، رانديگرن پنهنجي فتح تي شاندار جشن ملهايو.مئچ ڏسڻ لاءِ ڀرپاسي جي علائقن مان سوين شوقين پهچي رانديگرن کي داد ڏنو.

ميرپور ماٿيلو:گهنٽا گهر ويجهو گهڻ ماڙ رهائشي عمارت کي باهه

شهرين پوليس ۽ رينجرز جي مدد سان باهه تي ضابطو آندو،فائر برگيڊ گاڏي دير سان پهتي

رهائشي عمارت کي باهه لڳل

ميرپور ماٿيلو(رپورٽر)ميرپور ماٿيلو شھر جي گھنٽا گھر چوڪ ڀرسان واقع ھڪ گھڻ ماڙ رھائشي عمارت ۾ ڪپيل ڪمار نالي شھري جي فليٽ کي شارٽ سرڪٽ سبب باھ لڳي وئي, جنهن سبب گھر ۾ پيل سمورو آلھ تلھ سڙي رک ٿي ويو, فليٽ ۾ باھ لڳڻ سبب عمارت ۾ رھندڙ ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو ۽ سمورا رھائشي عمارت خالي ڪري محفوظ ھنڌن تي منتقل ٿي ويا، باھ جي واقعي واري اطلاع تي شھري وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا ۽ انهن پوليس ۽ رينجرز سان گڏجي ڏيڍ ڪلاڪ کان پوءِ باھ تي ضابطو آندو, شھر جي مصروف علائقي ۾ باھ لڳڻ باوجود ميونسپل ڪميٽي جي فائر برگيڊ گاڏي ھڪ ڪلاڪ دير سان پھتي, جنهن به جڏھن باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جو پاڻي وارو پائيپ ڦاٽي پيو.