
ڪشمور)رپورٽر) ڪشمور اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اڄ ڇنڇر ڏهاڙي ڪشمور مزاري هائوس پھچندو،ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي جي اڳوڻي ضلعي ناظم سردار سليم جان خان مزاري طرفان مانجھاندي جي ڏنل دعوت ۾ شرڪت ڪندو.

ڪشمور)رپورٽر) ڪشمور اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اڄ ڇنڇر ڏهاڙي ڪشمور مزاري هائوس پھچندو،ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي جي اڳوڻي ضلعي ناظم سردار سليم جان خان مزاري طرفان مانجھاندي جي ڏنل دعوت ۾ شرڪت ڪندو.

ڪراچي(ن پ ا ) تحريڪ انصاف مني لانڊرنگ بابت جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ نالو اچڻ تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، خرم شير زمان چيو آهي ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ڪيرائينداسين، ان لاءِ جيڪو طريقيڪار اختيار ڪرڻو پيو، ڪنداسين.
سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي خرم شير زمان چيو ته سنڌ ۾ به حڪومت ٺاهڻ پيا وڃون، عوام تياري ڪري، پ پ جي حڪومت اسان ڪيرائينداسين، اسان اڪيلا نه هونداسين، سموريون جماعتون گڏ هونديون.
پي ٽي آءِ جي ايم پي ايز ايل سي ايل ۾ نالو اچڻ وارن جا بينڪ اڪائونٽس سيل ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو، حليم عادل شيخ دعويٰ ڪئي ته ڪيترائي پ پ ميمبر پي ٽي آءِ سان رابطي ۾ آهن، تحريڪ انصاف سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ وڃي رهي آهي، حليم عادل شيخ فريال ٽالپر جي زمين واري معاملي تي به عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

خانپور مهر (ن پ ا) اڳوڻو صدر آصف علي زرداري خانڳڙهه پهچي ويو، جتي پيپلز پارٽي جي جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.ڪجھ دير بعد آصف رداري جلسي کي خطاب ڪندو، پ پ ايم پي اي اي علي نواز عرف راجا خان مهر ۽ صوبائي صلاحڪار محمد بخش خان مهربھ جلسي کي خطاب ڪندا .
اسلام آباد (رپورٽر) وفاقي وزير مراد سعيد پ پ چيئرمين جي خطاب تي رد عمل ۾ چيو آهي ته بلاول صاحب “اس طرح تو هوتا هي اس طرح ڪي ڪامون مين” بي رحمي سان ڦرلٽ ڪرڻ وقت اوهان جي والد محترم کي انجام ياد رکڻ گهرجي ها، ناشتي ۽ صدقي جي ٻڪرن جي جعلي اڪائونٽس مان ادائگي جو حوالي ڏيڻ پاڻ هڪ ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ آهي، وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته سنڌ پوليس کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ بلاول جي والد ڪرپشن ۾ رت جي هولي جي کلي ڇوٽ ڏني، بلاول کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان سمجهائي وٺون ٿا ته پاڪستان بدلجي چڪو آهي، هن يچو ته پي پٽ کي ڪجهه ٻيو نظر اچي يا نه اچي اهو ضرور نظر اچي رهيو آهي ته ڪرپشن خلاف ڌرتي تنگ آهي، نئين پاڪستان ۾ قوم جي ڏوهارين سان مفاهمت نه ٿيندي، بلاول صاحب قوم کي ٻڌايو ٿر ۾ موت جي ننگي رقص جو ذميوار ڪير آهي؟ قوم جي هر هڪ ٻار کي جي آءِ ٽي جي رپورٽ پڙهائڻ گهرجي، قوم کي خبر پوي ته ڪيتري بيدردي سان ملڪ کي لٽيو ويو ۽ ادارا تباهه ڪيا ويا.

اسلام آباد (ن پ ا) پاڪستان ڀارتي سفارتي عملي کي اسلام آباد ۾ حراسان ڪرڻ وارن الزام کي رد ڪري ڇڏيو، پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته ويانا ڪنوينشن جو احترام ڪيون ٿا، ڀارتي سفارتڪار پاڪستان ۾ پوري آزادي سان ڪم ڪري رهيا آهن، ڀارتي جيلن ۾ سزا پوري ڪندڙ 45 پاڪستاني قيدين جي واپسي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ دوران پرڏيهي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڀارتي جيلن ۾ قيد 45 پاڪستاني قيدي سزا پوري ڪري چڪا آهن، انهن جي واپسي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، اسلام آباد ۾ ڀارتي سفارتي عملي کي حراسان ڪرڻ وارا الزام بي بنياد آهن، ڀارتي سفارتڪار آزادي سان ڪم ڪري رهيا آهن، پاڪستان ويانا ڪنوينشن جو احترام ڪري ٿو.
هن چيو ته ڪرتارپور راهداري جي اڏاوت جو ڪم تيزي سان جاري آهي، ڀارت سان ڳالهين لاءِ ڪوشش ڪئي پر ڀارت پوئتي هٽي ويو، بنگلاديش جي چونڊن ۾ پاڪستان جي مداخلت جا الزام به بنياد آهن، پاڪستان اهڙن الزامن کي رد ڪري ٿو.
ڊاڪٽر فيصل چيو ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي چار ملڪي دوري جو مقصد پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ آهي، پرڏيهي وزير جي دورن ۾ معاشي سهڪار تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

نئون ديرو (رپورٽر) شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کي 11 ورهيه وهامي ويا. شهيد راڻيءَ کي ياد ڪري اڄ به هر اک آلي نظر آئي. شهيد بينظير ڀٽو جي يارهين ورسي نئون ديرو هائوس ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ورسي جي موقعي تي مزار سامھون وڏو اسٽيج ۽ جلسي گاھ تيار ڪيو ويو آھي، جڏھن ته سنڌ سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان پارٽي ڪارڪنن، جيالن ۽ وڏي انگ ۾ عام ماڻهن جي ڳڙهي خدابخش آمد جو سلسلو جاري آهي، جن ۾ عورتون، مرد، ٻڍا توڙي ٻارڙا شامل آهن. جڏهن ته پري کان ايندڙ ڪارڪنن جي ترسڻ لاءِ ضلعي وائيز ڪئمپون تيار ڪيون ويون آهن. ورسي تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، شهيد راڻيءَ جون نياڻيون بختاور ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداريءَ نئون ديرو هائوس ۾ موجود آهن. ورسي تقريبن جي شروعات ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۽ نئون ديرو هائوس ۾ قرآن خوانيءَ سان ڪئي وئي، ورسيءَ جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مزار تي ايندڙ ڪارڪن قرآن خواني ڪري پنهنجي شهيد قائدين کي لڙڪن، سڏڪن، ۽ دانهن سان ڀيٽا پيش ڪندا. قرآن خوانيءَ بعد لنگر تقسيم ڪيو ويندو، جڏهن ته 1 وڳي پيپلز ڪلچرل ونگ پاران مشاعري جي محفل ٿيندي، جنهن ۾ ملڪ جا ناليوارا شاعر پنهنجي شاعريءَ ذريعي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندا. بعد شام جو ساڍي ٽين وڳي جلسي عام ٿيندو، جنهن کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، اڳوڻو وزير اعظم يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، اعتزاز احسن، سيد خورشيد شاهه، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني، پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، وقار مهدي، ايم پي اي خورشيد جوڻيجو سميت پيپلز پارٽيءَ جا مرڪزي توڙي صوبائي اڳواڻ جلسي کي خطاب ڪندا. مزار تي پهچندڙ ڪارڪن جذباتي انداز ۾ “زندھ ھي بيبي زندھ ھي”، “جب تڪ سورج چاند رھي گا ڀٽو تيرا نام رھي گا”، “بيبي ھم شرمنده ھين تيري قاتل زندھ ھين” جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا جنهن ڪري مزار ڪارڪنن جي آواز سان گونجي اٿي. ٻاهران ايندڙ ڪارڪن پنهنجي محبوب ليڊرن جي مزارن تي پهچڻ بعد جذباتي ٿي وڃن ٿا، مزار جي کاٻي پاسي طبي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي، ورسي جي موقعي تي سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن، نئون ديرو هائوس توڙي ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي سيڪيورٽيءَ لاءِ 7 هزار پوليس اهلڪار ۽ آفيسر، ٽريفڪ، رينجرز، سي ٽي ڊي، آر آر ايف ۽ ايس ايس يو ڪمانڊو کي مقرر ڪيو ويو آهي. مزار جي گيٽ نمبر 8، 9 ۽ 10 تي 25 کان وڌيڪ واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويا آهن جڏهن ته مزار اندر پڻ واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويا آهن جتي ايندڙ ماڻهن کان جهڙتي وٺڻ بعد کين مزار طرف ڇڏيو پيو وڃي. ورسيءَ جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو کي پارٽي جهنڊن، قائدين جي خوبصورت تصويرن ۽ بينر سان سينگاريو ويو آهي.

نئون ديرو(ن پ ا)شھيد راڻي بينظير ڀٽو جي يارهين ورسيء جي موقعي تي ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ۾ مزار جي سامھون واري اڱڻ ۾ مزار ڪاميٽي ۽ پ پ رتوديرو پاران لاهور، ملتان، راولپنڊي، ڊيره غازي خان سميت پوري ملڪ جي جيالن جي رهڻ لاء 200 کان مٿي ڪيمپ لڳايا ويا آھن جن کي پ پ جي جهنڊن ۽ بينرن سان سينگاريو ويو آھي. پاڻي جي سبيل لاءِ 5 ھنڌن تي پاڻيء جا ڊرم رکي 70 کان مٿي ماڻھن کي مقررڪيو ويو آھي.

لاهور (شوبز ڊيسڪ) مشهور پاڪستاني گلوڪار ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ابرار الحق کي وزيراعظم جو ثقافتي صلاحڪار جو عهدو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب ابرار الحق ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪندو. جنهن بعد کيس ثقافتي صلاحڪار جي عهدي ۽ ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو امڪان آهي.
ابرار الحق پاڪستان ۾ پنهنجي فن گلوڪاري سبب تمام گهڻي مشهوري ماڻي، جڏهن ته گلوڪاري سان گڏ هن سياست به پير رکيو. هاڻي هو پاڪستان جي حڪمران پارٽي تحريڪ انصاف سان سلهاڙيل آهي.

لاهور (م ڊ) پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز چيو آهي ته احتساب جي پويان انتقام جي ڌپ اچي ٿي، عمران خان کي سياسي انتقام مهانگو پوندو، وزيراعظم پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ڏسي، کيس ڪرپٽ ماڻهو نظر ايندا.
نيب لاهور ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي حمزه شهباز چيو ته عمران خان جي حڪومت جي قدمن کي ڏسي رهيا آهيون، انتقامي ڪارروايون حڪمرانن لاءِ ڦاهي جو ڦندو بڻجنديون، اهڙو نئون پاڪستان عوام رد ڪري ڇڏيو آهي.
حمزه شهباز وزيراعظم سان مخاطب ٿيندي چيو ته عمران خان صاحب اوهان مسٽر ڪلين ناهيو، سياسي انتقام اوهان کي مهانگو پوندو، جعلي احتساب جو دور گهڻو وقت نه هلندو، اسان ڄمي مقابلو ڪنداسين، عمران خان بني گالا حد دخلين تي قوم کان معافي وٺي ۽ جيڪڏهن همت آهي ته قوم کي حقيقتون به ٻڌائي.
هن چيو ته احتساب جي پويان انتقام جي ڌپ اچي ٿي، عمران خان پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ڏسي، کيس ڪرپٽ ماڻهو نظر ايندا، وزيراعظم هوش کان ڪم وٺي، ،معاشي حالتون خطرناڪ ٿي ويون آهن، ناڻي جي مٽا سٽا جا ذخيرا ڪجهه هفتن لاءِ رهجي ويا آهن ۽ هو احتساب جي پويان پئجي ويو آهي.

اسلام آباد (ن پ ا) آئيسڪو رهتون ادا نه ڪرڻ تان سي ڊي اي چيئرمين جي آفيس، چڪلالا ڪينٽ بورڊ هيڊ آفيس سميت مختلف سرڪاري ۽ نجي عمارتن جا ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا.
اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن جو باقيدارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، آئيسڪو ترجمان موجب سي ڊي اي چيئرمين جي آفيس ڏانهن هڪ ڪروڙ 52 لک رپين جون رهتون آهن، جنهن تان آفيس جو ڪنيڪشن ڪاٽيو ويو آهي.
ترجمان موجب چڪلالا ڪينٽ بورڊ هيڊ آفيس ۽ ڊي جي پي ڊبليو ڊي هيڊ آفيس سميت 10 ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا، ڊي جي پي ڊبليو ڊي هيڊ آفيس ڏانهن 158 ملين رهتون آهن، واسا طرفان 175 ملين مان 35 ملين جون رهتون ادا ڪرڻ بعد بجلي جزوي طور بحال ڪئي وئي.
آئيسڪو چيف شاهد اقبال جو چوڻ آهي ته باقيدارن کان رهتن جي اوڳاڙي تائين بجلي جا ڪنيڪشن ڪٽيل رهندا.

نئون ديرو(رپورٽر) شھيد راڻي بينظير ڀٽو جي يارهين ورسي تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نئون ديرو هائوس پهچي ويو آھي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ نئون ديرو هائوس ۾ ٿيندڙ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندو. جڏھن ته 27 ڊسمبر تي ڳڙھي خدابخش ڀٽو ۾ ورسي تقريب جي جلسي عام کي خطاب پڻ ڪندو. جڏھن ته ورسي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جون نياڻيون بختاور ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري سميت ايم پي اي فريال ٽالپر پڻ نئون ديرو هائوس ۾ پهچي ويون آھن.

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ ۾ جي آءِ ٽي جي رپورٽ پيش ڪرڻ وقت ماڊل ايان علي جو به ذڪر نڪتو، هڪ موقعي تي چيف جسٽس ثاقب نثار ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل بشير ميمڻ کان حيرت مان پڇا ڪئي ته ته هوءَ ايتري ڊگهي وقت تائين ميڊيڪل بنيادن تي ڪيئن پرڏيهه ۾ ترسيل آهي. ”هوءَ (ايان علي) نوجوان ڇوڪري آهي، هوءَ ايتري عرصي کان پرڏيهه ۾ ڪهڙي بيماري جو علاج ڪرائي رهي آهي؟“ واضع رهي ته ايان علي ضمانت تي آزاد ٿيڻ کانپوءِ ڪافي عرصي کان دبئي ۾ ترسيل آهي.

اسلام آباد ( ن پ ا ) نواز ليگ العزيزيه ريفرنس ۾ نوازشريف جي سزا خلاف اپيل داخل جون تياريون تيز ڪري ڇڏيون، نيب طرفان وري فليگ شپ ريفرنس ۾ بريت وارو فيصلو چيلينج ڪيو ويندو.
نوازشريف جي وڪيلن سزا واري احتساب عدالت جي فيصلي خلاف اپيل لاءِ رڪارڊ حاصل ڪري ورتو، هوڏانهن نيب به فليگ شپ ريفرنس ۾ بريت واري فيصلي خلاف درخواست داخل ڪرڻ لاءِ رڪارڊ حاصل ڪيو آهي.
ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته نيب توڙي نون ليگ ٻنهي ڌرين پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪرايون وينديون.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن احتساب عدالت العزيزيه ريفرنس ۾ نوازشريف کي 7 سال قيد ۽ فليگ شپ ريفرنس مان بري ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو هو.

ڪراچي(م ڊ) باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جو 143 هون جنم ڏينهن ملهايو پيو وڃي، ان حوالي سان مزار قائد ڪراچي ۾ گارڊز جي تبديلي جي تقريب ٿي، جتي پاڪستان ملٽري اڪيڊمي جي ڪيڊٽس مارچ ڪيو. تقريب جو خاص مهمان ميجر جنرل اختر نواز مارچ پاسٽ جو معائنو ڪيو، جنهن کانپوءِ پي ايم اي جي چست دستي مزار قائد جي گارڊز جا فرض سنڀالي ورتا. ان موقعي تي دعائون پڻ گهريون ويون. قائد اعظم محمد علي جناح 1876ع ۾ ڪراچي جي وزير مينشن علائقي ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم سنڌ مدرسته السلام مان حاصل ڪئي، ميٽرڪ جو امتحان ممبئي مان پاس ڪرڻ کانپوءِ اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن ويو. محمد علي جناح 1895ع ۾ قانون جي ڊگري به حاصل ڪري ورتي. 1896ع ۾ هن سياسي زندگي جي شروعات انڊين نيشنل ڪانگريس کان ڪئي. 1913ع ۾ هن مسلم ليگ ۾ شموليت ڪئي، قائد اعظم محمد علي جناح پاڪستان جي آزادي لاءِ جاکوڙيو، جڏهن ته سندس لاڏاڻو 11 سيپٽمبر 1948ع ۾ ٿيو.

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف احتساب عدالت جي فيصلي کانپوءِ شاعراڻي انداز ۾ مختصر گفتگو ڪئي، نوازشريف ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ”هم تو هين پٿر کي لوگ، يه دک به سهه لينگي ، جائين تو جائين ڪهان، ڪوئي سنتا هي ڪهان؟“ سندس چوڻ هو ته ڪرپشن نه ڪرڻ تي ضمير مطمئن آهي.