ممبئي (شوبز ڊيسڪ) ماضي جي مشهور اداڪار مٿن چڪرابورتي بيمار ٿي پيو. ڀارتي ميڊيا موجب مٿن چڪرورتي کي 9 سال پراڻو چيلهه جو سور وڌڻ سبب علاج لاءِ آمريڪا منتقل ڪيو ويو آهي. سندس علاج لاس اينجلس جي اسپتال ۾ ڪرايو ويندو. جڏهن ته مٿن جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي، پرکيس چيلهه ۾ تمام گهڻو سور آهي. گذريل 9 سالن کان مٿن کي چيلهه ۽ پٺي جي سور جي شڪايت هئي، ان ڪري کيس 2016 دوران اسپتال ۾ به داخل ڪرايو ويو هو.
عامر خان پاران سلمان خان کي سالگرهه مبارڪ

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار عامر خان سلمان خان کي 53هين سالگرهه تي واڌايون ڏنيون. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار عامر خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي سلمان خان کي جنم ڏهاڙي جون واڌيون ڏيندي نيڪ خواهشن جو پيغام جاري ڪيو.
پيغام ۾ عامر خان لکيو ته ”سلمان سالگره جون تمام گهڻيون واڌايون، هي سال تو لاءِ گذريل سالن کان وڌيڪ بهتري گذري“.
شاهه رخ خان به ”مي ٽو“ مهم تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي
گهرواري سوڌو گڏ ڪم ڪندڙ عورتن جي عزت ڪندو آهيان: شاهه رخ خان

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) مي ٽو مهم بابت ڳالهائيندي بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ چيو آهي ته پنهنجي گهرواري گوري خان ۽ گڏ ڪم ڪندڙ عورتن جي عزت ڪندو آهيان. ڀارتي ميڊيا موجب هڪ انٽرويو ۾ بالي ووڊ ۾ پکڙيل مي ٽو مهم بابت ڳالهائيندي شاهه رخ چيو ته آئون ٽن شين عزت، عزت ۽ عزت تي ڀروسو رکندو آهيان.
هن چيو ته عزت جو مطلب برابري هوندو آهي، منهنجو مقصد سوشل ميڊيا تي هلندڙ هيش ٽيگ واري برابري ناهي.
سندس چوڻ هو ته منهنجي عورت دوستن کي به منهنجي ڪمزورين بابت ڄاڻ هجڻ گهرجي، پنهنجي وڏي پٽ آريان کي عورتن جي عزت ڪرڻ جي نصيحت ڪندو آهيان.
رنوير سنگهه جي ”سمبا“ 4 ڏينهن ۾ 100 ڪروڙ ڪمائيندي

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ جي هن سال جي آخري فلم “سمبا” ريليز ڪئي وئي، فلم ڊسٽريبيوٽرن ۽ تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته فلم 4 ڏينهن ۾ 100 ڪروڙ ڪلب ۾ شامل ٿي ويندي.
ڪرن جوهر جي پراڊڪشن ۽ روهت شيٽي جي هدايتڪاري ۾ ٺهيل فلم سمبا ۾ رنوير سنگهه سان گڏ سيف علي خان جي ڌيءُ ساره علي خان مرڪزي ڪردار نڀايو آهي. ڀارتي ميڊيا جي هڪ رپورٽ موجب فلم ڊسٽري بيوٽر اڪشي راٿي اڳڪٿي ڪئي آهي ته سمبا 3 کان 4 ڏينهن ۾ 100 ڪروڙ جو ڪاروبار ڪري بلاڪ بسٽر ثابت ٿيندي.
هن چيو ته سمبا رڪارڊ ٽوڙ ڪمائي ڪري ڪاميابي جي حوالي سان ”چنائي ايڪسپريس“ کي به مات ڏيندي.
هوڏانهن فلمي پنڊت ترن آدرش فلم کي هر حوالي سان فاتح قرار ڏيندي رنوير سنگهه ۽ روهيت شيٽي جي به واکاڻ ڪئي آهي.
”دي ايڪسيڊنٽل پرائم منسٽر“ ۾ ڪم نه ڪرڻ چاهيو هو: انوپم کير

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار انوپم کير چيو آهي ته فلم “دي ايڪسيڊنٽل پرائم منسٽر“ جو حصو نه ٿيڻ چاهيو هو.
ڀارتي ميڊيا موجب انوپم کير جو چوڻ آهي ته شروع ۾ ڪيترن ئي سبب جي ڪري ان فلم جو حصو نٿو ٿيڻ چاهيو، جن مان هڪ سبب فلم جو سياسي تڪرار هو. هن چيو ته اداڪار جي حيثيت ج۾ ڊاڪٽر من موهن سنگهه جو ڪردار نڀائڻ وڏو چيلنجنگ هو. جڏهن ته فلم جو هدايتڪار وجي رتناڪر آهي، فلم جي ڪهاڻي مايانڪ تيواري لکي آهي.
سنڌ جي البيلي راڳي سرمد سنڌي جي ورسي، سرن ۽ لفظن جي ڀيٽا پيش
حيدرآباد ۾ ٿيل تقريب ۾ تاج جويو، وشنو مل، آڪاش ملاح ۽ ٻين ڀيٽا پيش ڪئي

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ صوفي سنگت پاران تقريب ڪوٺائي سنڌ جي ڀلوڙ قومي راڳي سرمد سنڌي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ صوفي سنگت جي اڳواڻ آڪاش ملاح، تاج جويو، وشنو مل ۽ عمير خواجه سميت چيو ته سرمد سنڌي اسان جو قومي هيرو آهي، سرمد هڪ وڏو فنڪار ۽ هڪ وڏو ڪردار هو جنهن کي هميشه ياد رکيو ويندو.
هنن چيو ته سرمد سنڌي پنهنجي دور ۾ وطن پرستي کي اڀاريو، سندس آواز ۾ سنڌ لاءِ درد هو. هو پنهنجي گيتن ذريعي سنڌ جي غريب ۽ مظلوم ماڻهن جو آواز بڻيو .27 ڊسمبر جي ڏينهن تي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
سندن چوڻ هو ته سرمد سنڌي جي سنڌ لاءِ ڪيل خدمتن کي سلام پيش ڪيون ٿا، سرمد سنڌي سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن سان سچو پيارو ڪندو هو ۽ هن هميشه سنڌ جي سورن کي ڳايو.
هنن چيو ته سرمد سنڌي سان سائين جي ايم سيد ۽ عبدالواحيد آريسر به تمام گهڻو پيار ڪندا هئا ۽ سندس گيت ٻڌندا هئا، هو اسان کان جسماني طور تي وڇڙي ويو آهي پر هو اسان جي دلين ۾ همشه ياد رهندو .
شاهه رخ خان منهنجي پهرين محبت آهي: فاطمه ثنا شيخ
اڄ به شاهه رخ خان سان رومانس ڪرڻ چاهيان ٿي: دنگل گرل
فاطمه ثنا پهريون ڀيرو شاهه رخ خان سان ون ٽو ڪا فور ۾ ڪم ڪيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي دنگل اسٽار فاطمه ثنا شيخ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته شاهه رخ خان سندس پهرين محبت هو ۽ هوءَ ننڍڙائپ ۾ سندس لاءِ روئندو هو. فاطمه ثنا شيخ چيو ته هوءَ ايترو جلدي ڪنهن کي پسند ناهي ڪندي پر شاهه رخ خان جو معاملو الڳ آهي، جڏهن پهريون ڀيرو شاهه رخ خان سان ون ٽو ڪا فور فلم ۾ ڪم ڪيو ته خبر پئي ته هو شادي شده آهي، جنهنڪري منهنجي دل ٽٽي پئي هئي ۽ تمام گهڻو رنو. هن چيو ته شاهه رخ خان سندس پهرين محبت آهي، اڄ به هو ساڻس رومانس ڪرڻ چاهي ٿي، ڇاڪاڻ ته پهرين محبت پهرين محبت هوندي آهي. فاطمه ثنا شيخ چائلڊ اسٽار طور شاهه رخ خان سان ون ٽو ڪا فور ۾ ڪم ڪيو هو.
انيل ڪپور ۽ سونم جي فلم “اڪ لڙڪي ڪو ديکها تو” جون جهلڪيون جاري
انيل ڪپور ۽ سونم ڪپور فلم ۾ پيءُ ۽ ڌيءُ جو ڪردار ادا ڪندي نظر ايندا
پيءُ ڌيءُ پهريون ڀيرو گڏ نظر ايندا، راجڪمار رائو به اهم ڪردار ادا ڪندو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي منفرد اداڪار انيل ڪپور ۽ سندس لاڏلي ڌيءُ سونم ڪپور جي فلم اڪ لڙڪي ڪو ديکها تو” جون پهريون جهلڪيون جاري ڪيون ويون آهن. فلم ۾ انيل ڪپور هڪ فڪرمند پيءُ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ٽريلر موجب سونم ڪپور پنهنجي پيءُ کان ڪو راز لڪائي رهي آهي. فلم ۾ راجڪمار رائو پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جيڪو سونم سان پيار ڪري ٿو پر هوءَ کيس پنهنجو سچ ٻڌائي ڇڏي ٿي. فلم بولڊ موضوع تي ٺاهي وئي آهي، جنهن ۾ سونم ڪپور کي هم جنس پرست جي ڪردار ۾ نظر ايندي. ٽريلر جاري ٿيڻ کانپوءِ لکين ماڻهن ٽريلر کي ڏسي ورتو آهي. فلم ۾ جوهي چاولا به نظر ايندي، جڏهن ته فلم کي ايندڙ سال فيبروري ۾ نمائش لاءِ پيش ڪيو ويندو.
ايڪشن فلمن ۾ مونکي نئين سڃاڻپ ڏني آهي: ٽائگر شيروف
هلندڙ سال منهنجي ڪيريئر جو ڪامياب سال رهيو
ٻن فلمن جي ناڪامي کانپوءِ باغي 2 جي ڪاميابي سڪون ڏياريو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ ٿوري عرصي ۾ ايڪشن فلمن ذريعي پنهنجي سڃاڻپ ٺاهيندڙ جيڪي شيروف جي پٽ ايڪشن هيرو ٽائگر شيروف چيوآهي ته ايڪشن فلمن کيس سڃاڻپ ڏني آهي. سندس چوڻ هو ته 2018ع سال سندس ڪيريئر لاءِ بهترين سال رهيو، ڪيريئر جي شروعات ۾ ناڪام ٿي پر بعد ۾ ايڪشن فلمن سندس ڪيريئر کي سهارو ڏنو. وڏين فلمن ۾ ڪم ڪرڻ سبب ڪاميابي لاءِ پرجوش آهيان. ٽائگر شيروف چيو ته باغي ٿري تيارين جي مرحلي ۾ آهي، کيس اميد آهي ته فلم ڪامياب ٿيندي. ٽائگر شيروف اسٽوڊنٽ آف دي ايئر 2 ۾ اداڪاري جا جلوا ڏيکاريندو جيڪا ايندڙ سال ريليز ٿيندي.
پاڪستان جي پهرين “مسلم عيسائي” گيت ڌوم مچائي ڇڏي
ڪرسمس جي موقعي تي “مسلم ڪرسچن ڪرسمس” گيت ريليز ڪيو ويو
گيت ريليز ٿيندي ئي انٽرنيٽ تي ڌوم مچائي ڇڏي، ماڻهن کي وڻي ويو
ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ عيسائي برادري پاران ڪرسمس وڏي عقيدت، احترام ۽ جذبي سان ملهائي وئي، ان موقعي پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو هڪ مسلم، عيسائي گيت ريليز ڪيو ويو آهي، جيڪو ريليز ٿين کانپوءِ مشهور ٿي ويو آهي. گيت ريليز ٿيڻ کانپوءِ لکين ماڻهو ان کي ڏسي چڪا آهن. مذهبي رواداري جو مثال قائم ڪندي پهريون ڀيرو مسلمان عيسائي ڀائيچاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهو گيت ريليز ڪيو ويو آهي. گيت ۾ مخلتف مذهبن وچ ۾ هم آهنگي تي زور ڏنو ويو آهي. گيت کي مسيحي مشعل ۽ مسلمان حيدر چائو ڳايو آهي. گيت ذريعي پيغام ڏنو ويو آهي ته سڀني جو خدا هڪ آهي، انڪري هڪٻئي سان محبت ذريعي رهڻ گهرجي. گيت کي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو شيئر ڪيو پيو وڃي، جنهن مان ان جي مقبوليت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
دي ليجنڊ آف مولا جٽ ۾ منهنجو ڪردار سڀني کان مضبوط آهي: حمائمه ملڪ
حمائمه ملڪ “دي ليجنڊ آف مولا جٽ” ۾ هڪ شهزادي جو ڪردار ادا ڪندي
منهنجو ڪردار منفرد ۽ وڻندڙ آهي، جيڪو سڀني کي پسند ايندو: حمائمه ملڪ

لاهور (شوبز نيوز) لالي ووڊ توڙي بالي ووڊ ادڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ پاڪستاني خوبصورت اداڪارا حمائمه ملڪ چيو آهي ته پاڪستان جي ايندڙ ميگا بجيٽ فلم“ دي ليجنڊ آف مولا جٽ ۾ سندس سڀ کان سگهارو ڪردار آهي. سندس چوڻ هو ته فلم ۾ هوءَ شهزادي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جنهنڪري شوٽنگ دوران کيس هر پرفيڪٽ رهڻو هو، جڏهن ته سندس خاص ميڪپ هوندو هو، جنهن جو بلال لاشاري پڻ خيال رکندو هو. هن چيو ته فلم ۾ سندس ڪردار منفرد ۽ تمام گهڻو وڻندڙ آهي، جنهنڪري اهو ڪردار سڀني کي پسند ايندو. دي ليجنڊ آف دي مولا جٽ کي ايندڙ سال عيد الفطر جي موقعي تي ريليز ڪيو ويندو. فلم ۾ فواد خان، ماهرا خان، همزه علي عباسي ۽ حمائمه ملڪ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
دپيڪا پڊوڪون جا انسٽاگرام تي 3 ڪروڙ مداح
دپيڪا پريانڪا چوپڙا کانپوءِ وڌيڪ مداح رکندڙ ڀارتي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پڊوڪون انسٽاگرام تي سڀ کان وڌيڪ ٻيو نمبر مشهور ڀارتي بڻجي وئي آهي. انسٽاگرام تي دپيڪا جا 3 ڪروڙ فالوئرز آهن، جڏهن ته پريانڪا چوپڙا دپيڪا کان اڃان تائين اڳتي آهي. 30 ملين فالوئرز ٿيڻ کانپوءِ دپيڪا پاران سوشل ميڊيا تي پنهنجو وڊيو به جاري ڪيو، جنهن ۾ هوءَ مون والڪنگ ڪري رهي آهي. هلندڙ سال کيس ايشيا جي پرڪشش ترين عورت جو اعزاز پڻ مليو، جڏهن ته هوءَ ڀارت ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ عورت اداڪارا پڻ آهي، دپيڪا ايندڙ فلم ۾ لڪشمي اگروال جو ڪردار ادا ڪندي، جنهن کي مگهنا گلزار ڊائريڪٽ ڪري رهي آهي.
سري ديوي جي ننڍي ڌيءُ به بالي ووڊ قدم رکڻ لاءِ تيار
جهانوي ڪپور کانپوءِ خوشي ڪپور به فلمن ۾ ڪم ڪندي
ڪرن جوهر خوشي ڪپور ۽ ميزان جعفري کي ايندڙ فلم ۾ متعارف ڪندو
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مرحوم اداڪاره سري ديوي جي وڏي ڌيءُ جهانوي ڪپور کانپوءِ هاڻي سندس ننڍي ڌيءُ خوشي ڪپور به بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي. ڪرن جوهر پاران نيها ڌوپيا جي شو، نو فلٽر نيها ۾ ڳالهائيندي چيو ته هو ايندڙ سال فلم ٺاهي رهيو آهي، جنهن ۾ خوشي ڪپور سان گڏ جاويد جعفري جو پٽ ميزان جعفري پڻ اهم ڪردار ادا ڪندو. ڪرن جوهر ميزان جعفري بابت ڳالهائيندي چيو ته هن ۾ هڪ اسٽار بڻجڻ جو سموريون خوبيون موجود آهن. ڪرن جوهر چيو ته سندس فلم 2019 ۾ ريليز ٿيندي جنهن ۾ مک ڪردار خوشي ڪپور ۽ ميزان جعفري ادا ڪندا.
ملي سائرس هيمسورٿ سان شادي جي تصديق ڪري ڇڏي
ملي سائرس سوشل ميڊيا ذريعي آسٽريلوي اداڪار سان شادي جي تصديق ڪئي
ليام هيمسورٿ ۽ ملي سائرس آچر ڏينهن شادي ڪئي، خاص تقريب به ٿي

لاس اينجلس (شوبز نيوز) آمريڪي پاپ ڳائڻي ملي سائرس آسٽريلوي اداڪار سان شادي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. سوشل ميڊيا ذريعي جاري ڪيل بيان ۾ ملي سائرس پنهنجي ور سان گڏ مٺي جي تصيور شيئر ڪئي، هن شادي جي حوالي سان تصوير به شيئر ڪئي، جيڪا آچر ڏينهن ٿيڻ جون خبرون ميڊيا تي هلي رهيون آهن. ٻئي ڄڻا ڏهه سال اڳ “لاسٽ سانگ” فلم جي شوٽنگ دوران مليا، جنهن کانپوءِ سندن وچ ۾ لاڳاپن جون خبرون هلنديون رهيون آهن. جوڙي پاران 2012ع ۾ مڱڻي ڪئي هئي پر اها هڪ سال اندر ئي ختم ٿي وئي هئي، پر هلندڙ سال نومبر ۾ هڪڀيرو ٻيهر سندن شادي جون خبرون سامهون آيون هيون.
جيڪو چيو ان تي ڪو به افسوس ناهي: نصيرالدين شاهه
مان پنهنجا چيل لفظ واپس نه وٺندس: نصيرالدين شاهه جو ردعمل
اداڪار جي حمايت ۾ ڪيترائي شوبز ستارا توڙي سياسي اڳواڻ نڪري آيا

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت جي ڀلوڙ اداڪار نصيرالدين شاهه ڀارت ۾ انتهاپسندن جي تنقيد کانپوءِ جواب ڏيندي چيو آهي ته هو پنهنجا لفظ واپس نه وٺندو، هن جيڪو چيو کيس ان تي ڪو به افسوس ناهي. ڪجهه ڏينهن پهريان ڀارت ۾ وڌندڙ انتهاپسندي خلاف ڳالهائڻ تي نصيرالدين شاهه کي انتهاپسندن پاران تنقيد جو نشانو بڻائيندي کيس غدار قرار ڏنو ويو هو، پر سندس حمايت ۾ ڪيترائي اداڪار توڙي سياسي اڳواڻ به ميدان تي آيا. نصيرالدين شاهه چيو ته هن جيڪو چيو ان تي قائم آهي، کيس پنهنجن لفظن تي ڪو به افسوس ناهي.